ناھيون ذات متعلق چيل چوڻيون ۽ انھن جي اصل حقيقت

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ناھيون ذات متعلق چيل چوڻيون ۽
    انھن جي اصل حقيقت
    غلام مصطفى ناهيون
    پھاڪا ۽ چوڻيون معاشري جون آئينه دار ھونديون آھن. پوءِ ڪي چوڻيون صحيح ۽ صاف عڪس ڏيکارنديون آھن، جن تي قومون ناز ڪرڻ لڳنديون آھن ته ڪي وري ابتو عڪس پسائينديون آھن، جن تي قومون شرمندگي ظاھر ڪنديون رھنديون آھن. سنڌ ۾ تقريبًا ھر ذات ۽ قوم لاءِ جدا جدا علائقن ۾ جدا جدا چوڻيون ۽ پھاڪا آھن، جن پٺيان يا ته سچيون حقيقتون ڇپيل آھن يا وري ڪوڙيون ڪٿائون ڏنل آھن. ناھيون ذات لاءِ پڻ، مختلف علائقن ۾ مختلف چوڻيون چيل آھن. جن مان ڪن جو حقيقت سان گھرو واسطو آھي ته ڪي ھٿ ٺوڪيون آھن. جيڪي ملي سگھيون آھن، سي ھيٺئين ريت آھن:

    ۱. ناھيان نبيءَ جي سڏ تي ڪو نه آيا:
    ھن چوڻي لاءِ روايت آھي ته حضور اڪرم جن (ولادت ۵۷۱ع) مختلف قومن جي ماڻھن کي پاڻ وٽ گھرايو. ڪافي ويا ۽ مسلمان ٿيا. باقي جيڪي نه ويا سي ’نه آيا‘، ’نايا‘ يا ’ناھيان‘ بنجي ويا.
    اصل ۾ ھيءَ ھڪ جڙتو ڳالھ آھي، جنھنجو حقيقت سان ڪو به واسطو ناھي. جيئن ته ناھيون ذات جا ماڻھو، صرف برصغير بالخصوص سنڌ ۾ ٿا رھن ۽ ڪجھ روايتن موجب ته نبي اڪرم جن جي خواھش جي باوجود به سنڌ يا برصغير مان نه آيا، انڪري ناھيون ذات جي ماڻھن جو يا ٻين ذاتين جو ھتان کان وڏي تعداد ۾ عربستان وڃڻ ناممڪن آھي. نڪي وري ڪنھن تاريخي يا اسلامي ڪتاب ۾ ئي اھڙي ڪا گواھي آيل آھي. ان کان علاوه سنڌ جي تاريخ جي ڪتابن موجب ته ھتان جي ماڻھن محمد بن قاسم جي اچڻ کان پوءِ اسلام قبول ڪيو، جنھن جي اچڻ جو سن ۷۱۲ع ٻڌايو ٿو وڃي. يا ان کان به اڳ سنڌ ۾ اسلام اچي چڪو ھو، جڏھن عربن جا ھتان جي ماڻھن سان سمنڊ ذريعي واپاري لاڳاپا ھئا. خود تاريخ سنڌ-۳ مطابق ته سماٽ قوم ۾ چنا ذات وارن سڀ کان پھرين محمد بن قاسم جي ھٿ ھيٺ اسلام قبول ڪيو. ان طرح ھن روايت جي حقيقت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ انجو واسطو ٻين اھڙين گھڻين ڄٽڪين روايتن سان ملي ٿو، جيئن خشڪن ۽ پُسين لاءِ چيو ويندو آھي. اھي ٻئي درياءَ جي ڪپ تي ملھھ وڙھيا ۽ جڏھن ھڪڙو پاڻي ۾ ۽ ٻيو سڪيءَ تي ڪريو ته اھو ۽ ان جا پويان ان نسبت سان خشڪ ۽ پُسيو بنجي پيا.

    ۲. ناھين جي سنجھي جي صلاح ڪانه بيھندي:
    اصل ۾ ھيءَ چوڻي مٿي ذڪر ڪيل ڪلڪان جادوگرياڻيءَ جو ناھين لاءِ چيل ھڪ پاراتو آھي، جيڪو اڄ جي ڪمپيوٽر واري دؤر ۾ سائنس جي پوئلڳن لاءِ صرف ھڪ ھٿ ٺوڪي ڳالھ، وھم يا انڌو عقيدو ھوندي. پر پوءِ به ناھيون ذات جي ڪافي ڳوٺن جا ماڻھو، ھن تي چڱيءَ طرح عمل پيرا آھن. ھو ڪنھن ڪم جو ارادو، ڪو فيصلو، آئيندي جو پروگرام يا ايتري قدر جو سج لٿي کان سانجھيءَ تائين شاديءَ جو ’ونواه‘ يا ٻي تقريب ڪو نه ڪن. ڪافي قدر ڏٺو ويو آھي ته اھڙي وقت دؤران عمل ۾ ايندڙ ڪا ڳالھ يا ايندڙ ڏينھن جو پروگرام صبح ٿيڻ سان ڪنھن نه ڪنھن سبب ڪري، عملدرآمد کان رڪجيو وڃي. انڪري ڪنھن حد تائين چئي سگھجي ٿو ته اھا چوڻي پنھنجي اصلوب ۽ پس منظر ۾ صحيح آھي.

    ۳. ناھيون ۽ نانگ، جتي ڏِس اتي مار
    ۴ .نانگ ڇڏي، ناھيون مار
    ھيءَ چوڻي پاڪستان جي تقريبًا ھر خطي ۾ ساڳئي مفھوم سان، لفظن جي ٿورڙي فرق سان، مختلف قومن لاءِ چئي وڃي ٿي. ضلعي حيدرآباد ۾ ھن چوڻيءَ جو مؤجد يا راوي نواب محمد علي خان لغاري تاجپوري يا نواب نور احمد لغاري خانپوري چيو وڃي ٿو. اصل ۾ اھا حقيقت آھي ته ناھيون ذات جا ماڻھو جتي به آباد ٿيا آھن، اتي پنھنجي مڙسي ۽ ھمت سان، بغير ڪنھن ٻئي جي ڪاڻ ڪڍڻ جي، پنھنجي جداگانه حيثيت سان سينو ساھي رھيا آھن. ان کان علاوه اِھا به ھن ذات جي ماڻھن جي خوبي رھي آھي ته ھنن جي پاڻ ۾ ڪيڏي به عداوت ھوندي پر جڏھن ڌارئين سندن ڪنھن ڀاءُ جو حق ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھڪدم متحد ٿي ويندا ۽ سوڀ حاصل ڪرڻ تائين ھر محاذ تان وڙھندا رھندا. اھو ئي سبب ھو جو ھي مالي طرح ڪمزور ھوندي به تاجپور ۽ خانپور جي نوابن جي، ھتان جي ٻين ذاتين جيان آنڪي نه ڀرڻ ڪري ھميشه سندن ناراضگي جو نشانو بنجندا رھيا.
    ھيءَ چيل چوڻي پڻ اھڙي ئي خلش جو اظھار آھي.

    ۵. ست ناھيان ھڪ لنڊيءَ جا کاڌل.
    جيئن مٿي ذڪر اچي چڪو آھي ته ناھيون ذات جي ماڻھن جي ھڪڙي وڏي خامي اھا آھي جو ھي پاڻ ۾ ھڪٻئي جا بدخواه ۽ آپت جا کوٽا آھن. اھڙي ئي حقيقت جي پس منظر ۾ مٿين چيل چوڻي پڻ آھي. جنھن لاءِ چون ٿا ته ھڪ ڀيري ڪنھن ھنڌان ستن ناھين جو قطار ٺاھي ھڪ ٻئي پٺيان گڏوگڏ گذر ٿيو. رستي تي ڪکن جي ڍڪ ۾ ’لنڊي‘ بلا ويٺي هئي. جنھن اول پھرئين گذرندڙ کي ڏنگيو. ھُن ڏنگ محسوس ڪيو، بلا به ڏٺي پر پوين کي ڪو نه ڏسيو ته جيئن ھو خبردار ٿي وڃن، بلڪ چپ رھيو. اھڙي طرح ٻئي کي به ساڳئي بلا ڏنگيو پر ھو به چپ رھيو. ائين ستن مان ھر ھڪ کي بلا ڏنگيو. آخر ۾ ستين جڏھن دانھن ڪئي ته باقي ڇھن مان ھر ڪنھن چيو ته؛ ان بلا ته مونکي به ڏنگيو. اھڙيءَ طرح ست ئي ھڪ ٻئي جي خيرخواھي ڪرڻ بجاءِ بدخواھي ڪندي مري ويا.

    ٦. ناھين جي پيٽ ۾، ڳالھ رھي نه سگھندي.
    ھي چوڻي به ڪا مصدقہ ۽ ھر حالت ۾ سچ نه ٿي سمجھي سگھجي. بھرحال چون ٿا ته ھڪ دفعي ناھين مان ڪنھن مٿي ذڪر ڪيل ’جيئي شاه‘ جو گھيٽو ڪھي رڌي کائي ڇڏيو.جنھن جو اطلاع ڪنھن اچي ’جيئي شاه‘ کي ڪيو. پاڻ ان ناھين کان پڇيائون. جنھن نه مڃيو. پوءِ پاڻ چيائون؛ ’اندر گھيٽو، ٻاھر اسين. پاڻهي گھيٽو پيٽ اندر ھجڻ جي تصديق ڪندو‘. ناھيون ڪجھ وقت رکي خوف جي ماريي وڃي جيئي شاه وٽ ڀري ڪچھري ۾ اقراري ٿيو.
    ان کان پوءِ مٿين چوڻيءَ کي شھداد فقير واري ڳوٺ مان نڪتل ناھين لاءِ، اڄ به دل اندر ڪنھن راز يا ڳالھ جو گھڻو وقت نه رھڻ، ان پاراتي سان لاڳاپيو ويندو آھي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مون لاء نئين معلومات آهي۔ رياضت سائين اوهان جو ڪم سهڻو ۽ وڻندڙ آهي، اوهان جو سنڌي ٻوليء لاء پيار سچ ته اڻ ميو آهي۔
     
  3. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    مهرباني ادا سليمان وساڻ۔ خوش هجو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو