سهڻا سخن

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    1- جي ڀانئين ته آءُ ماڻهن ۾ عزت وارو ٿي ڏسڻ ۾ اچان ته هميشه ٻئي جو عزت سان نالو وٺي ڳالهاءِ. -حضرت محمد صلعم.
    2- سڀ کان وڏي بندگي محنت آهي، جنهن جو ڦل ضرور ملندو آهي ۽ اها ڌڻي پاڪ کي سڀ کان وڌيڪ پسند آهي. -حضرت محمد صلعم.
    3- دنيا جي خوشيءَ کي بي بقاءُ سمجهي مٿس بانور نه ڪر ڦونڊجي نه وڃ. سڀاڻي جي خبر نه آهي ته ڇا ٿيندو.
    -ٽالسٽاءِ
    4- ڏينهن اهو چڱو جنهن ڏينهن سٺا ڪم ڪجن. کاڌو اهو چڱو جو ونڊي ورڇي کائجي، علم اهو چڱو جنهن مان نئڙت پرائجي. ماستر اهو چڱو جو ٻارن کي اولاد جيان پاڙهي. -ٻوڌراج.
    5- ٿورو ذرو ڪوڙ جو به ماڻهو کي ائين ناس ڪري ٿو جيئن کيرکي هڪ ڦڙو کٽاڻ جو. -مهاتما گانڌي.

    1- اهو گهر جنهن ۾ ڪتاب نه هجن، ان جسم وانگر آهي جنهن ۾ روح نه هجي.
    2- هرمشڪل انسان جي همت جو امتحان وٺڻ ايندي آهي.
    3- ڪڏهن به حوصلو هٿان نه ڇڏڻ گهرجي،حوصلي ۽ مستقل مزاجيءَ سان وڏا وڏا منجهيل مسئلا ٺهيو وڃن.
    4- بيشڪ دير تائين سوچيو ليڪن سوچڻ کانپوءِ جيڪو فيصلو ڪريو، تنهن تي اٽل رهو.
    5- اوهان پنهنجن وڏن جي عزت ڪريو ته سڀڪو ئي توهان جي عزت ڪندو.
    6- علم هڪ وڻ آهي ۽ عمل ان وڻ جو ميوو آهي.
    7- ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي، ان جي خدمت ڪري جنت ماڻيو.


    1- بي اعتبار شخص فقط اهو نه آهي، جيڪو امانتون کائي وڃي بلڪه اهو به آهي جيڪو ڪنهن جي ڳالهه ٻين سان ڪري
    2- پنهنجو پاڻ کي داناءُ نه سمجهه،بلڪه اهو اندازو لڳائيندو ڪر ته تو ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون نادانيون آهن.
    3- شاهوڪار فقط ان شخص کي نه چئبو آهي، جنهن وٽ گهڻي دولت هجي بلڪه قناعت ڪندڙ کي به شاهوڪار چئبو آهي.
    4- بيوقوف فقط اهو نه آهي، جيڪو جاهل هجي. بلڪه اهو به آهي جيڪو پيسي لاءِ جان قربان ڪري ۽ ان کي خرچ نه ڪري.
    5- غريب اهو نه آهي جنهن کي دولت نه هجي پر غريب اهو آهي جنهن کي ڪو دوست نه هجي.
    6- فقط اڻپڙهيل بيوقوف نه هوندا آهن پر اهي به بيوقوفن ۾ شمار ڪبا آهن جي علم کي صحيح استعمال نه ڪري ڄاڻن.
    7- ڪتاب پڙهڻ وقت تون ان جي زبان ۽ گرامر ڏانهن ڌيان نه ڏي بلڪه ان جي خيالن ڏانهن پورو ڌيان ڏيندو ڪر
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    1- اهو گهر جنهن ۾ ڪتاب نه هجن، ان جسم وانگر آهي جنهن ۾ روح نه هجي.

    تمام سهڻا ٻول ۽ قول ۔۔۔ لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوبصورت اقوال آهن ۔۔۔ عمل سان ئي زندگي سنوربي

    فقط اڻپڙهيل بيوقوف نه هوندا آهن پر اهي به بيوقوفن ۾ شمار ڪبا آهن جي علم کي صحيح استعمال نه ڪري ڄاڻن.

    ابا عرس پريو صاحب انهي قول تي مون وانگر پاڻ به غور ڪجان ۔۔۔ اصل دل سان لڳو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تمام پيارا ۽ سهڻا قول ، الله پاڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو