صوفي شاه عنايت شهيد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ بيدل بيڪس بيوس طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2012۔

  1. بيدل بيڪس بيوس

    بيدل بيڪس بيوس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2012
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    138
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جده _ سعودي عرب
    صوفي شاه عنايت شهيد
    الله جو اهڙو ڪامل ولي جو اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو ان جي خبر جڏهن سنڌ جي ماڻهن تائين پهتي ته سنڌ ۾ مٿي بيان ڪيل حالتن ۾ گهاريندڙ غريب پنهنجي اندر جي اڃ ۽ ڏکن ۽ سورن جو درمان ڳولهڻ لاءِ ميرانپور جو رخ ڪيو. ميرانپور ۾ حضرت شا
    هه شهيد جن ۽ سندن طالبن جو مسڪن ماڻهن لاءِ بنا ڪنهن رنگ، ذات، نسل ۽ مذهب جي فرق جي محبت جو مانڊاڻ ٿي پيو. جتي ڀانڊارو هليو ٿي جتان ميرانپور ۾ موجود اها سڄي فقراه کائيندي هئي جيئن ته ڏينهن به ڏينهن اهڙي محبت واري مسڪن ۾ ماڻهن جو اضافو ٿيندو ويو ماڻهو پنهنجي ڪٽنبن سان لڏي اچي ميرانپور ۽ ان جي آس پاس آباد ٿيا. ميرانپور جي آس پاس جون غير آباد زمينون آهستي آهستي آباد ٿيڻ لڳيون سنڌ ۾ رائج طريقي موجب فقيرن جي آباد ڪيل زمينن مان آيل اپت کڻي ڀانڊاري تي آيا ٿي، تڏهن حڪم ٿيو ته ” جو کيڙي سو به کائي“ اهو ئي وقت هو جڏهن دنيا ۾ پهريون دفعو ڌرتي جو سينو کيڙي ان اپائيندڙ هاري جو ان اپت تي حق تسليم ڪيو ويو. حق جي واصل انهي الله جي ڪامل ولي جي انهي فيصلي حرس ، حوس، ڏاڍ، جبر، طاقت تي مشتمل سماج جي ٿنڀن جاگيردارن، پيرن ۽ حڪمرانن جي مقرر ڪيل نوڪرن جي صاحبي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو. ۽ هن ملڪ جي غريب مزدور، هاري، محنت ڪش کي اها ضمانت ڏني ته بنا ڪنهن تفريق جي خدا جي هن زمين تي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ اپت تي ان جو حق آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صوفي شاهه عنايت شهيد، سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو باني آهي، جنهن کيڙو سي کائي جو نعرو ڏئي اصل ۾ شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪئي۔ سنڌ کي اهڙين هستين تي ناز آهي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]

    تنوير عباسي
    شاه عنايت صوفي وقت جي مشهور معروف مخدوم صدو لانگاه جي خاندان مان هو. مخدوم صدو لانگاه وڏو توڪلي مڙس هو، ايتريقدر، جو رات جو دلن ۽ مٽن جو پاڻي به هارائي ڇڏيندو هو ۽ ”سڀاڻي جا نصيب سڀاڻي سان“ جي ...چوڻيءَ مطابق ٻئي ڏينهن ڪجهه به ڪين رکندو هو. سندس بزرگيءَ ۽ ولايت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي ٿو سگهجي، جو مٽياريءَ جي مشهور سادات سيد عبدالڪريم جهڙا به سندس مريديءَ ۾ داخل هئا.
    شاهه عنايت صوفي جي والد بزرگوار جو نالو مخدوم فضل الله هو. جيڪو پڻ پنهنجي وقت جو وڏو درويش هو. هن پنهنجي سموري زندگي گوشهءِ نشينيءَ ۾ گذاري ڇڏي، سندس ڏاڏو ملا يوسف ۽ پڙڏاڏو ملا شهاب الدين به بامعرفت بزرگ ۽ خدا جا صالح بندا هئا. تنهن کان اڳ سندس تڙڏاڏو ملا آجب بن مخدوم صدو لانگاهه پڻ ڪامل ۽ ڪرامتن جو مالڪ ٿي گذريو هو. اهڙيءَ طرح ائين کڻي چئجي ته شاهه عنايت صوفي پنهنجي خانداني شجري جي لحاظ کان ”تاڃيءَ پيٽي پٽ“ هو ته وڌاءُ نه ٿيندو.
    شاهه عنايت صوفيءَ حق جي ڳولا ۾ وڏا سفر ڪيا ۽ ڪافي عرصي کان پوءِ دکن پهچي ويو، جتي شاهه عبدالملڪ سان ملاقات ٿيس ۽ سندس حڪم مطابق وڏيون رياضتون ڪيائين. ’ظاهري علمُ، شاهه غلام محمد کان حاصل ڪيائين،‘ جنهن جي مسند شاهه جهان آباد هئي. اڳتي هلي جڏهين شاهه عنايت صوفي پنهنجي مرشد شاهه عبدالملڪ کان معرفت وارو اعلى رتبو حاصل ڪيو ۽ کائنس اجازت حاصل ڪري اچي ٺٽي ۾ رهيو ته ’شاهه غلام محمد به سندس خدمت ۾ پهچي ويو. اهو انهيءَ ڪري جو هي ظاهري علم ۾ جيتوڻيڪ شاهه عنايت جو استاد هو، پر معرفت جون منزلون شاهه عنايت جي ذريعي ئي طئي ڪيون هئائين. شاهه غلام محمد شاهه عنايت جي آڏو ايڏو ته عجز ۽ نياز اختيار ڪندو هو، جو آخرڪار ٺٽي جي ظاهر ٻين عالمن شرعي عدالت قائم ڪري کيس تعزير ڏنو. آخرڪار مرشد جي ارشاد مطابق، واپس شاهه جهان آباد هليو ويو. جتي هن درويشيءَ جي هڪ وڏي خانقاهه قائم ڪئي ۽ اتي ئي انتقال ڪيائين. هزارين انسان کانئس فيضياب ٿيا.
    ٺٽي کان پوءِ شاهه عنايت صوفيءَ اچي ميران پور ۾ رهيو. جنهن کي اڄ ڪلهه ”جهوڪ شريف“ ٿا سڏين. هتي سندس پيري مريديءَ جو سلسلو تمام وڌي ويو. سندس مريدن جي منزلت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي ٿو سگهجي، جو شاهه اسماعيل صوفي ۽ مير جانشاهه محمد رضوي بکريءَ جهڙا به شامل هئا. مير محمد بکري، جيئن سندس قصيدي مان ظاهر آهي، حضرت شهباز قلندر تي به حاضري ڏني، پر سندس دلجوئي ڪانه ٿي:
    به سيوستان رسيده دردمندي
    طلبگار جمال بوشمندي
    تماشائي قلندر کرده آنجا
    هوائي فقر در سر ڪردم آنجا

    بس ديدم در آنجا هائي هوئي
    نديم از گل مقصود بوئي
    نديدم مرهم آنجاريش دل را
    سرا سيمه کشيده سر بصحرا

    ترجمو: آءُ نهايت ئي دردمند دل سان سيوهڻ پهتس، تاڪه دانشمنديءَ جي سهڻي شاهني منزل کي حاصل ڪريان. اُتي مون کي قلندري نظاري پسڻ جو شرف حاصل ٿيو. ۽ گڏوگڏ فقيري ڦندن کي دل ۽ دماغ ۾ سميٽي ڇڏيم. ظاهري شور شار ۽ هل هنگامو گهڻو ئي ڏٺم پر اصلي گهربل گل واري خوشبو جنهن جو آءُ طلبگار هوس سا نه ملي سگهي.
