اڄوڪي ڏينهن 11 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
11 نومبر 1821ع روس جي مشھور ناول نگار دوستو وسڪي روس جي شھر ماسڪو ۾ جنم ورتو.
11 نومبر 1888ع ڪانگريس رهنما ۽ اسڪالر مولانا ابو الڪلام آزاد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 نومبر 1903ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ شيوڪ رام (ٺارو شاھ / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 نومبر 1907ع ليکڪ لوڪرام دوديجا (شڪارپور / پونا) جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1910ع پاٽ شريف سان پهرين سنڌي فلائيٽ پرسر مشتاق چنا جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1916ع موسيقار پير محمد زمان شاھ هاشمي (مٽياري) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 نومبر 1917ع مشھور اديب فارغ بخادي جو جنم ڏينھن آهي.
11 نومبر 1911ع مشهور اداڪار ۽ فنڪار سريندر ناٿ جو جنم ڏينھن آهي.
11 نومبر 1920ع مشھور اديب نصر الله خان جو جنم ڏينھن آهي.
11 نومبر 1921ع ليکڪ، صحافي ۽ مزاح نگار علي احمد بروهي جو ڳڙهي ياسين ۾ جنم ٿيو۔
11 نومبر 1930ع سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي (سيوهڻ / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 نومبر 1936ع فوٽ بال جي بهترين رانديگـر اسـتـاد حبيب الله ڪلهوڙو جنم ٿيو۔
11 نومبر 1945ع شاعر رضا شاھ رضا جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1948ع شاعر يونس کونهارو جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1951ع اداڪاره، ڪٿڪ ۽ ڪلاسيڪل ڊانسر انيلا سندر جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1957ع شاعر منظور قريشي جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1957ع راڳي امير حسن جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1962ع شاعر ليکڪ ۽ ريڊيو سان تعلق رکندڙ سيد ماڪن شاھ رضوي جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1969ع ليکڪ محسن رضا جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1979ع ليکڪ حاجي شاد راڄڙ جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر ناليواري ڪالم نگار ۽ شاعر حسن مجتبى جو جنم ڏينهن پڻ آهي۔
وڇوڙو:
11 نومبر 1938ع بنگال سان تعلق رکندڙ آرڪيالاجسٽ اين جي مجمدار کي ڪاڇي ۾ دڙن جي کوٽائي دوارن نئين گاج ڀرسان ڌاڙيلن اوپرو سمجهي قتل ڪري ڇڏيو.
11 نومبر 1944ع بزرگ سيد محمد اسماعيل المعروف بيرنگ بادشاھ (آرائين) جو انتقال ٿيو.
11 نومبر 1980غ ديني عالم ۽ مفتي حاجي عبدالڪريم لغاري جي وفات ٿي۔
11 نومبر 1984ع راجندر سنگهہ بيديءَ جو وڇورو ٿيو.
11 نومبر 1988ع شاعر سيد گُل حسن شاھ ”مجذوب“ جي وفات ٿي۔
11 نومبر 1999ع سماجي ڪارڪن عبدالرشيد عباسي (پير جو ڳوٺ) جي وفات ٿي۔
11 نومبر 2004ع پي ايل او سربراھ ۽ عظيم اڳواڻ ياسر عرفات جي وفات ٿي۔
11 نومبر 2012ع سابق وفاقي وزير قانون، انساني حقن واري ڪميشن جو چيئرمين اقبال حيدر ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو۔
11 نومبر 2018ع شاعره شاهده کوکر جو انتقال ٿيو.
اڄوڪي ڏينھن جا تاريخي واقعا:
1843ع ــ اڄوڪي تاريخ تي سرچارلس نيپيئر مير سهراب خان ٽالپر بابت دستاويزن جي ڪاپي هندستان جي گورنر جنرل کي اماڻي ڇڏي، اهو تاريخ جو انتهائي اهم دستاويز هو، جنهن ۾ سنڌ جي ورهاست جو فارمولو موجود هو، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائي 2 حصا مير رستم خان حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ حصو مير مبارڪ علي خان ۽ هڪ حصو مير مراد علي خان ٽالپر جي حوالي ڪيو ويو، ان دستاويز ۾ ٽالپر حڪمرانن جي حصي ۾ آيل زمينن ۽ ڳوٺن جا مڪمل تفصيل ڏنا ويا هئا.
1918ع ــ پھرين عالمگير جنگ جو خاتمو ٿيو.
1939ع ــ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ طرفان ٺاهيل مسجد منزل گاهه بحالي ڪاميٽي جي گڏجاڻي سکر ۾ محمد ايوب کهڙي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ مسجد منزل گاهه واري اشو بابت سنڌ حڪومت جي پاليسي جي مذمت ڪئي وئي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته صوبي ۾ 18 آگسٽ تي مسجد منزل گاهه ڏهاڙو ملهايو ويندو.
1950ع ــ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي جي چونڊن لاءِ هندستان مان آيل مهاجرن جي 60 نمائندن پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون، اهي درخواستون سنڌي ماڻهن طرفان داخل ڪرايل درخواستن کان گهٽ نه هيون، ان حوالي سان معاملي تي بحث لاءِ سنڌ مسلم ليگ پارلياماني بورڊ جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت محمد ايوب کهڙي ڪئي.
1954ع ــ اڄوڪي تاريخ تي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ سندس ذيلي تنظيمن کي غير قانوني قرار ڏئي ان جي سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي.
1964ع ــ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد سي او پي جي گڏجاڻي ڍاڪا ۾ گهرائي وئي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اتحاد طرفان گڏجي ايندڙ چونڊن ۾ حصو ورتو ويندو، اتحاد ۾ شامل جماعتن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته منشور ۾ پارلياماني سسٽم لاڳو ڪرڻ، صوبائي خودمختياري ڏيڻ، عدليه جي آزادي ۽ سياسي پارٽين تي لڳايل پابندي ختم ڪرڻ جا نقطا شامل ڪيا ويندا.
1965ع ــ اڄوڪي تاريخ تي مولانا ڀاشاني پاڪستان سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان سينٽو، سيٽو ۽ ٻين فوجي اتحادن مان ٻاهر نڪري اچي.
1972ع ــ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هنگامن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو.
1974ع ــ محمد احمد خان قصوري جو قتل ڪيس ذوالفقار علي ڀٽي خلاف داخل ڪيو ويو.
1950ع – خيرپور رياست پاران پنجاب ۾ آيل ٻوڏ بعد 25 هزار رپين جي امدادي رقم موڪلي.
2004ع – فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن، سندن اڳواڻ ياسر عرفات جي وفات جي تصديق ڪئي. محمود عباس کي پي ايل او جي نئين چيئرمين طور چونڊيو ويو.
2014ع – سکر ويجهو بس حادثي ۾ 58 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
حوالہ:
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
گُل حيات

آخري ترميم: