ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
سائين نثار
ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي۔۔ جنهن ويچاري جي شادي نه ٿي آهي اهو مڙس کي ظالم ۽ زال کي مظلوم چوندو۔۔ ۽ جيڪو ويچارو شادي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي اهو مڙس کي مظلوم سمجهندو۔۔
سچ ته اهو ئي آهي، جيڪو مون ٻڌايو، باقي ڀلي ووٽنگ به ڪرائي ڏسو، ٿي سگهي ٿو، نتيجو ڪجهه ٻيو اچي۔۔
بهرحال سٺي شيئرنگ آهي، مرڪائڻ لاء مهربانيون۔۔
جيڪڏهن پنهنجي پر ۾ ٻئي ظالم ۽ ٻئي مظلوم آهن ته ادا سُلطان اسان ووٽ ڏيڻ وارا ڪهڙي کاتي ۾ اينداسين؟ اهو فيصلو ڪرڻ تمام ڏکيو آهي۔ هن تصوير کي ڏسي ووٽ ڪيو ته ان تصوير ۾ ڪير ظالم آهي ۽ ڪير مظلوم؟۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
پيارا سنڌي ساٿيو ڪڏهن ڪڏهن ظالم مظلوم ته ڪڏهن مظلوم به ظالم ٿي پوندا آهن، زال ۽ مڙس جا تعلقات اجهو هن موڙ تي پُهتا آهن۔ فيصلو توهان تي آهي۔
هن تصوير کي ڏسي جلدي فيصلو ڪيو ته توهان ڪنهن کي ووٽ ڏيندا زال کي يا مُڙس کي
سائين،
منهنجي خيال ۾ مون به اها ئي ڳالهه ڪئي ته جيڪڏهن ووٽ ڏيڻ وارو شادي شده آهي ته مڙس کي ووٽ ڏيندو ۽ جيڪڏهن اڃا بچيل آهي ته زال کي ووٽ ڏيندو۔
جيڪڏهن توهان کي هروڀرو منهنجو ئي ووٽ کپندو آهي ته توهان کي ته خبر آهي ته مان شادي شده آهيان۔ منهنجو ووٽ ته ڳڻي ڇڏيو۔۔۔۔ wslam
هڻان۔۔۔۔۔ نثار صاحب۔۔ يعني توهان کي ڪمپيوٽر تي گهروارا انهيءَ ڪري ويهڻ نه ٿا ڏين۔۔ چئبو ته توهان جي مصروفيات اهي آهن،۔۔۔ منهنجو ووٽ اُن جي خلاف آهي جيڪو وڌيڪ ظالم هوندو hall chari
ادا رنجيت جيڪڏهن ٻئي پنهنجي جاءِ تي سهي آهن۔ ته اسان سڀ پنهنجي جاءِ تي ڇا آهيون؟ پر يار لڳي ٿو ته تون ڇڙو ڀائي آهين آزاد پنڇي آهين۔ تُنهنجو ووٽ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قبول ئي ڪونه ڪبو۔۔۔۔۔۔۔ ها ها ها ها ها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ان تصوير ۾ ٻئي پنهنجي جاءِ تي سهي آهن. ظالم ايترا ظلم ڪيا هوندا جو کيس ظالم ٿو سڏيو وڃي.
الا! ڄامشورائي ۔ اصل وڄائي ڇڏيئي۔ اڄ خبر پئي ته تون ادا رشيد سمون جنهن کي اسين قديم زماني کان جادوگر سڏيندا آهيون ان وانگر تون به ڍارا هڻي ٿو ڄاڻين، جو اندر جون ڳالهيون ڄاڻين ٿو۔ بابلا ، پاسو ڪبو، اصل توکان ڪَنِي ڪنداسين۔ نه ته اسان جا اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا۔ ان کان علاوه توکي شابس آهي جو هن دور ۾ ظالمن جي خلاف ٿو ووٽ ڏين۔ حالانڪه اڄ ڪلهه هرڪو ظالمن جو ساٿاري آهي، مظلومن کي ڪير کنگهي به ڪونه۔ وڌيڪ زماني جو ماڻهو آهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ادا رنجيت جيڪڏهن ٻئي پنهنجي جاءِ تي سهي آهن۔ ته اسان سڀ پنهنجي جاءِ تي ڇا آهيون؟ پر يار لڳي ٿو ته تون ڇڙو ڀائي آهين آزاد پنڇي آهين۔ تُنهنجو ووٽ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قبول ئي ڪونه ڪبو۔۔۔۔۔۔۔ ها ها ها ها ها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين اصل ايئن به نه آهي۔۔ اسين هن زماني جا عام ماڻهو آهيان، جنهن کي نصيب ۾ بُک ۽ بدحالي آهي، ۽ خبر اَٿَوَ ته بُک تي ماڻهو جو دماغ وڌيڪ ڪم ڪندو آهي۔۔ HaqMojood
سائين ظالم جي خلاف ته هر ڪو ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر اڄوڪي دور ۾ چهرن تي نقابن جي ڪري عام ماڻهو ايترو ته پريشان ٿي ويو آهي جو ظالم ۽ مظلوم ۾ فرق نه ٿو ڪري سگهي۔۔ sadayeen gud
سائين اِها مٿين چوڻي تڏهن ٺهڪندي جڏهن بُک اِنتها درجي تي پهچي وڃي۔۔۔ لڳي ٿو اِن چوڻيءَ جي رائج ٿيڻ جو وقت ايندو ٿو ڏسجيپر مٺا مون ته ٻُڌو آهي
بُک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري
هوڏانهن داناءُ بُک جي ڪري ديوانا ٿيو وڃن ۽ تون چوين ٿو ته بُک ۾ ماڻهوءَ جو دماغ وڌيڪ ڪم ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي چهري تي نقابن واري ڳالهه دل کي لڳي۔ بس ائين سمجهه ته ڄامشورائي اها تُنهنجي ڳالهه لک جي ڪروڙ جي پر انمول آهي۔ جُڙيو هُجين شال ۔
مطلب ته اڃان تُنهنجي مُنهنجي ۽ راڄن جي راڄن جي ديواني ٿيڻ جو وقت ڪونه آيو آهي، (هنوز دلي دور است) اڃا ماني ڍئو تي ملي پئي نه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔تو ئي ته بُک بدحالي جو ذڪر ڪيو هو۔سائين اِها مٿين چوڻي تڏهن ٺهڪندي جڏهن بُک اِنتها درجي تي پهچي وڃي۔۔۔ لڳي ٿو اِن چوڻيءَ جي رائج ٿيڻ جو وقت ايندو ٿو ڏسجي
مطلب ته اڃان تُنهنجي مُنهنجي ۽ راڄن جي راڄن جي ديواني ٿيڻ جو وقت ڪونه آيو آهي، (هنوز دلي دور است) اڃا ماني ڍئو تي ملي پئي نه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔تو ئي ته بُک بدحالي جو ذڪر ڪيو هو۔