    جيئن ته پنهنجي دردمند دل جي زخمن جي دوا حاصل نه ٿي سگهي. تنهنڪري آخرڪار مون کي حيرانيءَ ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ ئي جهنگ منهن ڪرڻو پيو. سموريءَ سنڌ جو سير ڪندي، نيٺ شاهه عنايت صوفيءَ جي آستاني مبارڪ تي اچي پيشاني رکيائين:
    مجسم صورت نور الاهي
    تماشا کرده اشيارا کماهي

    بذات اندر صفات خويش ساري
    تصرف برهمه آلواش جاري

    دلش را تکيه برنور تجلى
    تصور را زتصديقش تسلى
    ترجمو: خدائي نور جي صورت کي هوبهو پنهنجي سامهون ڏٺم، ايتريقدر جو هر شيءِ جي حقيقت کي سندس اصلي شڪل ۾ چڱيءَ طرح سان مون جانچي ڏٺو، پنهنجو سڀني صفتن ۾ عين ذات جو حاصل ۽ ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ تي سندس ئي ذات کي حاوي ڏٺم.
    سندس دل جيڪڏهن مطمئن آهي ته رڳو انهيءَ نور جي جلوهه گريءَ تي ۽ انهيءَ ئي حقيقي اطمينان جي وسيلي خيالن ۽ امنگن کي پوري تسلي ملي ويئي.
    شاهه عنايت جو ٻيو معتقد شاهه اسماعيل صوفي، شيخ عبدالله انصاريءَ جي اولاد مان آهي. يعني ابو اسماعيل عبدالله بن ابو منصور محمد انصاري، جيڪو خواجه عبدالله انصاريءَ جي نالي سان مشهور هرات جو رهاڪو هو ۽ وقت جو وڏو عارف ۽ عظيم سالڪ هو.
    شاهه اسماعيل صوفيءَ جو چوڻ آهي ته:
    دوست گرچه جمله مغز و پوست ماست
    در برون هر چيز بينم دوست ماست
    ترجمو: يار جيتوڻيڪ پوري جسم جي هڏن ۽ چمڙيءَ ۾ داخل آهي، يعني حقيقت سواءِ يار جي ٻي ڪابه ناهي، پر پاڻ کان سواءِ جيڪڏهن ٻاهر ڪٿي نظر ٿو ڦيرايان، تڏهن به يار کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ نظر نٿي اچيم.
    شاهه عنايت صوفيءَ کي وڌندو ڏسي ڪري بلڙي واري برگزيده بزرگ سادات شاهه ڪريم جي پوٽن، سيد عبدالواسع ولد سيد عبدالدليل ولد سيد دين محمد ولد سيد عبدالڪريم، ساڻس اڻبڻت شروع ڪري ڏني. اهو انهيءَ ڪري، جو ڪيترائي سندن مريد خادم جهوڪ تي ئي جهڪڻ لڳا، جنهن ڪري سندن درگاهه کي وڏو ڌڪ لڳو. اڳتي هلي، هنن ساداتن پاڙي جي زميندارن، جهڙوڪ پليجاڻيءَ جي زميندار نور محمد پٽ منبو پٽ راڌو پٽ بابو پليجو ۽ حمل پٽ لاکو ذات جت وغيره سان گڏجي، جهوڪ شريف تي حملو ڪري ڏنو. اهو حملو ان وقت جي گورنر مير لطف علي خان جي اجازت سان ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ شاهه عنايت خود ته بچي ويو، پر ڪيترائي فقير مٿائنس سر صدقو ڪندي شهيد ٿي ويا. اهو فرياد دهليءَ جي بادشاهه اورنگزيب جي پوٽي سلطان قرخ سير وٽ ڪيو ويو. جنهن تي شاهي قانون صادر ٿيو ته قاتلن جون زمينون خون بها جي طور تي شهيدن جي حوالي ڪيون وڃن. اهڙيءَ طرح شاهه عنايت جي خانقاهه غريبن، مظلومن ۽ هارين جي لاءِ هڪ پناهه گاهه ٺهي پئي ۽ ماڻهو چؤطرف کان لڏي اچي جهوڪ تي خيما کوڙڻ لڳا.
    مير لطف علي خان 1128 هجري مطابق سنه 1716ع تائين ٺٽي جو حاڪم رهيو ۽ تنهن کان پوءِ مير بابا اعظم خان ولد صالح خان بن فدائي خان ڪلتاش خانبهادر سندس جاءِ والاري، هي نئون گورنر به شاهه عنايت جي دشمنن جي ڳالهين ۾ اچي ويو. ۽ سندن امداد لاءِ تيار ٿي ويو. انهيءَ باري ۾ هن پهريون قدم اهو کنيو، جو جهوڪ جي آس پاس وارين زمينن، جن تي ڍل اڳ ۾ ئي معاف ٿي چڪي هئي، تن تي نئين سر ڍل مڙهيائين ۽ يڪدم ڍل پيارڻ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيائين. شاهه عنايت اهڙين ڍلن ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جيڪي ڍلون اڳ ئي بادشاهه جي طرف کان معاف ٿي چڪيون هيون، ۽ اهڙي حڪم کي ظالمانه حڪم قرار ڏنائين. تنهنڪري اعظم خان بگڙي پيو. هن پنهنجي صلاحڪارن کان صلاح وٺي ڪري، مرڪز ڏانهن لکي موڪليو ته شاهه عنايت صوفي ۽ سندس پوئلڳ بادشاهيءَ جا خواب ڏسي رهيا آهن ۽ بادشاهي حڪمن کان انحرافي ڪندا ٿا رهن؛ تنهنڪري مرڪز کان حڪم آيو ته جيڪڏهين ائين حقيقت آهي ته پوءِ اهڙي فتني کي فوراً بند ڪيو وڃي . مرڪزي حڪم حاصل ڪرڻ کانپوءِ اعظم خان پنهنجي فؤج کان سواءِ اتر سنڌ جي حاڪم ميان يار محمد ڪلهوڙي کان به فؤج طلب ڪئي. ميان صاحب، اعظم خان جي حمايت ۾ پنهنجي پٽ محمد خان ۽ پنهنجي خاص سردارن مير شهداد بلوچ جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪ وڏو لشڪر ڏياري موڪليو. پر هڪ ٻيءَ روايت ۾ آهي ته خود ميان يار محمد هاٿيءَ تي سوار ٿي ڪري جنگ ۾ شامل ٿيو هو. انهيءَ روايت مطابق سندس ٻين ٻن پٽن دائود خان ۽ ميان غلام حسين جي مؤجودگيءَ جو به ثبوت ملي ٿو. نه صرف ايترو پر يار محمد ڪلهوڙي جي ڀاءُ ميان مير محمد به جنگ ۾ شرڪت ڪئي هئي.
