محترم سنڌي ساٿيو۔ سنڌ مشهور فنڪار محترم الهڏنو خاصخيلي پنگريو ۾ ٿيل سائين مرحوم نورمحمد نور جي ڪتاب جي مهورت وقت راڳ رنگ جي محفل ۾ شريڪ ٿيو هو ۔ مشهور شاعر دادن فقير جو ڏوهيڙو ۽ سرڪش جي شاعري جا ڪجهه بند ٻُڌائي ساري محفل کي جهومائي ڇڏيو هُئائين۔ اسان ٿورائتا آهيون محترم سليم سنڌي سمون صاحب سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو ضلع بدين جن جا جن جي تعاون سان هن خوبصورت گيت جي فلمبندي صرف ۽ صرف سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ واسطي ٿي سگهي۔ هڪ دفعو ٻيهر توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته هن خوبصورت گيت کي فلمبند ڪيو آهي هوسڙي شهر کان سنڌ سلامت جي سڏ تي آيل محترم عبدالغفور سمون صاحب۔ جڏهن ته وڊيو ايڊيٽنگ ۾ اسان جي سنڌ سلامت ساٿ جو ساٿي ادا محمد جُمن شيخ، جڏهن ته ڊائريڪشن توهان جي هن ناچيز دوست نثار ناز جي آهي۔ پيش آهي سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي 6 ڇهين پيشڪش سنڌ فنڪار محترم الهڏنو خاصخيلي جي آواز ۾ دادن فقير ۽ سرڪش جي شاعري اميد آهي ته ساري دنيا جي سنڌي دوستن جي آڏو اسان جي هي محبت ساڀيان پوندي
پهريون دوهيڙو ته انتهائي سخت ۽ ڪڙن لفظن تي ٻڌل آهي۔۔۔۔ بيغيرت جي نه جائز آهي نماز۔۔ بيغيرت سان کائڻ پيئڻ بند ڪر۔۔۔ جي غيرت جو تو ۾ مادو آهي اگر ۔۔ ته گهر واريءَ جو ٻاهر گهمڻ ڦرڻ بند ڪر۔۔۔۔ سڏائين ٿو الله وارو جي اگر۔۔۔۔ ته پهريان مريدن کان پنڻ بند ڪر۔۔۔۔ جو پيسي جي خاطر وڃائي وقار۔۔۔ انهيءَ سان ناتو رشتو رکڻ بند ڪر۔۔۔ محمد صه جو جي آهين امتي اگر۔۔۔ ته ڌيءُ ڏوڪڙن ۾ ڏيڻ بند ڪر۔۔۔ اجايو نه ڪنهن تي کلو خواه مخواهه بي معني بي مقصد کلڻ بند ڪر۔۔۔ دلِ حال نه ڪر ڪنهن سان تون اچي دادن۔۔ خبر بي خبر سان ڪڇڻ بند ڪر۔۔۔ سائين نثار صاحب بهترين آواز شيئر ڪرڻ تي توهان جا ٿورائتا۔۔۔
ادا وڏي ائڊمن رشيد سمان تُنهنجي ڪري ئي اسان جي دل وڌي آهي، جو سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي پنهنجي لکڻين ، پنهنجي سوچن ذريعي سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تان پنهنجي پنهنجي حسب توفيق سموري دنيا جي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن۔ يقين ڪر ادا مونکي دوستن سنڌ سلامت اسٽوڊيو تان سنڌ سلامت جون پنهنجون پيشڪشون شيئر ڪرڻ تان ايڏا ته قرب ۽ پيار ڏنا آهن جو بيان ڪرڻ کان ئي ٻاهر آهن۔ ادا اهو سارو ڪريڊٽ توهان کي وڃي ٿو۔ شال جُڙيا هُجو پنهنجي پيارن سان۔
مهرباني ادا ميرجان جو توهان هن وڊيو کي بهترين چيو، ادا ميرجان پليز توهان پنهنجي باري ۾ڪا خبر چار ٻُڌايو۔ ته اصل ڪٿان جا آهيو۔ جيڪڏهن تفصيل سان لکو ته تعارف واري شعبي ۾ اسان توهان جي تعارف جا منتظر رهنداسين۔