ڪير ظالم ۽ ڪير مظلوم

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌي ساٿيو ڪڏهن ڪڏهن ظالم مظلوم ته ڪڏهن مظلوم به ظالم ٿي پوندا آهن، زال ۽ مڙس جا تعلقات اجهو هن موڙ تي پُهتا آهن۔ فيصلو توهان تي آهي۔

    [​IMG]

    هن تصوير کي ڏسي جلدي فيصلو ڪيو ته توهان ڪنهن کي ووٽ ڏيندا زال کي يا مُڙس کي
     
  2. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين نثار

    ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي۔۔ جنهن ويچاري جي شادي نه ٿي آهي اهو مڙس کي ظالم ۽ زال کي مظلوم چوندو۔۔ ۽ جيڪو ويچارو شادي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي اهو مڙس کي مظلوم سمجهندو۔۔

    سچ ته اهو ئي آهي، جيڪو مون ٻڌايو، باقي ڀلي ووٽنگ به ڪرائي ڏسو، ٿي سگهي ٿو، نتيجو ڪجهه ٻيو اچي۔۔

    بهرحال سٺي شيئرنگ آهي، مرڪائڻ لاء مهربانيون۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جيڪڏهن پنهنجي پر ۾ ٻئي ظالم ۽ ٻئي مظلوم آهن ته ادا سُلطان اسان ووٽ ڏيڻ وارا ڪهڙي کاتي ۾ اينداسين؟ اهو فيصلو ڪرڻ تمام ڏکيو آهي۔ هن تصوير کي ڏسي ووٽ ڪيو ته ان تصوير ۾ ڪير ظالم آهي ۽ ڪير مظلوم؟۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    ان تصوير ۾ ٻئي پنهنجي جاءِ تي سهي آهن. ظالم ايترا ظلم ڪيا هوندا جو کيس ظالم ٿو سڏيو وڃي.
     