    اها خبر جڏهين جهوڪ ۾ پهتي ته حملو ٿيڻ وارو آهي ته فقيرن پنهنجي مرشد کي صلاح ڏني ته ٻاهر نڪري ڪري رستي ۾ ڪٿي لشڪر کي روڪي، ساڻن جنگ جوٽي وڃي. پر شاهه عنايت صوفيءَ اڳرائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني. بلڪ جهوڪ جي چؤطرف کاهي کوٽي، پنهنجا مورچا سنڀالي، ذڪر فڪر ۾ لڳي ويا.
    18 ذي القعد سنه 1129 هجري مطابق 13 آڪٽوبر 1717ع تي حملو ڪندڙ، هاٿين تي توبون لڏي، اچي جهوڪ ۾ پرُگهٽ ٿيا. ايتري ساز و سامان هوندي به سنئون سڌو حملو ڪونه ڪري سگهيا، بلڪ گهيرو جاري رکندي، جنگ خندق وارو نقشو چٽي ڇڏيائون. شاهه عنايت پنهنجي فقيرن کي هدايت ڪئي ته رات جو دشمن تي چپ چاپ ۾ حملو ڪندا رهن ۽ جيسيتائين ائين خاموشيءَ ۾ رهندا ڪاميابي حاصل ڪندا رهندا. انهن حملن ۾ فقيرن، ڪلهوڙن جي لشڪر جا ڪيترائي پهلوان زخمي ڪري وڌا هئا، جيئن خود ميان يار محمد جي پٽ دائود خان مُنهن تي ڇهه زخم کاڌا ۽ ٻئي جسم تي به ڪيترا گهاؤ هئس. ميان غلام حسين ۽ ميان مير محمد به ڪافي زخمي ٿي چڪا هئا.
    فقيرن مان جيڪي زخمي ٿيا، تن مان خوشحال پٽ جمال، خيالي ولد صدورو، ياقوت، بشير، ابراهيم ۽ ملا صالح قابل ذڪر آهن.
    هڪ رات حملو ڪندي هڪڙو درويش ٿاٻڙجي پيو، جنهن ڪري سندس زبان مان اسم ذات جو نعرو بي ساخته اچارجي ويو، جيڪو سندن عام دستور هوندو هو. سندس پوئواري ڪندي ٻين درويشن به کڻي نعرو هنيو، جنهن ڪري دشمنن کي سندن پتو پئجي ويو ۽ جنگ جاري ٿي ويئي پر تنهن هوندي به شاهه صاحب جو پاسو زور رهيو ۽ جنگ بند ٿيڻ جي ڪا صورت نظر نٿي آئي. هيءُ گهيرو برابر ٽي مهينا 9 صفر 1130 هجري مطابق 1 جنوري 1718ع تائين جاري رهيو، جنهنڪري حمله آور هاڻي بيزار ٿي پيا هئا. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي پٽ محمد خان ۽ مير شهداد بلوچ قرآن شريف وچ تي رکي، صلح جي آڇ ڪئي ۽ اهو وعدو ڪيائون ته شاهه عنايت ۽ سندس درويشن جو جان مال حفاظت ۾ رهندا. پر اڳتي هلي، اعظم خان انهيءَ انجام تان ڦري ويو.
    15 صفر سنه 1130 هجري مطابق 7 جنوري 1718ع تي سنڌ جي هن عظيم صوفيءَ کي شهادت جو پيالو پياريو ويو. انهيءَ وقت پاڻ هي شعر پڙهيائين:
    رهائيندي مرا از قيد هستي
    جزاڪ الله في الدارين خيرا.
    ترجمو: تو مون کي حياتيءَ جي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو. الله توکي ٻنهي جهانن ۾ ان جو بدلو ڏئي.
    جلاد جي ترار جڏهن سندس ڪنڌ تي ڪِري ته پاڻ چار تڪبيرون چئي، پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪيائين. انا الله و انا اليہ راجعون
    سندس شهادت جو سال هن طرح سان ڪڍيو ويو :
    1. مَا قتلُوه يَقِينا، بَل رفَعَدُ الله الِيد. (1130 هه)
    يعني: پڪ ڄاڻو ته هو ڪڏهن به قتل ڪونه ٿيو، بلڪ خدا کيس پاڻ ڏانهن کڻائي ورتو.
    2. آه مظلوم حق (1130 هه)
    يعني : هاءِ هاءِ هو ته حق جي راهه ۾ مظلوم هو.
    3. کلک قانع خادم خدّام آل ذوالمجد و هم
    ”بوده قطب عهد خويش او“ سال وصلش زد رقم. (1130 هه)
    يعني: خادمن جي خادم ۽ قناعت واري قلم، صفتن جي صاحب جي وصال جي تاريخ بنان ڪنهن قصد جي ائين لکي ڇڏي ته:”هو پنهنجي زماني جو هڪڙو قطب هو.“
    شاهه عنايت جي شهادت کان پوءِ حق جا طالب توحيد جا نعره هڻندا ٿي ويا ۽ سِرَ اڏيءَ تي رکندا ٿي ويا. مير علي شير قانع لکي ٿو ته ”اها هڪ عجيب ڳالهه هئي، جو ان وقت جنهن به خدا جو نالو ٿي ورتو، ڪٺو ٿي ويو!
    شاهه عنايت شهيد کي ٻه فرزند هئا:
    شاهه عزت الله: جيڪو پنهنجي پيءُ جي شهادت کان پوءِ جهوڪ شريف جي گاديءَ تي ويٺو. پاڻ نهايت پاڪ صاف زندگي گذري سنه 1186 هجري ۾ وفات ڪيائين.
    شاهه سلام الله: جنهن پنهنجي سموري حياتي جهنگن ۽ بيابانن ۾ رياضت ڪندي گذاري ڇڏي. وڏيءَ ڪرامت جو مالڪ ۽ پنهنجي وقت جو ڪامل مرد هو. زبان مان جيڪي ڪجهه نڪرندو هوس، سو پورو ٿيندو هو. ميان نور محمد جي پٽن عطر خان ۽ غلام شاهه جي وچ ۾ تاج ۽ تخت تان جنگيون ٿي رهيون هيون ته پاڻ فرمايائون ته تخت جو مالڪ ”غ“ بڻبو، ۽ اڳتي هلي ميان غلام شاهه ئي بادشاهه بڻيو. شاهه سلام الله پنهنجي ڀاءُ شاهه عزت الله جي جيئري ئي گذاري ويو.
    شاهه عنايت صوفيءَ جي سرچشمئه فيض مان جيڪي سيراب ٿيا، تن مان ڪن بزرگن جا نالا هن ريت آهن:
    سيد جان الله شاهه رضوي، روهڙي
    روحل فقير، ڪنڊڙي تعلقو روهڙي
    فقير قادر بخش ”بيدل“، روهڙي
    سيد رکيل شاهه صوفي، فتحپور، گندا واهه، سبي
    صادق فقير صوفي، عمرڪوٽ
    سيد قطب شاهه صوفي، جهانيان، حيدرآباد
    نواب ولي محمد خان لغاري، تاجپور
    درياهه خان فقير، خيرپور
    خير محمد خان فقير هيسباڻي، خيرپور
    دلپت صوفي فقير
    فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان کنيل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    حضرت صوفي شاهه عنايت الله شهيد رح
    ڊاڪٽر نواز علي شوق
    ٻارهين صدي هجري وارو عرصو سنڌ لاءِ سورن ۽ مصيبتن وارو دور هو. مغلن جي حڪومت ڪمزور ٿي چڪي هئي. ٺٽي ۾ مغلن جا گورنر جلدي تبديل ٿيندا ٿي رهيا، ان دور ۾ سنڌ واسين ۾ هڪ ٻئي لاءِ بغض ، ڪينو، ساڙوڌي ويو هو. مغلن جي گورنرن جا ظلم، زميندارن جون زيادتيون. ۽ ڏُڪار اهي سڀ مصيبتون اچي سنڌ تي ڪڙڪيون هيون. علامه دائود پوٽي مرحوم ڪهڙو نه صحيح لکيو آهي ته: ” ان وقت ٺٽي جو ناظم لطف علي خان معزول ٿي چڪو هو ۽ سندس جاءِ تي نواب اعظم خان دهليءَ پاران مقرر ٿيو هو، سندس اٽڪل چئن سالن جو عرصو اهلِ سنڌ لاءِ نحوست جو زمانو هو هڪ ته ملڪ ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ ٻيو ته ان وقت ۾ حق شناس حضرت شاهه عنايت الله جي شهادت جو واقعو پيش آيو“.
