شايد ... غزل ... شمشيرالحيدري

نثارابڙو

نائب منتظم
548983_10151245464503948_2073213874_n.jpg

اڄ منهنجي اڱڻ منهنجا محبوب اچن شايد!
ورهيــن جي وڇوڙن جا سڀ سور لهــن شايد!
ماحول جي مستيءَ ۾ مرڪن سان مليون سرڪون،​
روحن جـــــا اهي ريـــلا چاڻـــــڊاڻ گهــــرن شـــايــد!​
هڪ وار ته دل کولي هر ڳالهه چئي ڇڏبي،​
انصاف جـي اکين مان ڳوڙها به ڳڙن شـايد!​
خالي به ڪريو جلدي انصاف جي مسند کي،​
مظلــوم اچي پهتا، حقــدار هجـــن شـايـــد!​
ڌرتيءَ جو دلاور اڄ تارن تي سوار آهي،​
انسان جي عظمت جا اعلان هجن شايد!​
ابليس کي چئي ڇڏيو ، سجــدي جـي تياري ڪر،​
دنيــا تي “ انـا الــحق ” جا اســرار کُلـــن شايد!​
سوريء تي سڏڻ وارا ! هڪ ڳاله ته سوچي ڇڏ،​
مقتـــل ۾ اچــــڻ وارا منصــــور هجـــن شايــــد!​
بلبـــــل جي بيــــانــن تي برهــــم نه ٿيڻ گهرجــي،​
آئنــــده بهـــــارن جــــــا پيغـــــام هجــن شايـــد !​
 
بلبـــــل جي بيــــانــن تي برهــــم نه ٿيڻ گهرجــي،
آئنــــده بهـــــارن جــــــا پيغـــــام هجــن شايـــد !


سنڌ جي هڪ عظيم شاعر ۽ ليکڪ جو شاندار غزل، جنهن جو هر بند لاجواب آهي، هر سٽ ۾ گهرائي آهي۔ اوهان سندس مٿين ٻن سٽن کي ئي ڏسو ۔۔۔۔۔ ڇا ته معنى سمايل آهي۔۔۔!!!
 
Back
Top