غازي حسين
سينيئر رڪن
(ننگرپارڪر بازار، ٿرپارڪر سنڌ)
هي بازار ٻاروتڻ ۾ منهنجي خوابن ۾ اڪثر ايندي هئي جڏهن جواني ۾ رولاڪيون شروع ڪيم تڏهن هڪ لڱا ننگر ۾ صبح جو نيڻ مهٽي جاڳيو هئس، سڄي رات سفر ۽ ڪڪڙن جي دس هڻن ويري ننڊ ڦڻي وئي، جڏهن صبح جو جاڳيو هئس تڏهن ننگر جي نظاري منهنجي نينهن جي شينهن کي مست ڪري ڇڏيو۔(ننگرپارڪر بازار، ٿرپارڪر سنڌ)
بهترين ونڊ ابا!هي بازار ٻاروتڻ ۾ منهنجي خوابن ۾ اڪثر ايندي هئي جڏهن جواني ۾ رولاڪيون شروع ڪيم تڏهن هڪ لڱا ننگر ۾ صبح جو نيڻ مهٽي جاڳيو هئس، سڄي رات سفر ۽ ڪڪڙن جي دس هڻن ويري ننڊ کڻي وئي، جڏهن صبح جو جاڳيو هئس تڏهن ننگر جي نظاري منهنجي نينهن جي شينهن کي مست ڪري ڇڏيو۔(ننگرپارڪر بازار، ٿرپارڪر سنڌ)
مون کي لڳو هي بازار ڏسي ۽ منهنجو شعور ڊوڙ پائيندو رهيو آئون تحت الشعور جي وادي ڏانهن موٽي ويس،ڌنڌلي ياد تان سالن جي دز لٿي
امالڪ ئي رڙ نڪري وئي:اڙي! هي ته اها ئي بازار آهي جيڪا ٻاروتڻ ۾ منهنجي خوابن ۾ اڪثر نظر ايندي هئي
۽ ها لوڪو!
هي بازار جتي مسڪين جهان خان کوسو غريبن کي سيڌو سامان مفت ۾ وٺي ڏيندو هو،
هتي ئي پاسي ۾ نيرولي جو ڪن آهي، جتي ڪپڙن کي نير ڪيو وڃي ٿو۔حليم باغي جو هڪ گيت به هن ئي بازار تي سرجيل آهي
هن بازار جيهي (جهڙي)ٻي بازار غيبي ديري ۾ آهي فرق اهو آهي ته ننگر جي بازار ۾ نينهن جو نظارو آهي ۽ غيبي ديري جي بازار ۾ غم ۽ گوندر جون گهنگهور گهٽائون
لوڪو!
هي غيبي ديري جي بازار آهي
1416 اٽيچمينٽ ڏسو