    هيءَ هڪ حقيقت آهي ته شاهه شهيد جي سوانح ۽ سندن ڪارنامن بابت سڀ کان گهڻو ۽ معياري ڪم سيد حسام الدين راشدي مرحوم ڪيو. ”شاهه هنايت شهيد جي سوانح جا ماخذّ“ ۽ ”سنڌ جو پهريون زرعي سڌارڪ. “ سندن اهي ٻئي مقالا هن سلسلي م وڏي اهميت رکن ٿا. ان کان علاوه ٻه ٽي ڪتاب ۽ چند مقالا لکيا ويا آهن، پر اڃا گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته سندن خليفن ۽ طريقن جي سلسلي بابت وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آهي.
    ننڍپڻ ۽ جواني:
    شاهه شهيد جي ولادت ۽ ننڍپڻ بابت تذڪره نگارن تفصيل سان ڪونه لکيو آهي. اها شڪايت علامه دائود پوٽي پڻ پنهنجي مقالي ۾ ڪئي آهي. بهرحال شاهه شهيد جي ولادت 1165هه ۾ ٿي. ٽي ڀائر هئا، جن مان شاهه عنايت وچون هو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد مخدوم فضل الله کان حاصل ڪيائون. ان کان پوءِ حق جي تلاش ۾ سير سفر تي نڪتا. ميان محمد امين نقشبندي، شاهه حمزو ۽ ميان ابراهيم ڪاتيار سفر ۾ ساڻن گڏ هئا. سير سفر ڪندي ملتان آيا ۽ سال کن شيخ شمس الدين ملتاني جي خدمت ۾ رهيا. ان کانپوءِ ٻيا گهڻائي شهر گهمندي آخر حيدرآباد دکن ۾ شاهه عبدالملڪ جيلاني جا مريد ٿيا. اتي مرشد جي ارشاد موجب بانس جي ٻيلن ۾ خوب رياضتون ڪيائون. مرشد مٿن گهڻو مهربان ٿيو ۽ مٿن ايتري ته فيض جي پالوٽ ڪيائون جو ڪمال جي درجي کي رسيا.
    نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي مرشد کان وطن ورڻ جي اجازت گهريائون. شاهه صاحب کين اجازت ڏني ۽ سندن آڏو ٽي سوکڙيو رکيائون ته هنن مان ڪا به هڪ کڻو. اهي هيون ترار، تسبيح ۽ ڪونرو، پاڻ ترار کنيائون. تنهن تي سندن مرشد فرمايو ته ”ان جو اجورو وڏو آهي“. شاهه عنايت جواب ۾ عرض ڪيو ته ”سر حاضر آهي“ پوءِ کين هدايت ڪيائون ته ”ماٺ ۽ صبر ڪري سر ڏجو“ مرشد کان موڪلائي وطن موٽي آيا. واٽ تي گهڻائي سندن مريد ٿيا. انهن مان پنج سئو مريد ساڻن گڏ آيا، جيڪي وري واپس هندستان نه ويا.
    شاديون:
    شاهه شهيد چار شاديون ڪيون هيون. پهرين پنهنجي چاچي مخدوم محمد عمر جي نياڻيءَ سان، جنهن مان کين اولاد ڪو نه ٿيو. ٻي ڪڇ جي راجا جي خاندان مان ڪيائون، جنهن مان کين هڪ فرزدند ڄائو، جنهن جو نالو شاهه خليل الله هو. جيڪو شاهه عنايت جي شهادت وقت پنهنجي ناناڻن ۾ هو. جتان پوءِ ايران ويو. ٽين شادي ٺٽي جي مخدوم اسماعيل جي ڀيڻ سان ڪيائون، ان مان کين ڪو اولاد ڪو نه ٿيو. چوٿين شادي ٺڪرن سوڍن جي گهراڻي مان ڪيائون، جنهن مان کين ٻه فرزند ٿيا. پير عزت الله شاهه ۽ پير سلام الله شاهه. والد جي شهادت وقت پير عزت الله شاهه موجود نه هو ۽ پير سلام الله شاهه مهيني سوا جو معصوم ٻار هو. سندن ولادت شهادت واري سال ٿي هئي.
    طريقت جو سلسلو:
    مير علي شير قانع ”طومار سلاسل“ ۽ ”معيار سالڪان طريقت“ ۾ شاهه شهيد جو جيڪو طريقت وارو سلسلو ڏيکاريو آهي، تن ٻنهي ۾ فرق آهي، پير حسام الدين راشدي لکيو آهي ته” مٿين سلسلي ۽ ان کان اول واري سلسلي ۾ فرق آهي، جيڪو غور ڪرڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي قابل آهي، ڪڏهن وقت مليو ته انهيءَ سلسلي ۾ آئون پنهنجي تحقيق پيش ڪندس“.
    خوش قسمتي سان کين” گلدسته صلحاٰءِ سورت“ جو نسخو ملي ويو. ان جو ذڪر ڪندي لکيو اٿن ته ”هن وقت تائين اسان کي فقط اهو معلوم هو ته شاهه شهيد شاهه عبدالملڪ دکنيءَ کان باطني تعليم حاصل ڪري ان جو خليفو ٿيو، ليڪن شاهه عبدالملڪ کان اڳتي جي سلسلي ۾ اختلاف هو. خوش قسمتيءَ سان مذڪوره تذڪري ۽ انهيءَ طلائي سلسلي جون سڀئي ڪڙيون شاهه فاضل سورتيءَ جي ضمن ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن، جي هن ريت آهن:
    شاهه فاضل خليفو هو، شاهه پير محمد اورنگ آباديءَ جو، اهو شهبازملڪرت شاهه عنايت شهيد جو، اهو شاهه عبدالملڪ جو، اهو شيخ شاهيءَ جو، اهو شاهه بهاوالدين جو، اهو مخدوم ابو الفتح جو، اهو مخدوم ابراهيم جو، اهو شمس الدين جو، اهو بهاؤالدين دولت آباديءَ جو، اهو ابوالعباس احمد جواهو مير حسن جو، اهو سيد موسيٰ قادريءَ جو، اهو سيد علي جو، اهو سيد محمد بغداديءَ جو، اهو سيد حسن بغداديءَ جو، اهو سيد محمد بغداديءَ جو، اهو ابو صالح نصر فخرالدين جو، اهو سيد عبدالرزاق جو، اهو حضرت غو الاعظم سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليه جو
    فقير قادر بخش بيدل (وفات 1289 هه) به ڪرسي ناما لکيا آهن. انهن ۾ هن شاهه شهيد جي طريقت جو جيڪو سلسلو بيان ڪيو آهي، سو گهڻي ڀاڱي ”صلحاءِ سورت“ واري سلسلي سان ملي ٿو. سواءِ هڪ ٻن نالن جي باقي سڀ ڪڙيون ملن ٿيون. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته فقير قادر بخش بيدل پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن شاهه شهيد جي طريقت وارو سلسلو قلمبند ڪيو. هن هيٺ ٻئي ڪُرسي ناما وڃن ٿا ته جيئن پڙهندرن کي بيدل سائين جي شاهه شهيد سان محبت ۽ تاريخي ڄاڻ جو اندازو ٿي سگهي.
