خاڪي جويو جي انقلابي شاعري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ بيدل بيڪس بيوس طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2012۔

  1. بيدل بيڪس بيوس

    بيدل بيڪس بيوس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2012
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    138
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جده _ سعودي عرب
    سامراجي ڪتا ڀونڪندا ڀل رهن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.
    جنگ جاري رهي ، جنگ جاري رهي،
    ويرين جي مٿان وار ڪاري رهي،
    ڪوبه پرتي نه مزدور هاري رهي،
    ساھ سر جو کڻي سڀ آهو اچن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن. !

    ڏاڍ جي ڏونگرن کي اچو ڏاريون،
    ظالمن ، جابرن کي به للڪاريون،
    ديس تان ڪاريون ڪريون ٽاريون،
    پنهنجا پاريون واعدا ۽ وچن ،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    آءٌ زنجير، زندان ٽوڙي ڇڏيون،
    ڪنڌ مغرور کي اڄ مروڙي ڇڏيون،
    ظلم، بيداد، ناحق نهوڙي ڇڏيون،
    ڏاڍ ـڏونگر ۾ ڏهڪار ڏاڍا پون،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    حق، انصاف جي جنگ جوٽي اسان،
    ظلم، بيداد جي پاڙ کوٽي اسان،
    واڳ ورتي وطن جي ته موٽي اسان،
    گھوريون سنڌ تان مال، ڌن، تن، بدن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    سامراجي ذهن آھ سهڪي اٿيو،
    بم، بارود، گولن سان ٻهڪي اٿيو،
    خون پنهنجو به اڄ آھ ٽهڪي اٿيو،
    ديس دشمن دروهي ڪبو هر دفن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.
    ظلم جي اڄ پهاڙن سان ٽڪراءٌ آ،
    ڏاڍ جي ڏونگرن منجھ ڏهڪاءٌ آ،
    ظلم سان پنهنجو ڪوبه نه ٺهراءٌ آ،
    آھ نعرو اسانجو وطن يا ڪفن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    ڪنڌ پنهنجا وطن تان ڪٽائي ڇڏيون،
    دين دنيا وطن تان لٽائي ڇڏيون،
    پاڻ پنهنجو وطن تان لٽائي ڇڏيون،
    گھوٽ اڻ موٽ ٿي، ريج ريٽا ڏجن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    ڪوڙ ڪٽبو رهي، ڏاڍ ڏرندو رهي،
    منڪر سنڌ مردود مرندو رهي،
    سنڌ ڌرتيءَ جو هانءٌ ٺرندو رهي،
    پير پختا وطن منجھ ، پنهنجا رهن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    ڊوھ ڊهندو رهي، سنڌ ٺهندي رهي،
    وک هر وير جي، اڳتي وڌندي رهي،
    پاڻ کي رهبري راھ ملندي رهي،
    حوصلي سان همراھ هلندا هلن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    آءٌ هر ڪوڙ جو ڪوٽ ڪيري رکون،
    وقت کي پاڻ وٽ پاڻ ڦيري رکون،
    هر لٽيري ۽ غاصب کي گھيري رکون،
    پٺ پاپي ڏئي پوئين پيرين ڀڄن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    ڪنڌ پنهنجو وطن لاءِ قربان آ،
    جان پنهنجي ڏنل ڏيھ کي ڏان آ،
    هي اسان سنڌ وارن جو ايمان آ،
    سنڌ واسي سرن کي نه سانڍي رکن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن

    سيگھ ڪريو ته هر ڊوھ ڊاھي وٺون،
    منزلن جي نئين واٽ ٺاهي وٺون،
    ٻار پنهنجيءَ جي ڳاھ ڳاهي وٺون،
    ديھ وارن سان پنهنجا به داڻا کڄن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    چنگ چارڻ جيان مان وڄايان پيو،
    هر ڳليءَ ڳوٺ ۾ گيت ڳايان پيو،
    لال جھنڊو لهوءَ سان جھلايان پيو،
    سنڌ ڌرتيءَ لئه ڪنڌ ڪرنگھا کپن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    مون کي آهي موهن جي دڙي جو قسم،
    مامتا تان ڪبي جان پنهنجي ختم،
    ڪين پرتي ڪڏهن هڪ به هٽبو قدم،
    امتحانن مٿان امتحان ڀل اچن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    مونکي مڪليءَ، مياڻيءَ جو آهي قسم،
    مونکي ڪينجھر، ڪراچيءَ آهي قسم،
    ڀث جي ڀون ڀلاريءَ جو آهي قسم،
    ڏيھ کي ڏان، ڏھ ڏھ ڏهيسر ڏجن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    مون کي مڪليءَ، مياڻيءَ جو آهي قسم !
    مون کي ڪينجھر، ڪراچيءَ جو آهي قسم !
    ڀٽ جي ڀونءِ ، ڀلاريءَ جو آهي قسم !
    ڏيھ کي ڏان ، ڏهيسر ڏھ ڏھ ڏجن !
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    مونکي ملير جي ماڳ جو آ قسم !
    سنڌ جي سرنهن جي ساڳ جو آ قسم !
    جت جي وڳ جي واڳ جو آ قسم !
    سنڌ جي ساک تان ساھ صدقي ڪجن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن .

    ڪو به رهزن هتي هاڻ رهڻو نه آ،
    ڪو به ظلم ۽ ستم هاڻ سهڻو نه آ،
    ڪنهن به لنگور جو هاڻ لهڻو نه آ،
    غرق غدار ، غاصب وطن جا ڪجن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    عزم دودي دلاور جو دهرائبو ،
    لال جھنڊو لهوءَ ساڻ لهرائبو،
    سنڌ ڌرتيءَ کي سون پهرائبو،
    سنڌ ويڙهي وٺي، سون ورنو ورن ،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    ڪو ڪٽارو کڻي، ڪنڌ ڪوري ڏجي،
    سنڌ جي گود ۾ گھور گھوري ڏجي ،
    حق جو هيءٌ هوڪو نه هوري ڏجي ،
    جابرن جا ڀلي جيءَ جيرا جلن ،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    سنڌ وارا سڄڻ ، هانءٌ هارين متان،
    ڪنهن به ڳاراڻي ۾ ، پاڻ ڳارين متان،
    پنڌ ۾ پير پنهنجا، پٿارين متان ،
    همٿن سان ٿا ، روھ رتيون ٿين،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    پنڌ پنهنجو پهاڙن جو، آهي پري،
    همٿن سان ٿو ڏاڍ، ڏونگر ڏري ،
    ڪوششن سان ٿو ، وقت آخر وري،
    ڪاميابيون اچيو هر قدم کي چمن
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    سنڌ وارا سگھارا، ڪنداسين اسين ،
    ڪي ته وارا ، ڄمارا ڪنداسين اسين ،
    غرق غدار سارا، ڪنداسين اسين،
    سنڌ جي ساٿ سان، ساٿ پنهنجا رهن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    جوت جلندي رهي، مچ ٻرندو رهي،
    سنڌ دشمن سندو، هانءٌ سڙندو رهي ،
    پاڻ پنهنجي ئي ڪيني ۾، ڪڙهندو رهي،
    منزلن ڏي وکون ، پنهنجيون وڌنديون رهن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    رات گذري وڃي ، ڏينهن اڀري اچي ،
    منزلن ڏي قدم ،پنهنجو نڪري اچي،
    ساٿ سرواڻ سوڍن جو ، سنڀري اچي،
    چوڏسن کان فتح جا، نغارا وڄن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    واٽ ورندي رهي، ڏاڍ ڏرندو رهي،
    وقت ويري هيو، پوءِ به ورندو رهي ،
    مڱ منگتو مڱڻهار ، گھرندو رهي ،
    چوريان ڇنگ، ڪاپار ڪوڙين ڪرن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    جو به ويري اسان سان ، وجھي وير ٿو ،
    ڍونڍ جو نيٺ ڍونگي ٿئي ڍير ٿو،
    منهن مقابل مهاڏو ڏئي ڪير ٿو،
    هڪ هاڪار سان ٿا هنبارا هڻن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    مشڪلن مان لنگھي، منزلن کي رسون ،
    ڪيچ ڪوهيار جي ، ڪافلن کي رسون،
    پنهنجي پوين، اڳين سلسلن کي رسون،
    واٽ ۾ واهرو ، جي اسان جا ٿين ،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    ڪيچ وينديس ڪهي، لوڙھ ويندي لهي،
    ظالمن ساڻ ليڪن، نه هلنديس ٺهي،
    ڊوھ ڪڏهن نه ڪڏهن ته ويندا ڊهي،
    ڪين رهندا ڪڏهن ، ڪوٽ ڪارا ڪٺن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    ارٽ اوڏو اچي، ويھ گوڏو ڀڃي،
    سنڌ دشمن ٻڌي اک سان ڇوڏو ڀڃي،
    بد نظر جو ڪڍون پاڻ دوڏو ڀڃي ،
    ويرين جون وطن ڏي نه نظرون کڄن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    سنڌ واسي اٿو ! ، ڏاڍ ڏڪندا رهن ،
    سنڌ مان ڌاريا، دور ڀڄندا رهن ،
    ڪوڙ، ڪهرام ۽ قهر ڪنبندا رهن،
    ڪوٽ سارا ڪرن، ڊوھ سارا ڊهن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    ڏيل ۾ ڏيھ جي ڏات ، ڏاهي ڏٺم،
    سنڌ سرويچ، سورهيه سپاهي ڏٺم،
    ظلم بيداد جي ، ڄڻ تباهي ڏٺ۾،
    لفظ ٺهيو اچن، شعر جڙيو وڃن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    سنڌ واسي او سورهيه، سپوتو اچو !
    ڏاڍ جي لئه وڃو ٿي ڏهيسر ڏچو،
    مست هاٿيءَ جيان مرد مانجھي مچو،
    ڪوڙ ڪهرام جا ڪوٽ قهري ڪنبن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    وير وانگر وري، ويرين تي پئو،
    اڀ ڏاري اڏامي، انهن تي اچو،
    چوڏسن کان وڪوڙي ونگيندا وڃو،
    هڙ هچارن سندا هانءَ ڦاٽي پون،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    مير مهراڻ جا مرد، مانجھي ٿيو !
    سنڌ ٻيڙيءَ سندا، وير وانجھي ٿيو،
    ڀونءِ جا ڀرجھلا، صبح سانجھي ٿيو،
    هڪ هاڪار ڪريو، هچارا هٽن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    سنڌ آزاد گھرجي، سپوتو اٿو !
    بم، بارود، گولا هٿن ۾ کڻو !
    ڪوڙ، ڪهرام تي هاڻ ڪڙڪي پئو!
    ڳاٽ مغرور، آڌو اوهان جي جھڪن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    حال هيڻن جا همراھ، حامي اچو !
    اوچتو اڀ ڏاري اڏامي اچو !
    مشڪلن ۾ مدد لئه، مدامي اچو !
    ڏاڍ ڏاڍا ڏٺا، پنهنجي ڏوٿيئڙن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    ڪاھ ڪريو سگھو، ڪوڙ ڪهرام تي،
    تيز هلندا هلو، هيل هر گام تي،
    ڪنڌ ڪرندا رهن، سنڌ جي نام تي،
    واٽ مان واٽ، وريام ٺاهي هلن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    سنڌ جي صح جو وقت واري اچو !
    منڪر سنڌ مردود، ماري اچو !
    لوڻ ٻرڪي، لتن ساڻ ڳاري اچو !
    لاھ لنگور لوڀين جا نڪري اچن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن

    ڪوبه پرتي ورڻ جي، نه وائي ڪري،
    سنڌ ڌرتيءَ جي اڄ سڻائي ڪري،
    سوڙھ ۾ ويرين جي صفائي ڪري،
    سوڀ سان سنڌ سرواڻ سورهيه ورن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن

    روھ رهزن اٿو! راھ راهي وٺو!
    وک وتري کڻي، يڪ ساهي وٺو!
    ظلمتن جي ڪري اڄ، تباهي وٺو!
    ڪنڌ ڪنهن تي به ڪڏهن، نه ڪانئر کڻن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن

    سنڌ ڌرتيءَ جا سڏ، سڻندا هلو !
    گوڙ، گھمسان سان، گھوٽ گجندا هلو !
    سنڌ جي ويرين ساڻ، وڙهندا هلو !
    ترنگ رت جي تلائن ۾، ترندا رهن !
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    سنڌ جي ساٿ جي واڳ واري اچو !
    ڏاڍ جي ڏونگرن کي به ڏاري اچو !
    ويرين لاءِ ٻارڻ به ٻاري اچو !
    ظلم جي زور جا پاپ پرزا ٿين !
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    زور زندان، زنجير ٽوڙي اچو !
    تير!، توبون ۽ ڀالا ڀروڙي اچو !
    ظلم جو ڳاٽ اوچو مروڙي اچو !
    ڏاڍ ڏونگر ڏڪن، ڏيھ سارا ڏسن !
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    ٻول ٻوساٽ ۾ ڀي ٻڌائي ڇڏيو !
    ظلمتن جي اڏن کي اڏائي ڇڏيو !
    ڪن ڪانئر جا ٻوڙا، برائي ڇڏيو !
    واڄٽن جي مٿان، خوب واڄٽ وڄن!
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    روھ جي راھ رولاڪ راهي اٿو !
    ٻاٽ اوندھ ۾ هر کڏ کاهي اٿو !
    ھر پهاڙي خطرناڪ لاهي اٿو !
    ويڪري وات سان نانگ نيلا سجھن !
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    ڪانئرن تي ڪرن ڪان ڪڙڪو ڪري،
    وير ويڙهاڪ هر وڄ وانگر وري،
    ويرين لئه وطن منجھ ٻارڻ ٻري،
    ٽمڻيون ڌارين لئه هر هنڌ هجن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    ديپ ٻاري کڻو، سنڌ وارا سگھو !
    رات اوندھ ۾ سوجھرو ٿي وڌو !
    ڏيل ڏيئا ڪري، جوت ٻاري جلو !
    راھ روشن ٿئي ۽ انڌيرا هٽن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    ظلم بيداد سان جنگ جھيڙو ڪيو ،
    حق وٺبو ڇني، هل بکيڙو ڪيو،
    تک جي تار مان پار ٻيڙو ڪيو،
    وير جي وهڪرن ساڻ ترها ترن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    سنڌ ڌرتي اوهان کي پڪاري پئي،
    نيڻ کڻيو نماڻا نهاري پئي،
    لڙڪ لاڙي پئي، هنجون هاري پئي،
    وير ويڙهو وڙهڻ لاءِ من ڪي ورن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    ڀاءٌ کي ڀاءٌ ڀاڪر ڀريندو وڃي،
    ڌارين کي ڌڪاري ڌڪيندو وڃي،
    ڏاڍ جي ڏيل کي ڏنڀ ڏيندو وڃي،
    پير پٽ تي نه جيئن پاپين جا کپن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    اڄ مڱڻهار جي منگ آهي مٿا،
    جلد جوڌن جوانن جا جوِڙيو جٿا،
    لال ! لائي ڇڏيو سو سرن جا سٿا،
    هڪٻئي تي ڪروڙين ڪرنگھا ڪرن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    ساٿ ساجھر سويلو سنڀالي هلو،
    هل هنگامان ڪري اڄ هڪالي هلو،
    ڪنڌ ڪرنگھا ڏبا، پاڻ پالي هلو،
    خون کنڀو ڏبو، ڳاٽ ڳاڙها هجن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    جنهن کي چنجور آ، جنهن کي ڪوڏار آ،
    جنهن کي ڏاٽو، ڪهاڙو ۽ ڏندار آ،
    جنهن کي مارو، مترڪو ۽ چونار آ،
    سڀ مزدور هاري پڪاري اٿن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    سنڌ سرواڻ، سرويچ، ساٿي اٿي !
    سنڌ ڌرتيءَ لئه سنڌ واسي اٿي !
    منڪر سنڌ کي مار، مانجھي اٿي !
    ڪين غدار هاڻ هت ٿا کپن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    سنڌ ڌرتيءَ کي سنڌ وارا کپن ،
    پرد مظبوط مانجھي متارا کپن،
    پيل پايا، پهاڙن جا پارا کپن،
    ڏيل جن جا ڏسي ڏاڍ ڏونگر ڏڪن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    سنڌ ڌرتيءَ کي روح راڻا کپن،
    هوڏيل هڏ هالار هاڻا کپن،
    زهر قاتل ڀريل، ٽوھ ٽاڻا کپن،
    ڳاٽ جن جا ڳهر ۾ ڳڱاٽيل هجن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    سنڌ ڌرتيءَ کي بانڪا بهادر کپن،
    ڏاڍ ڏاري رکن، سي ڏهيسر کپن،
    ۽ درياخان، دودا دلاور کپن،
    ڪين غدار هاڻي چنيسر کپن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    سنڌ ارغون، ترخان ڦورن ڦري،
    سنڌ مغل خان خانان، ڦورن ڦري،
    سنڌ مدد خان، افغان ڦورن ڦري،
    سنڌ سائي رهي، ڌوڙ منهن ۾ پين،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    سنڌ ڌاڙيل ! عربي لٽيندا رهيا،
    سنڌ ڪيئي اجنبي، لٽيندا رهيا،
    سنڌ جا ٿي مربي لٽيندا رهيا
    سنڌ کي رهزنيءَ ساڻ لٽيو رهزنن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن !

    سنڌ تهذيب ، تمدن جو گھوار آ،
    سنڌ مظلوم قومن جو مهندار آ،
    سنڌ سنسار ساري جو سينگار آ،
    سنڌ ڌرتيءَ تي جنتون، رشڪ ڪن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    سنڌ سنسار لئه امن پيغام آ،
    ماڻهپو ڀائپي، پيار هت جام آ،
    حق جو سنڌ ، هوڪو ۽ الهام آ،
    سنڌ انسانيت لاءِ درس امن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    سنڌ تان هي جسم جان گھوري ڇڏيان،
    سنڌ تان شوڪت ۽ شان گھوري ڇڏيان،
    سنڌ تان دين ايمان، گھوري ڇڏيان،
    سنڌ محبوب، مطلوب منهنجو وطن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    سنڌ رشڪ عدن، سنڌ رشڪ ارم،
    سنڌ مون لاءِ ڪاشي ۽ ڪعبو حرم ،
    سنڌ ڌرتيءَ اڳيان ڌوڙ آهي ڌرم،
    سنڌ جنت سمان آسماني صحن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    خاڪي جويو
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ تهذيب ، تمدن جو گھوار آ،
    سنڌ مظلوم قومن جو مهندار آ،
    سنڌ سنسار ساري جو سينگار آ،
    سنڌ ڌرتيءَ تي جنتون، رشڪ ڪن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    حب الوطني سان ٽمٽار شاعري ۔۔۔ لک قرب روح تازو ٿي ويو ۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    طويل شاعري
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ تان هي جسم جان گھوري ڇڏيان،
    سنڌ تان شوڪت ۽ شان گھوري ڇڏيان،
    سنڌ تان دين ايمان، گھوري ڇڏيان،
    سنڌ محبوب، مطلوب منهنجو وطن،
    پاڻ کي هاڻ آزاد گھرجي وطن.

    خاڪي جويو جي تمام سٺي شاعري ۔۔۔۔ اسان سڀني جو ساڳيو ئي آواز ۔۔۔۔ آزاد وطن گهرجي، پر افسوس جو اڄ جي قومپرست قيادت سائين جي ايم سيد ۽ خاڪي جويو جي برخلاف اليڪشن ۽ وفاق جي سياست طرف پئي وڌي ۔۔۔۔ جيڪڏهن ان ۾ به ڪا ڀلائي آهي ته واهه واهه ۔۔۔۔ پر اتحاد ۽ ٻڌي شرط آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو