اسانجي هن اوطاق تي به اسانجا ڪيترائي دوست، فقير، درويش ۽ مست ايندا هيا، پر هاڻ اهي به ڪمپيوٽر جا ماهر ٿي ويا آهن، ۽ جڏهن کان ڪمپيوٽر جا ماهر ٿيا آهن تڏهانڪر اسين سندن ديدار لئه سڪي مئا آهيون ۔۔۔۔ بهرحال الله کين ڪامياب ڪري ۔۔۔ جت به هجن، خوش هجن، آباد هجن ۔۔۔۔
هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔ اسان جو دوست ذيشان رشيد ته رات جو ٽين ٽين بجي تائين پيو جاڳندو رهي ٿو۔ پوء اهو ته ڪو وڏو پهتل درويش هوندو۔ باقي اسان کڻي چيلا سڏرائباسين يا خليفه ۔۔ باقي لينگيوئيج اٿارٽي وارن کي شاباس آهي جو مونکي به ڪمپيوٽر جو ماهر پيا سمجهن۔
هههههههههه ۔۔۔۔ پاڻي جي سيڪ تي ڀر واري زمين به سيڪجي ويندي آهي ۔۔۔ رشيد سان گڏجي اسانکي به مڙئي ماڻهون مهري پيا سمجهن ۔۔۔۔جڏهن رشيد جي ڪلاڪ ڪچهري مان اسين صرف پنج منٽ مستفيض ٿيندا آهيون، باقي ڳالهيون هوا ۾ هليون وينديون آهن ۔۔۔۔ پر پوِ به جن ڇڏي ڀوت ڇڏي رشيد نه ڇڏي ۔۔۔۔ ههههههههههه
ها سائين نثارابڙو توهان درست پيا چئو ذيشان رشيد جي ڪنهن ڳالهه کي وٺي ته پوء جن ء ڀوت به توبهه ڪري ڀڄي ويندا ۔ ههههههههههههههه
سائين وڏا...... ذيشان رشيد ننڍي لاءِ درويش ته ضرور هيو پر هاڻي ڪمپيو ٽر جو ماهر آهي، پوءِ به جس آهي اهڙن درويشن کي جيڪي سڄو وقت قوم کي ڪمپيوٽر ذريعي پل پل لاءِ خبروار ڪن پيا........اها ڄڻ ته انهن لاءِ عبادت ئي آهي....نه ته هن شعر وانگر ته.. جھڳي اسان جي ڪکن پنن جي، تنهن ۾ به نظر آ دشمنن جي، لڪي لڪي ويا وڪوڙي ويري، ڪکن تي ڪوسي رکي ويا ڪيري، ڀُري ڀُري جا ٻري پئي آ، زبان رت سان ڀري پئي آ..
اصل درويشن جو ڪجهه نه ٿيندو۔ بلڪه اصل نقل جو سوال ئي ناهي۔ ٻئي قسمن جا درويش اصلي آهن۔ پر اهو مرتبو ماڻڻ لاءِ ٻنهي جي جدوجهد الڳ الڳ آهي۔ ڏسو نه ٿا۔ هڪ درويش۔ جنهن جي منهن تي سونهاري مبارڪ، الله کي ياد ڪندڙ۔ ڏسندي ئي لڳي ٿو دنيا و مافيها کان پري ۽ بي خبر۔ بس الله الله ۽ گوشه نشيني۔ پر ٻيو درويش جنهن جا هٿ مٿي تي نه پر مٿو ئي ڪمپيوٽر تي آهي۔ اهڙن درويشن کي اهو مرتبو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه گهڻو نه ته به هيٺين شين جي سخت ضرورت آهي۔ هڪ اهڙي نوڪري جنهن ۾ بسترو ۽ آفيس ٽيبل ۾ فاصلو گهٽ هجي چوويهه ڪلاڪ ڊيوٽي ۽ واندڪائي اهڙي جو ڪو ڪم نه هجي جڏهن موقعو ملي ته شادي شده دوستن وٽ وڃي به نِج مرداني چانهه پيئڻ جو موقعو هجي هڪ فورم هلائڻ جي اضافي قابليت وڌيڪ مددگار ٿيندي ايئن نه ذيشان رشيد
جڏهن توهان سنڌسلامت تي ”مست“ ، ”درويش“ ، ”فقير“ لکندا ته توهان سمجهي ويندا اهي هُئا، مست ، درويش سومرو، ڦلپوٽو فقير (اصلي نالن کان آئون به اڻواقف آهيان).. ڪنهن دور ۾ سنڌسلامت جا انتظامي رُڪن هُئا ، پر هاڻ فيسبوڪ جي دُنيا ۾ گُم لڳا پيا آهن.. الئه ڪڏهن ڀيرو ڀريندا.
ها يار سچو آهين .... اهي مست، درويش، فقير ..... سڀ گم ٿي ويا هاڻ فقط سندن يادون بچيون آهن ۽ انهن سان گهاريل ڪي پل، ڪي ملاقاتون آهن