    يا رب بحرمت شه کونين مصطفيَ،
    يا رب بحرمتِ شهِ مردان مرتضيٰ،
    يا رب شه حرمت شهداءِ ڪربلا،
    يا رب بحقِ زين عبا صاحبِ علا،
    يا حرمت محمد باقر امام دين،
    يا حق جعفر و شه کاظم علي رضا،
    يا حق شيخ کرخي معروف پاک دل،
    يا حق شيخ سري سقطي شه هدا،
    قيا حرمت جنيد که بغداد جاي اوست،
    يا حق شيخ شبلي بوبکر مقتدا،
    يا حق شيخ عبدالواحد شه يمن،
    کو چون سهيل تانته برچرخ کبريا،
    يا حق رهبر دين عبدالله اکملي،
    کش بود تکيه گاهه بطرطوس منجلا،
    يا حق علي محمد يوسف که قريشي است،
    يا حق ابي سعيد که پير است رهنما،
    يا حرمت علو مرتب جناب غوث
    يا حق قطب عبدالرزاق مهندا،
    يا حق شاهه سيد ابي نصر محي الدين
    يا حرمت محمد سيد بصد غنا
    يا حرمت آنکه سيد موسيٰ است نام او
    يا حرمت امير حسن شاهه مجتبيٰ
    يا حق سيد احمد جلي و شافعي
    يا حق بهاؤ الدين شهِ ارض و سما
    يا حق شيخ شاهي ملتان مسکنش
    با حق عبدالملک اعظم اوليا
    يا حق عنايت الله صوفي شهيد حق
    يا حق شاهه جان محمد شهِ اصفيا
    يا حق شيخ پاڪ غلام رسول نام
    يا حرمت غلام محمد شهِ صفا
    يا حق شاهه عبدالوهاب قادري
    ما راز جملهه جلو تگو شان شان نمان
    طريق ثاني
    احمد علي و حسن و شهِ زين عابدين
    با قر و امام جعفر و کاظم و علي رضا
    معروف کرخ وسري سقطي و جنيد شيخ
    بوبکر شبلي و عبدالواحد شهِ صفا
    عبدالله و محمد يوسف و ابو سعيد
    غوثِ کريم و عبدالرزاق مهتدا
    بونصر وهم محمد موسيٰ وشه حسن
    احمد بهاؤ الدين شه ارض و سما
    زان بعد شيخ شاهي عبدالملک بود
    زان پس عنايت الله هادي سوي خدا
    جان محمد ست و غلام رسول پس
    مقتولِ حق غلام محمد بصر علا
    زان بعد کره عبدالوهاب قادري
    ارشاد طالبان بسوي مقصد بقا
    با حرمتِ وحيد شهيدِ فرنگِ عشق
    و حضرتِ عنايت الله سلطان اصفيا
    يا حق فضل شيخ ابرهيم با کمال
    کو خورد باده وجد زميخانه صفا
    يا حرمِت آن شه که سلام الله دوست
    ياحق عزت الله هادي و مهندا
    يا حرمت محمد زاهد کمالِ فيض
    يا حق رتبئه شه فضل الله پيشوا
    يا حرمت محمد صديق و اصلي
    يا حق يا يزيد ه گل باغ، کبريا
    ابن بنده که طالبِ ذوق وصال تست
    از جمله سالکان رم عشق خود نما.
    انسان دوستي ۽ قرباني:
    شاهه عنايت جڏهن دکن مان موٽيو ته هن الله جي عبادت سان گڏو گڏ خلق جي خدمت کي پنهنجو شيوو بڻايو. پنهنجي اباڻي زمين کي گڏيل ملڪيت قرار ڏنائون. پير حسام الدين شاهه راشدي لکيو آهي ته ”سندس اهل خاندان ۽ سندس مريد يا هاري ناري گڏجي زمين ۾ هر ڪاهيندا هئا،“ آمدني ۽ پيداواري تي سڀني جو گڏيل حق هو ۽ ونڊڻ وقت هر ڪو هڪ جيترو ان ورهائي کڻندو هو.“
    سندن فقيري انسان دوستي ۽ هن نئين زرعي نظام سبب ڪيترائي مسڪين هاري پنهنجي زميندارن کي ڇڏي اچي گڏيل ملڪيت ۾ شريڪ ٿيا. تَر جي پيرن جا ڪيترائي مريد پنهجن مرشدن کي ڇڏي، اچي شاهه عنايت جا مرد ٿيا، تنهن ڪري پيرن، مرشدن زميندر، جاگيردارن ۽ مذهبي اڳواڻن سندن خلاف سازش سٽي. نتيجي ۾ جهوڪ واري جنگ لڳي.
    ان وقت سندن 24 هزار جان نثار مريد هئا. پنهنجن مريدن جو جوش ڏسي کين چيائون ته، ” بابا محبوب حقيقي ناز ڪيو آهي، ”اسان نياز ڪنداسون.“ تڏهن خليفن عرض ڪيو ته قبلا ! اسان کي به اجازت ڏيو ته شهيد ٿيون.“ تنهن تي مير جان الله شاهه کي حڪم ڪيائون ته توهان روهڙي وڃـو. خواجه عبيدالله کي اجمير واپس وڃڻ جو ارشاد ٿيو. شاهه عبداللطيف ٺٽوي کي ٺٽي وڃڻ جو حڪم مليو ۽ محمد اسماعيل کي پڻ ٺٽي وڃڻ جو امر ٿيو. ڪن ٻين کي پڻ اجازت ڏنائون ته پنهنجي پنهنجي شهر هليا وڃن. باقي 24 هزار مريدن ۾ سليمان هندي پڻ شامل هو، جيڪو هندوستان کان ساڻن گڏ آيو هو. انهن فقيرن ما ٻه هزار چار سئو تاج پهريل هئا.
    جهوڪ واري جنگ ۾ اهي سڀ فقير شهيد ٿيا، جن کي ستن کوهن ۾ دفنايو ويو. انهن کوهن کي ” گج شهيدان“ سڏيو ويندو آهي.