  5. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين،
    منهنجي خيال ۾ مون به اها ئي ڳالهه ڪئي ته جيڪڏهن ووٽ ڏيڻ وارو شادي شده آهي ته مڙس کي ووٽ ڏيندو ۽ جيڪڏهن اڃا بچيل آهي ته زال کي ووٽ ڏيندو۔
    جيڪڏهن توهان کي هروڀرو منهنجو ئي ووٽ کپندو آهي ته توهان کي ته خبر آهي ته مان شادي شده آهيان۔ منهنجو ووٽ ته ڳڻي ڇڏيو۔۔۔۔:D wslam
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڻان۔۔۔۔۔ نثار صاحب۔۔ يعني توهان کي ڪمپيوٽر تي گهروارا انهيءَ ڪري ويهڻ نه ٿا ڏين۔۔ چئبو ته توهان جي مصروفيات اهي آهن،۔۔۔ منهنجو ووٽ اُن جي خلاف آهي جيڪو وڌيڪ ظالم هوندو hall chari
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ير سُلطان صفا زورا وار آهين پِڌر زاد معاشري جو ماڻهو آهين نه تڏهن ته تو زور ”ووٽ ڏيڻ وارو“
    تي رکيو آهي، جيڪڏهن مادر زاد معاشري جو ماڻهو هُجين ها ته لازمي زور ”ووٽ ڏيڻ وارِي“ تي رکين ها۔ فرض ڪر ته ووٽ ڏيڻ وارِي هُجين ها ته پوءِ انصاف واري ساهمي ڪهڙي پاسي تُري ها۔ باقي ڇڙن يا ڇڙِيءَ جي ڳالهه نه ڪر، اهي آزاد پنڇي آهن۔ڇڙو يا ڇڙي سمجهه ته اڃا ميچوئر ئي ڪونه ٿيا آهن۔ ٻي معنى ۾ ائين چئين سگهين ٿو ته اهي اڃان ووٽ ڏيڻ جي قابل ئي ڪونه ٿيا آهن.
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    الا! ڄامشورائي ۔ اصل وڄائي ڇڏيئي۔ اڄ خبر پئي ته تون ادا رشيد سمون جنهن کي اسين قديم زماني کان جادوگر سڏيندا آهيون ان وانگر تون به ڍارا هڻي ٿو ڄاڻين، جو اندر جون ڳالهيون ڄاڻين ٿو۔ بابلا ، پاسو ڪبو، اصل توکان ڪَنِي ڪنداسين۔ نه ته اسان جا اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا۔ ان کان علاوه توکي شابس آهي جو هن دور ۾ ظالمن جي خلاف ٿو ووٽ ڏين۔ حالانڪه اڄ ڪلهه هرڪو ظالمن جو ساٿاري آهي، مظلومن کي ڪير کنگهي به ڪونه۔ وڌيڪ زماني جو ماڻهو آهين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا رنجيت جيڪڏهن ٻئي پنهنجي جاءِ تي سهي آهن۔ ته اسان سڀ پنهنجي جاءِ تي ڇا آهيون؟ پر يار لڳي ٿو ته تون ڇڙو ڀائي آهين آزاد پنڇي آهين۔ تُنهنجو ووٽ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ قبول ئي ڪونه ڪبو۔۔۔۔۔۔۔ ها ها ها ها ها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين اصل ايئن به نه آهي۔۔ اسين هن زماني جا عام ماڻهو آهيان، جنهن کي نصيب ۾ بُک ۽ بدحالي آهي، ۽ خبر اَٿَوَ ته بُک تي ماڻهو جو دماغ وڌيڪ ڪم ڪندو آهي۔۔ HaqMojood
    سائين ظالم جي خلاف ته هر ڪو ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر اڄوڪي دور ۾ چهرن تي نقابن جي ڪري عام ماڻهو ايترو ته پريشان ٿي ويو آهي جو ظالم ۽ مظلوم ۾ فرق نه ٿو ڪري سگهي۔۔ sadayeen gud
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين اوهين زماني جا ماڻهو آهيو ۔۔ صحيح ٿا چئو۔۔۔ رنجيت کي واءُ نه لڳو آهه اڃان۔۔ پر سائين همراهه جنهن ڪم کي هينئر لڳو پيو آهي، مُنهنجي خيال ۾ اُتي کيس جلد ظالم مظلوم جي فرق جو اندازو ٿيڻ گُهرجي۔۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پر مٺا مون ته ٻُڌو آهي
    بُک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري
    هوڏانهن داناءُ بُک جي ڪري ديوانا ٿيو وڃن ۽ تون چوين ٿو ته بُک ۾ ماڻهوءَ جو دماغ وڌيڪ ڪم ڪندو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي چهري تي نقابن واري ڳالهه دل کي لڳي۔ بس ائين سمجهه ته ڄامشورائي اها تُنهنجي ڳالهه لک جي ڪروڙ جي پر انمول آهي۔ جُڙيو هُجين شال ۔
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين اِها مٿين چوڻي تڏهن ٺهڪندي جڏهن بُک اِنتها درجي تي پهچي وڃي۔۔۔ لڳي ٿو اِن چوڻيءَ جي رائج ٿيڻ جو وقت ايندو ٿو ڏسجي
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مطلب ته اڃان تُنهنجي مُنهنجي ۽ راڄن جي راڄن جي ديواني ٿيڻ جو وقت ڪونه آيو آهي، (هنوز دلي دور است) اڃا ماني ڍئو تي ملي پئي نه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔تو ئي ته بُک بدحالي جو ذڪر ڪيو هو۔
     
  15. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين منهجو ووٽ ظالم خلاف آهي
    ليڪن تصوير ۾ مقصد واضح نه آهي لهذا ان بابت فيصلو نه ڏيندس
     
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين هَر شئي پنهنجي حد کان وڌندي پَئي وڃي۔۔۔ ڏسو نه پيا۔۔۔ ماڻهون پنهنجا ٻار پيا وِڪڻن اِن کي چئبو آهي بُکَ بُڇڙو ٽول۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو