ايس ايم درس
سينيئر رڪن

ڪراچي لوڪل گورنمينٽ آرڊينينس 2012 جي خلاف سنڌ جي اديبن، دانشورن، صحافين ۽ قلمڪارن جي شروع ڪيل جدوجهد جي سلسلي ۾ڪراچي پريس ڪلب کان سنڌ اسيمبلي بلڊنگ تائين احتجاجي انساني زنجير ٺاهي وئي جنهن ۾ سڄي سنڌ مان سوين شاعرن، اديبن، دانشورن، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي فردن شرڪت ڪئي. انهيءَ موقعي تي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي ٻاهران سنڌ جي قلمڪارن حڪمرانن تي واضح ڪيو ته هو سنڌ جي وحدت خلاف سازشون هر گز ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. ان موقعي تي سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم جي پاران جاري ڪيل پريس رليز ڪراچي: سنڌ جي اديبن، دانشورن، صحافين ۽ سول سوسائٽيءَ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊينينس 2012 جي خلاف احتجاجي انساني زنجير ٺاهي، ڀرپور احتجاج ڪيو آهي. اڄ آچر ڏينهن 11 نومبر 2012 تي سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪراچي پريس ڪلب کان سنڌ اسيمبلي بلڊنگ تائين احتجاجي انساني زنجير ۾ سنڌ جي ناميارن اديبن، دانشورن، صحافين ۽ ليکڪن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي انساني زنجير ۾ بينر کڻي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ دشمن لوڪل گورنمينٽ آرڊينينس کي ختم ڪيو وڃي. سنڌ جي وحدت خلاف سازشون ختم ڪيون وڃن. صدر زرداري سنڌ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي ۽ صدر زرداري سنڌ کي وڪرو ڪري رهيو آهي. انساني زنجير ۾ شريڪ ٿيندڙن پنهنجي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون هيون ۽ پلي ڪارڊ کنيا هئا. احتجاجي انساني زنجير جي پڄاڻيءَ تي اديبن دانشورن، صحافين ۽ ليکڪن سنڌ اسيمبليگيٽ تي ڌرڻو هنيو. جتي جناب مشتاق ميراڻي، ذوالفقار هاليپوٽو، دستگير ڀٽي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، سنڌيڪا اڪيڊمي جو چيئرمين نور احمد ميمڻ ، آڪاش انصاري، اشتياق انصاري ۽ ٻين مقررن خطاب ڪندي سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊينينس 2012 جي فوري طور واپسيءَ جو مطالبو ڪيو. اديبن چيو ته هن ساڳي سنڌ اسيمبليءَ سنڌ جي عوام خلاف ون يونٽ جو بل پاس ڪيو هو ۽ سنڌ جي عوام توڙي اديبن ان کي قبول نه ڪيو، ۽ هڪ ڊگهي جدوجهد جي نتيجي ۾ حڪمرانن کي آخرڪار ون يونٽ ختم ڪرڻو پيو هو. اڄ ساڳي سنڌ اسيمبليءَ سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊينينس 2012 ذريعي سنڌ جي وحدت خلاف سازش ڪئي آهي. اڄ سنڌ جو سياسي ڌريون، سنڌ جا اديب ۽ دانشور ۽ سنڌ جو عوام سراپا احتجاج آهي. اسان سنڌ جا قلم ڪار هن ساڳي سنڌ اسيمبليءَ جي سامهون حڪمرانن کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته نئين مڪاني نظام کي بالڪل برداشت نه ڪيو ويندو. ۽ هن سنڌ دشمن آرڊينينس جي خلاف اسان جي جدوجهد جاري رهندي. اديبن ۽ دانشورن محرم جي ڏينهن کان پوءِ سنڌ جي سڀني شهرن ۾ هن نظام جي خلاف طرحي مشاعرن سڏائڻ جي ڪوٺ ڏني ۽ ڪراچيءَ ۾ اديبن ۽ دانشورن جي عوامي اسيمبلي سڏائڻ جو پڻ اعلان ڪيو.
سنڌي بي بي سي جي سائيڊ تان کنيل