1- جي ڀانئين ته آءُ ماڻهن ۾ عزت وارو ٿي ڏسڻ ۾ اچان ته هميشه ٻئي جو عزت سان نالو وٺي ڳالهاءِ. -حضرت محمد صلعم. 2- سڀ کان وڏي بندگي محنت آهي، جنهن جو ڦل ضرور ملندو آهي ۽ اها ڌڻي پاڪ کي سڀ کان وڌيڪ پسند آهي. -حضرت محمد صلعم. 3- دنيا جي خوشيءَ کي بي بقاءُ سمجهي مٿس بانور نه ڪر ڦونڊجي نه وڃ. سڀاڻي جي خبر نه آهي ته ڇا ٿيندو. -ٽالسٽاءِ 4- ڏينهن اهو چڱو جنهن ڏينهن سٺا ڪم ڪجن. کاڌو اهو چڱو جو ونڊي ورڇي کائجي، علم اهو چڱو جنهن مان نئڙت پرائجي. ماستر اهو چڱو جو ٻارن کي اولاد جيان پاڙهي. -ٻوڌراج. 5- ٿورو ذرو ڪوڙ جو به ماڻهو کي ائين ناس ڪري ٿو جيئن کيرکي هڪ ڦڙو کٽاڻ جو. -مهاتما گانڌي. 1- اهو گهر جنهن ۾ ڪتاب نه هجن، ان جسم وانگر آهي جنهن ۾ روح نه هجي. 2- هرمشڪل انسان جي همت جو امتحان وٺڻ ايندي آهي. 3- ڪڏهن به حوصلو هٿان نه ڇڏڻ گهرجي،حوصلي ۽ مستقل مزاجيءَ سان وڏا وڏا منجهيل مسئلا ٺهيو وڃن. 4- بيشڪ دير تائين سوچيو ليڪن سوچڻ کانپوءِ جيڪو فيصلو ڪريو، تنهن تي اٽل رهو. 5- اوهان پنهنجن وڏن جي عزت ڪريو ته سڀڪو ئي توهان جي عزت ڪندو. 6- علم هڪ وڻ آهي ۽ عمل ان وڻ جو ميوو آهي. 7- ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي، ان جي خدمت ڪري جنت ماڻيو. 1- بي اعتبار شخص فقط اهو نه آهي، جيڪو امانتون کائي وڃي بلڪه اهو به آهي جيڪو ڪنهن جي ڳالهه ٻين سان ڪري 2- پنهنجو پاڻ کي داناءُ نه سمجهه،بلڪه اهو اندازو لڳائيندو ڪر ته تو ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون نادانيون آهن. 3- شاهوڪار فقط ان شخص کي نه چئبو آهي، جنهن وٽ گهڻي دولت هجي بلڪه قناعت ڪندڙ کي به شاهوڪار چئبو آهي. 4- بيوقوف فقط اهو نه آهي، جيڪو جاهل هجي. بلڪه اهو به آهي جيڪو پيسي لاءِ جان قربان ڪري ۽ ان کي خرچ نه ڪري. 5- غريب اهو نه آهي جنهن کي دولت نه هجي پر غريب اهو آهي جنهن کي ڪو دوست نه هجي. 6- فقط اڻپڙهيل بيوقوف نه هوندا آهن پر اهي به بيوقوفن ۾ شمار ڪبا آهن جي علم کي صحيح استعمال نه ڪري ڄاڻن. 7- ڪتاب پڙهڻ وقت تون ان جي زبان ۽ گرامر ڏانهن ڌيان نه ڏي بلڪه ان جي خيالن ڏانهن پورو ڌيان ڏيندو ڪر
خوبصورت اقوال آهن ۔۔۔ عمل سان ئي زندگي سنوربي فقط اڻپڙهيل بيوقوف نه هوندا آهن پر اهي به بيوقوفن ۾ شمار ڪبا آهن جي علم کي صحيح استعمال نه ڪري ڄاڻن. ابا عرس پريو صاحب انهي قول تي مون وانگر پاڻ به غور ڪجان ۔۔۔ اصل دل سان لڳو