    جهوڪ واري جنگ جو احوال پير حسام الدين شاهه راشدي مير علي شير قانع جي ڪتابن جي حوالي سان تفصيل سان لکيو آهي. هتي اسان فقير قادر بخش بيدل ( وفات 1289هه) جو هڪ قصيدو ڏئي رهيا آهيون، جنهن ۾ جهوڪ واري جنگ جو درد ناڪ داستان ڏنل آهي. ان داستان کان اڳ ۾ بيدل جو هڪ تاريخي قطعو ڏنو وڃي ٿو، جنهن ۾ هن سانحي کي ٽين قيامت سڏيو ويو آهي؛ قطعو ملاحظه فرمايو:
    تاريخيائي
    عشق چندين حمله بر عشاق بي سرپا نومود
    پر رخ صاحبد لان صدوره در محنت کشود
    اصفيا و اتقيا را آتش اندر جان فروخت
    انبيا و اوليا را دست برد خود نمود
    ليک بعد از رحلت ختم الرسل احمد سه يار
    سطوت ان سلطان اعظم هوش عالم را ربود
    اولين کبري قيامت قتل اولادِ رسول صه
    سنه 41 هه
    درسن شصت ويکم مثلش نيامد در وجود
    دومين وسطي قيامت واقع بس هولناک
    سنه 309 هه
    سربديدن صوفي بيخود کمانش را فزود
    سيو مين صغريٰ قيامت در هزارو سي صد
    سنه 1135 هه
    سربريدن صوفي بيخود کمائش را فزود
    ياد باهر درُد نوشي جام دردِ سيعاشقي
    قسمِت بيدل تجرع فيض زان پيمانه بود
    هيٺين قصيدي ۾ شاهه شهيد جي صفت ۽ ساراهه بيان ڪرڻ کان پوءِ سندن سير سفر جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي. عقيدتمندن جو ميڙو ڏسي مُلن جو حسد ڪرڻ ۽ سندن ولايت جو واسُ پري پري تائين پکڙجي وڃڻ، تنهن ڪري بي شمار عقيدتمندن جو وٽن حاضر ٿيڻ انهن سڀني ڳالهين سبب دشمنن سندن خلاف سازش سٽي، فرخ سير کي ڀڙڪايو. شاهه شهيد پنهنجن خليفن کي فرمايو ته،” هيءُ محبوب حقيقي جو ناز آهي.“ فرخ سير کي فسادين جو بادشاهه ۽ قاتل کي شمر سڏيو اٿس. جڏهن شاهه کي شهيد ڪري سندن سر مبارڪ نيزي تي سوار ڪيو ويو ته بيدل ان کي ” اسريٰ يعبدِه“ آيت سان تعبير ڪيو آهي، ڄڻ عاشق محبت جو معراج کي رسيو.
    قصيده تاريخ شهادت صاحبان کريمان شهيدان حضرت ميران پور بمع بعضي احوال آن جناب قدس الله روح
    شهنشاهي قدم عرش آستاني
    هُماري عشق قدسي آشياني
    ز قيد جسم جسماني مقدس
    مسجسم نور در عالم عياني
    وجود لا تعين بي تنزل
    شهود ذات بحث و کاشاني
    باسم الله مصافي شد عنايت
    بر اي اسم بي جسمي چو جاني
    ظهور آورد و چون در خطه کون
    شده جوبائي راهه لامکاني
    چوموسيٰ بحر خضر وقت خودبست
    کمر صدق ارادت برمسياني
    سفر کرد و بملتا ماند يک سال
    بهر مجذوب شيخ مستعاني
    بارشادش بملک دهکن آمد
    ببير هان پور وسيده جا نقشاني
    بشه عبدالملک گشته ملاقي
    سراغي يافت زان سرنياني
    يه تشريف ولايت گشته ممتاز
    مَرخص شد بر شُدت طالباني
    بوقت وخصتش شمشير داده
    بفر مود اينک وقت امتحاني
    بدين شمشير خواهي رتبه ء يافت
    که رشک آرند باتو عارفاني
    بلطف و رحمت شاهه شهيدان
    شوي در زمره اش از خاصگاني
    ولي باد که وقت آزمايش
    نباشي از کرامت حرف خواني
    نسازي يک سرموئي تصوف
    بياد آري مصيبت سابقاني
    وصيت شاهه و پذرفت و بکو چيد
    بدهلي آمد آن سلطان جاني
    شدند آنجا ز ساداتش مريدان
    فيوضي يافتدار شهنشاهي
    ورانجا شدروان سوي خراسان
    بعقبش فوج فوج سالکاني
    و زانجا وهگرا گر ديد و آمد
    بملک خود بغرو اصلاحي
    هلال آساچوطي کرده منزل
    بگشته بدر بس روشن رواني
    با رشاد خلايق بسکه بکشاد
    خوارق عاداتش اندر جهاني
    بسوي حضرت او ميد و يد ند
    طلبگاران حق از هر مکاني
    ز مُلايان حسد سر زد چو دهد ند
    نبزدش اڙ دهام از مرد ماني
    بحرش نسبتي داد نس از بغض
    چو هريکي از رسل را کافراني
    (بحا)کم سنده عباسي نمودند
    ز سطوت خسروانه او بياني
    بشور آمد ولي ازدست جودش
    نلگشته منصوم اين قسم شاني
    نوشتند از هجوم خلق بسيار
    سوي فرخ سير شه جاهلاني
    پراشفت از مکاتيب حسودان
    بينديشيد نادان سنت جاني
    فرستاده مدد عباسيان را
    که تا ريزند خون جان جهاني
    چوشد افواج اعداد مستعد جنگ
    بمشتاقان بگفت آند دل ستاني
    که اي ياران همه تادست بسته
    بيا باشيه در صف امتحاني
    که اين خود ناز محبوب حقيقي است
    نوازش عين بهر عاشقاني
    فقيران دست بسته در صف جنگ
    بقتل قوم از خود رستگاني
    باندک مد اين خرقه ببر کرد
    قبائي خاص قرب جا وداني
    هزاران در عدد بودند ليکن
    فکنده سر بپائي قاتلاني
    چو نوبت شاه والا جاءِ آمد
    بپازده شخص باقي ماند(گاني)
    بمسلخ عشق از زانو در آمد
    نشسته راجي آن مزد گاني
    رسيده قاتلي بيرحم چون شمر
    بغرقش زد دوسه زخم گراني
    نگشته کار گر آن هرسه زخمش
    بران پير طريقت راز داني
    بگفتندش تواين تيغم بدست ار
    که دست مردِ تست اداني
    پس افتادند ساجد بيخوانه
    سرپا محو نور بي نشاني
    هري کو گوهر تاج قدم بود
    جدا کرد آن سرسنگين دلاني
    و از امر شهادت شيخ پر دخت
    کمر بسته بقتل ديگراني
