ادا سليمان وساڻ جي ذيشان رشيد درويش آ ته پوء حقيقي درويشن جو ڇا ٿيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔
اسان جو دوست ذيشان رشيد ته رات جو ٽين ٽين بجي تائين پيو جاڳندو رهي ٿو۔ پوء اهو ته ڪو وڏو پهتل درويش هوندو۔ باقي اسان کڻي چيلا سڏرائباسين يا خليفه ۔۔
باقي لينگيوئيج اٿارٽي وارن کي شاباس آهي جو مونکي به ڪمپيوٽر جو ماهر پيا سمجهن۔
سائين وڏا...... ذيشان رشيد ننڍي لاءِ درويش ته ضرور هيو پر هاڻي ڪمپيو ٽر جو ماهر آهي، پوءِ به جس آهي اهڙن درويشن کي جيڪي سڄو وقت قوم کي ڪمپيوٽر ذريعي پل پل لاءِ خبروار ڪن پيا........اها ڄڻ ته انهن لاءِ عبادت ئي آهي....نه ته هن شعر وانگر ته..![]()
اسانجي هن اوطاق تي به اسانجا ڪيترائي دوست، فقير، درويش ۽ مست ايندا هيا، پر هاڻ اهي به ڪمپيوٽر جا ماهر ٿي ويا آهن، ۽ جڏهن کان ڪمپيوٽر جا ماهر ٿيا آهن تڏهانڪر اسين سندن ديدار لئه سڪي مئا آهيون ۔۔۔۔ بهرحال الله کين ڪامياب ڪري ۔۔۔ جت به هجن، خوش هجن، آباد هجن ۔۔۔۔
هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔
اسان جو دوست ذيشان رشيد ته رات جو ٽين ٽين بجي تائين پيو جاڳندو رهي ٿو۔ پوء اهو ته ڪو وڏو پهتل درويش هوندو۔ باقي اسان کڻي چيلا سڏرائباسين يا خليفه ۔۔
باقي لينگيوئيج اٿارٽي وارن کي شاباس آهي جو مونکي به ڪمپيوٽر جو ماهر پيا سمجهن۔
ادا سليمان وساڻ جي ذيشان رشيد درويش آ ته پوء حقيقي درويشن جو ڇا ٿيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪمپيوٽر جا ماهر يا درويش؟ مطلب سمجه ۾ نه آيو؟
جڏهن توهان سنڌسلامت تي ”مست“ ، ”درويش“ ، ”فقير“ لکندا ته توهان سمجهي ويندا
اهي هُئا، مست ، درويش سومرو، ڦلپوٽو فقير (اصلي نالن کان آئون به اڻواقف آهيان).. ڪنهن دور ۾ سنڌسلامت جا انتظامي رُڪن هُئا ، پر هاڻ فيسبوڪ جي دُنيا ۾ گُم لڳا پيا آهن.. الئه ڪڏهن ڀيرو ڀريندا.