    پس از نزع رو اهنا ذڪر ذاتي
    شده پيدا از پير5 و پيراني
    سر هرو سوار نيزه کرد ند
    شده اسريٰ بهبده، را بياني
    به تهته چون رسيد ان سر مبارک
    شنيده خلق زد نطق عيالي
    بعقب سو مبارک ميرو يد ند
    ز معتقدان گروه جا نقشاني
    همي رفتند راهي تا رسيدند
    بدهلي پيش شام مفسعاني
    چون آن مغرور مال و جاهه ديده
    سر سرور شده بس شادماني
    دو کس بر خاسته از مجلس او
    که بودند از گروه طالباني
    دو سيد صاحب وجد و محبت
    زد ندش تيغ هاي جانستاني
    شد آن سعدين را يا حق قراني
    چو اختر دهلي آمد رهيو طي
    سر سرور رسانيندند در سنده
    بصد عزو کرامت دوستاني
    چودر ميران پور آمد راس اشرف
    نبو شُد ماتم اندر خادماني
    سر پيوست با جسما مطهر
    درون روضئه رشک جناني
    چو دل سال شهادت جست جان گفت
    شهيد حق همو مرشد زماني
    سنه 1130 هه
    سر مبارڪ جون ڪرامتون:
    شاهه عنايت کي شهيد ڪري جڏهن سندن سر مبارڪ ٺٽي کڻي آيا تڏهن اتي سر مبارڪ جو گشت ڪرايائون، ٺٽي جو هڪ فقير، جيڪو سدائين ماٺ ۾ رهندو هو. تنهن سر مبارڪ ڏسي چيو ته؛
    پير پريان جي پڙ ۾، ڪنهن چئي ته پاءِ
    هڪدم سر مبارڪ جواب ڏنو ته:
    عمر يست که قصئه منصور ڪن هن شد
    جهوڪ واري جنگ کان اڳ مخدوم معين کين چورائي موڪليو هو ته :
    جگر شير نه داري، سفر عشق مکن
    سر مبارڪ کي گهٽين ۾ گشت ڪرائيندا جڏهن مخدوم ٺاري (معين) جي گهر وٽان آيا ته اتفاق سان هو پنهنجي گهر جي در تي بيٺو هو. ان وقت سر مبارڪ هيٺيون شعر چيو جيڪو ڄڻ مخدوم ٺاري کي جواب هو ۽ پنهنجي مرشد عبدالملڪ جي فرمان جي تڪميل هو؛
    سر در قدم يا فدا شد چه بجا شد،
    اين بار گران بود ادا شد چه بجا شد،
    شاهه شهيد جو اولاد:
    کين ٽي فرزند هئا، جن جا نالا اڳ ۾ اچي چڪا آهن ۽ وڏي فرزند شاهه خليل الله جو ڪي قدر احوال ڏٺو ويو آهي. هتي سندن بي اولاد جو مختصر احوال ڏنو وڃي ٿو؛ شاهه عزت الله شاهه شهيد جو وچون فرزند هو. جهوڪ واري سانحي وقت ميران پور ۾ موجود نه هو. شاهه شهيد جي شهادت کان پوءِ پڙهو گهمرايو ويو هو ته ؛ جتي به ڪو صوفي ڏسو ته ان کن قتل ڪري سر کڻي اچو ۽ انعام حاصل ڪريو. هن سلسلي ۾ مير علي شير قائع لکي آهي ته ؛ ان کانپوءِ ( شهادت کانپوءِ) نواب شهر ۾ پڙهو گهمرائي ڇڏيو هو ته ڪو به ماڻهو ( يا الله) جو نعرو نه هڻي، جيڪو حڪم عدولي ڪندو، تنهن کي ترار جي ڌار تي رکيو ويندو.
    اهي ڳالهيون ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويون. جڏهن اجمير واري خليفي خواجه عبدالله عرف حاميد کي ان سانحي جي خبر پئي ته ڏاڍو ڏک ٿيس، دهلي جو هاڪم سندس معنق هو، هن ان وٽ وڃي پنهنجي مرشد جي لاءِ سفارش ڪئي، بادشاهه کي قائل ڪري صوفين جي سر وڍڻ وارو حڪم منسوخ ڪرايئين ۽ سنڌ اچي شاهه عزت الله کي گاديءَ تي وهاريائين، شاهه عزت الله سنه 1182ع ۾ وصال ڪيو.
    شاهه سلام الله:
    شاهه شهيد جو ٽيون فرزند هو، سندن ولادت سنه 1130هه ۾ يعني شاهه عنايت جي شهادت واري سال ٿي، ان وقت سندن عمر مهينو سوا هئي، انيس المساڪين ۾ آيل آهي ته ” جڏهن صوفي صاحب جي شهادت جو وقت ويجهو آيو ته تڏهن پاڻ اندر صوبلي ۾ ويا ته ان وقت شاهه سلام الله پينگهي ۾ ستل هو، سندن ڀرسان بيهي پنهنجو تاج مبارڪ لاهي سندن سيراندي رکيائون ۽ پنهنجي گودڙي پڻ سندن پاسي ۾ رکيائون.
    شاهه سلام الله جڏهن پندرهن سورهن ورهين جا ٿيا ته ٺٽي وڃي شاهه عبداللطيف ٺٽوي سان مليا، جنهن کين الله واري واٽ ڏسي، پوءِ اتان موٽي ميرنا پور آيا، جتان بنان ڪنهن کان موڪلائڻ جي سير سفر تي نڪتا، ڪجهه فقير به سندن پويان هلندا رهيا، تان جو رياست خيرپور ۾ ڏير آوريءَ واري ڀٽ تي اچي ويهي رهيا، اها ڀٽ روهڙيءَ کان اٽڪل هڪ سئو ڪلو ميٽر اوڀر طرف ناري جي ويجهو آهي، 12 ورهيه اتي رهي رياضتون ڪيائون، پوءِ هاڻوڪي تجل شريف واري هنڌ آيا.
    جڏهن سندن وصال جو وقت ويجهو آيو، تڏهن پنهنجن مريدن کي چيائون ته ” اسان کي هتي دفن ڪجو“ اسان جا عزيز ااسن جا لاش ميرانپور کڻائي ويندا پر اسان جو روح هتي هوندو، يعني گڏ ميرانپور ۾ سڏ تجل ۾، سندن وصال 1183هه ۾ ٿيو، مريدن وصيت موجن کين اتي دفن ڪيو، پر ٿوري عرصي کانپوءِ سندين عزيز لاش ڪڍي ميران پور کڻي ويا، مير سهراب خان ٽالپر والي خيپور سندن وهڻ واري هنڌ ( ٿلهي) جي مٿان قبول ٺهرايو، ان ٿلهي تي صوفي صاحب جا ويس ۽ حال ڌاڳا رکيل هئا، هر سال تجل ۾ 25 کان 27 ذوالحج تئاين ميلو لڳندو آهي، جتي هزارين عقيدت مند اچي حاضر ٿيندا آهن.
    سندن وصال کان پوءِ سندن نياڻو محمد زاهد گاديءَ تي ويٺو، مير علي شير قائع لکيو آهي ته ” هيءُ انهي گهراڻي جو روشن ڏيئو آهي محمد زاهد وڏي ڪمال جو صاحب هو، کيس ٽي فرزند هئا، ميان ابراهيم شاهه، شاهه فضل الله قلندر ۽ نور الله شاهه، سندن وصال 1216ع ۾ ٿيو، کانئن پوءِ ميان ابراهيم شاهه مسند نشين ٿيو. 13 ورهيه گاديءَ تي رهي 1229 هه ۾ وصال ڪري ويا.
    هن خاندان ۾ شاهه فضل الله قلندر جيڪو شاهه عزت الله جو نياڻو ۽ محمد زاهد جو وچون فرزند هو، سو پنهنجي وقت جو وڏو ولي الله هو، 18 ورهين جي ڄمار ۾ نو مهينا پراڻي ميرانپور ۾ وڃي رياضتون ڪيائون، اتان وري ٽنڊي غلام علي ويجهو شاهه ديوا جي مقام جوڳ پچايائون، بعد ۾ چاليهه ڏينهن دلوريءَ ۾ ويٺا اتان وري ڪبير سال جي کوهه تي مراقبي ۾ ويهي رهيا، ڪيترائي سندن مريد ٿيا، جن ۾ مسلمان، مينگهواڙ، راجپوت شامل هئا، سندن ڪيتريون ئي ڪرامتون مشهور آهن؛ فقير محمد صديق اهر وارو، قاضي عبدالله، پريو سومرو، موٽيو حجام، يوسف شاهه، ڀوڄو مينگهواڙ، ڀائي خان، عالم خان، نظاماڻي ڪرم علي جلالاڻي، دلو فقير لاشاري گند واهه وارو، عطر فقير لاشاري گندا واهه وارو ۽ نورنگ فقير جلالاڻي، سندن وصال 27 جمادي الثاني سنه 1238هه ۾ ٿيو، سندن وصال جي قطع تاريخ فقير قادر بخش بيدل هن ريت چئي آهي؛
    تاريخ ويال سرتاج صوفيان آگاهه
    حضرت مولانا شاهه فضل الله قلندر قدس سره
    چو حضرت شاهه فضل الله صوفيڍ
    قلندر وقت سلطان معانيڍ
    زهي مشهد تجليات بيچون
    زهي مظهر فيوضات عياني
    زهي ساقي که در ميخانه عشقش
    هزاران مست از جام نهاني
    نگا ش مهتدي را موصل ذات
    ز فيضش منتهي در کامراني
    مکمل و مرشد و سرتاج خاصان
    برون زد خيمه زين معما فاني
    مسار السطنت هاهوت جانش
    نشسته بر سرير جاودالي
    بجستم سال معراجش دلم گفت
    موّحد عين منصور ناني
    سنه 1243 هه
    سندن خليفا:
    حضرت شاهه شهيد جا 40 خليفا هئا، جن مان 14 گهڻو مشهور آهن، سڀني ۾ وڏو مير جان الله شاهه رضوي هو، هتي انهن مان ۽ خليفن جو مختصر ذڪر ڪيو وڃي ٿو.
    مير جان محمد شاهه: وڏو عابد زاهد هو. بهترين خطاط هو، قرآن مجيد لکي ان جي اجوري مان گذر سفر ڪندو هو، سندن هزارين مريد هئا، جن مان ميان باقر علي شاهه بڪار وارو ۽ شاهه عبدالنبي گندا واهه وارو غلام رسول پٺاڻ ۽ شاهه عبدالوهاب شاهه گهڻو مشهور آهن: فارسي زبان جو بلند پايه شاعر هو، سندن ديوان، ديوان مير، ۽ سندن پوٽي جان الله شاهه عاشق جو ديوان عاش، سندن پوين وٽ محفوظ آهن، ديوان مير تي محمد اسحاق ابڙي صاحب فارسي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي.
    شاهه صاحب کي ٽي فرزند هئا؛ الهرکيو شاهه، مير قلندر علي شاهه ۽ مير منور علي شاهه، فقيري واري امانت مير قلندلر علي شاهه کي ملي، شاهه صاحب 1176هه ۾ هيءُ مٽيءَ جو ملڪ ڇڏي وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو، فقير قادر بخش بيدل سندن وفات جي قطع تاريخ هو ريت چئي آهي:
    تاريخ وصال صاحبان کريمان مير جان الله قدس سره
    سيد سادات سلوڪ و صاف
    خاروق ءَ ادات عقول وهنا
    گل ز گلستاني نبي و ولي
    غوث شبستان شر کربلا
    جان محمد رضوي بهکري
    غوغث زمان زبده آل عبا
    قادري و صوفي ز ديوان او
    صاحب ارشاد کئير العطا
    نصد هر بيت ز ديوان او
    منزل سالک ره دين و هدا
    خطئه نسانوت از و بهره ور
    محفل ملکوت از و پر ضيا
    جوش بجروت ز اجلا اوست
    يافته لاهوست ز دانس بقا
    جرعه فيضش به تحيير فزود
    ياده کش ساغر با هوت را
    گشت چو پيراست در ملک ذات
    سسند هاهوت از ان بادشا
    جان طلب از سال عروجش نمود
    مرشد وقت و قطب آمد ندا،
    1167 هه
    2- شاهه عبداللطيف ٺٽوي:
    هيءُ پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، شاهه اسماعيل صوفي ۽ علامه محمد معين ٺٽوي جو گهرو دوست هو، موسيقي جو ماهر هو، فارسي زبان جو سٺو شاعر هو،” مشهوري کان ڀڄندڙ ۽ وڏين ڪرامتن جو مالڪ هو“شاهه سلام الله ٿر ڌڻي کي هن فقير فيض پهچايو هو.
    3-عبدالڪريم ٺٽوي:
    هن خليفي شهه شهيد جو روضو مبارڪ جوڙايو، روضي جو ڪم گهڻو ڪري رات جو هلندو هو، اهل بيت پڻ عقيدت مان چولي جون تغاريون ڍوئيندا هئا، اهي سيد
    ٺٽي ۾ صوفي سيد سڏبا آهن .
    4- محمد اسحاق:
    هيءُ فقير نصرپور جو ويٺل هو، روحل فقير ڪنڊريءَ وار سندن اولاد مان آهي.
    5- محمد صدي ڀيڏن وارو:
    هيءُ ذات جو لاکو هو ۽ هالا تعلقي جو ويٺل هو، ميڙي جي شروعات هن خليفي جي رٿ سان ٿي، پوءِ هر سال ميلو لڳندو رهيو، جيڪو اڃا تائين لڳندو اچي.
    6- خواجه عبدالله عرف حاميد:
    هيءُ اجمير وارن بزرگن مان هو، هن خليفي دهلي جي حڪمران کان پروانو وٺي صوفين جي مارڻ ۽ ( يا الله) چوڻ واريون پابنديون ۽ قهري قانون منسوخ ڪرايا، سنڌ اچي شاهه عزت الله شاهه کي گاديءَ تي ويهاريو.
    7- سليمان هندي:
    هيءُ خليفو پنج سئو هندي فقيرن سان حضرت صوفي صاحب سان گڏ هند کان سنڌ آيو هو ۽ سليمان هدي سڏبو هو، وڏو بهادر انسان هو، رياضتون ڪري وڏي مقام تي پهتو، 1130 هه ۾ پنهنجي مرشد سان گڏ شهيد ٿيو.
    8- اڊن اوراهه وارو:
    هيءُ ذات جوڳ سمون هو، وڏيون رياضتون ڪيائين، اڪثر ٻڪريءَ جي تازي کل وٺي بدن تي پائي ڇڏيندو هو، اٺ ڏينهن اها کل چڙهي پئي هوندي هيس.
    9- شاهه اسماعيل ٺٽوي:
    سندن اصل نالو اسد الله هو، حضرت صاحب جو پيارو خليفو هو، صوفي صاحب کي پنهنجي ڀيڻ جو سنگ ڏنو هئائين، مقلات الشعراءَ ۽ تحفته الڪرام ۾ سندس احوال آيل آهي، مولانا وفائي تذڪره مشاهير سنڌ ۾ لکيو آهي ته ؛ شاهه اسماعيل وقت جو هڪ وڏو بزرگ ڪرامتن ۾ وڏي ڪرامات جو مالڪ هو. شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ واري سان دوستي ۽ اخلاص جا گهاٽا تعلقات هوس.

    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ڪتاب ”لاڙ جو مطالعو“ مان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    787
    ورتل پسنديدگيون:
    1,064
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    سائين عبدالغني لوهار صاحب ”صوفي شاه عنايت شهيد “ جي باري ۾ تمام بهترين معلومات شيئر ڪئي اٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو