آزار جا انواع

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏14 نومبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    آزار جا انواع
    احسان احمد عرساڻي
    ڪنهن غير سرڪاري تنظيم کي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ڇپايل سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن جي جائزي لاءِ مالي امداد ملي. رٿا جي پهرين مرحلي ۾ ”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“، ”سنڌي پهريون ڪتاب“ ۽ ”سنڌي ٻيون ڪتاب“ جو گھڻ رخو جائزو وٺڻو هو ۽ سڌاري لاءِ تجويزون مرتب ڪرڻيون هيون. ان تنظيم جي سربراهه هڪ مراسلي ۾ مون کي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا ڇپايل ٽي ڪتاب، ”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب، سنڌي پهريون ڪتاب“ ۽ ”سنڌي ٻيون ڪتاب“ اماڻيا ۽ انهن جو تنقيدي جائزو ڪرڻ جي درخواست ڪئي. مون کان سواءِ ڪيترن ٻين ماهرن ۽ استادن کي پڻ اهڙي منٿ ڪئي وئي ۽ پوءِ سڀني کي پنهنجا رايا 18هين ۽ 19هين نومبر 2011ع تي رٿيل گڏجاڻين ۾ پيش ڪرڻ لاءِ دعوت پڻ ڏني وئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ حاضر سروس استاد، رٽائرڊ استاد، سنڌ جي تعليم کاتي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ بيورو آف ڪريڪيولم سان واسطو رکندڙ تعليم و نصاب جا ماهر پڻ موجود هئا. ان دوران درسي ڪتابن ۾ ڏنل مواد، مستعمل ٻوليءَ، ڇپائيءَ جي سڀاءُ، تصويرن، ۽ ڏنل قدرن تي ڀرپور بحث ٿيو ۽ تمام گھڻيون صلاحون ڏنيون ويون. مستعمل ٻوليءَ تي بحث ڪندي ڪيترين ئي چُڪن جي نشاندهي ڪئي وئي، ڪيتريون ئي درستگيون ڪيون ويون، ۽ ڪيترن ئي سڌارن لاءِ تجويزون ڏنيون ويون.
    انهن درسي ڪتابن تي جيڪا تنقيد ڪئي وئي، تنهن ۾ هيٺيان اسم شامل آهن:
    1. ڇپائيءَ جو سڀاءُ (ڪوالٽي) سڌارڻ جي ضرورت آهي.
    2. هِجي جون غلطيون آهن. ڪتاب ۾ ڏنل هجي ٻاراڻي ڪتاب ۾ ڏنل ڪَڪ پٽيءَ ۾ ڏنل اصولن خلاف آهي.
    3. ڪن جاين تي تحرير خوبصورت ناهي.
    4. مشقون بي مقصد آهن، جن جو مضمون (سنڌي زبان) جي سکيا سان ڪو به واسطو ناهي.
    5. مواد مذهبي ۽ ناقابل قبول آهي.
    6. مدي خارج يا منفي قدرن جي سکيا ڏني وئي آهي.
    7. جنسي اڻ برابريءَ جو مظاهرو ڪيو ويو آهي.
    8. تصويرن ۾ غلطيون آهن.
    ڪتاب جي ڇپائيءَ جو سڀاءُ ظاهر ظهور ٻارن جي معيار مطابق نه آهي. ڪن صفحن تي اکرن جا پاڇا آهن، ته ڪن تي تصويرون اڻ وڻندڙ آهن. ڪٿي اکر هلڪا آهن ته ڪٿي گهرا. پر سڀ کان اهم ڳالهه اها ته ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ درسي ڪتابن جي ڪمپوزڱ لاءِ ڪا خاص منطقگري (software) ڪا نه جوڙائي آهي. ڪي مخصوص فانٽس به ناهن جوڙايا. درسي ڪتابن ۾ لفظن جو تحريري صورتون درست بيهارڻ لاءِ ۽ اعرابن جي اثرائتي استعمال لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ روايتي منطقگريءَ کان هٽي ڪري خاص منطقگري ۽ فانٽس جوڙائي.
    ڪتابن ۾ هِجي جون ڪي غلطيون موجود آهن، جن جي نشاندهي ڪئي وئي. اهي غلطيون دراصل نادانسته چُڪون نه آهن. حقيقت اها آهي ته درسي ڪتابن تي ڪم ڪندڙ ماهرن جي ٽيم ۾ لسانياتي مهارت جي کوٽ موجود آهي. ڪيتريون هجيئون اسان جي ليکڪن اهي رکيون آهن، جيڪي ڪن بزرگ اديبن جي خواهش موجب طَي ٿيل آهن. اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته ”اديب“ لازماً ٻوليءَ جو ماهر نه ٿيندو آهي، نه ئي ڪو ڪهاڻيڪار يا ناول نگار لازمي طور تعليم جو ماهر ٿيندو آهي. اسان جي اديبن ڪن لفظن جون اهڙيون هجيئون رکي ڇڏيون آهن، جيڪي ٻاراڻي ڪتاب ۾ پاڙهي ويندي ڪڪ پٽيءَ جي اصولن جي خلاف آهن. مثال طور طَي کي ”طيءِ“، شَي کي ”شيءِ“، سَو کي ”سئو“ ۽ ”ايئن“ کي ”ائين“ ڪري لکڻ. جڏهن ته ڪڪ پٽيءَ تي الف زبر يي ”اَي“ ۽ الف زبر وا ”اَو“ سيکاريو وڃي ٿو. ڪڏهن وري ”اديب الف“ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ تي حاوي ٿي ٿو ته ”آءٌ“ لکيو ٿو وڃي ۽ ”اديب بي“ حاوي ٿو ٿي ته وري ”آئون“ ٿو لکيو وڃي. اهڙيءَ ريت لفظن جي هجيئن ۾ مونجھارا پيدا ڪيا پيا وڃن. ضروري آهي ته سنڌي درسي ڪتابن جي تياريءَ ۾ اديبن کي پاسيرو ڪري ڪن لائق تعليمي ۽ لساني ماهرن جو خدمات حاصل ڪيون وڃن.
    تحريري قابليت ۾ به ڪٿي ڪٿي جھول نظر آيو. ڪن جاين تي لفظن جي چونڊ بهترين نه هئي، ته ڪٿي جملن جي جوڙجڪ اڻ سونهندڙ هئي. ڪن جملن جي بناوت پراڻي بلڪه مدي خارج هئي. مثال طور: ”کاڌي کائڻ کان پهرين...“ جڏهن ته بهتر جملو هن ريت ٿيندو: ”کاڌو کائڻ کان پهرين...“. ساڳيءَ ريت ”حملو ڪرڻ کان سواءِ هليا ويا“ جي جاءِ تي ”حملي ڪرڻ کان سواءِ ويا هليا“ استعمال ٿيل آهي. گڏجاڻيءَ ۾ موجود ماهرن جي راءِ موجب ڪي سبق ته ماڳهين نئين سر لکڻ جي ضرورت هئي. مثال طور، ٻين درجي جي ڪتاب ۾ ”سچ“ سبق ۾ هڪڙو مثبت قدر ”سچ ڏيڻ لاءِ ليکڪ ”ڪوڙ“، ”چوري“ ۽ ٻين برين عادتن جو ذڪر ڪيو آهي. سبق جاندار ۽ بي جان شيون“ جي عنوان مٿان نصيحت ”سلام ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪريو“ لکي وئي آهي. مطلب ته درسي ڪتاب جي تياريءَ ۾ حصو وٺندڙ سمورن ڏاهن مان ڪنهن کي به ايتري ڄاڻ نه هئي ته لفظ ”اڳرائي ڪرڻ“ هڪ منفي اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب ”اڳ ۾ وار ڪرڻ“ يا ”جھيڙي جي ابتدا ڪرڻ“ آهي. شايد ليکڪن جو مقصد سلام ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ڪريو“ هو.
    ايئن ئي ٽين درجي جو درسي ڪتاب پڻ اهڙي مواد سان ڀريل آهي، جنهن سان مدي خارج روايتن توڙي منفق قدرن ۽ روين کي تقويت ملي ٿي. مثال طور هڪ سبق ”ٽي سپتيا دوست“ ۾ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو درس ڏيڻ لاءِ هڪ انتهائي احمقانه ڪهاڻي جوڙي وئي آهي، جنهن مان ڪردارن جي سچائيءَ بدران ڪم عقلي به ظاهر ٿي ٿي، ته قبيلائي نظام جو به ڏيک نظر اچي ٿو، جنهن منجھه ”چڱي مڙس“ جي چوڻ تي سڱابندي ڪرڻ جو سبق ڏنو ويو آهي. مطلب ته ان سبق ۾ به هڪ سٺي قدر ايمانداري“ جو قدر ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ ناسمجھيءَ سميت ڪيترا ئي منفي قدر ڏنا ويا آهن.
    سبقن جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنل مشقن اندر رڳو اهڙا سوال رکيا ويا آهن، جن سان ٻارن جي يادگيريءَ جو امتحان ٿي سگھي. مناسب تربيت کان سواءِ ڀرتي ٿيل اسان جي پرائمري اسڪولن جا استاد، جيڪي لفظ استاد جي وصف تي مس ٿا پورا لهن، سي ٻارن کي ساڳيا سوال جيئن جو تيئن ڪاپين تي لکائيندا آهن ۽ رٽي اچڻ جو حڪم صادر ڪندا آهن. ٻار انهن سوالن جا جواب جيئن جو تيئن ذهن نشين ڪري امتحان ۾ جيئن جو تيئن لکي ايندا آهن. مثال طور، پهرين سنڌي ڪتاب جي سبق ٽين جو هيءُ سوال: اسان جي اسڪول ۾ ڪيترا ڪمرا آهن؟ ان سوال جو جواب ياد ڪرڻ سان ڇا حاصل ٿيندو؟ ٻار ۾ ڪهڙي لساني قابليت ايندي؟ جيئن ته اڪثر استادن ۾ اهڙي اهليت ۽ قابليت ئي ناهي جو پاڻ ئي اهڙيون مشقون جوڙي تيار ڪري سگھن جيڪي سبق جي مواد سان لاڳاپيل به هجن ته ٻارن جي ذهني افزائش به ڪن، تنهنڪري درسي ڪتاب ۾ موجود مشقون ئي شاگردن جي سکيا جو اڪيلو وسيلو آهن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ تي غير معمولي ذميواري عائد ٿي ٿي.
    منهنجي خيال ۾ ته ڪتابن اندر مواد ۾ ڪٿي به دانسته طور جنسي اڻ برابريءَ جو مظاهرو نه ڪيو ويو آهي. پر هڪ درسي ڪتاب جي جلد تي ڇپيل تصوير ۾ ڪن ڇوڪرين کي ڪم ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته هڪَ وڏِي ڇوڪرِي ننڍي ڇوڪري کي هنج ۾ ويهاري ڪتاب پاڙهي رهي آهي. اهڙيءَ ريت ڪتاب جي جلد تي ئي جنسي اڻبرابريءَ وارو تاثر ملي ٿو. ڪتاب جي جُلد تي غلط تاثر ڏيندڙ تصوير دراصل آرٽسٽ جي محدود بصيرت جو نتيجو آهي. جيتوڻيڪ انهن درسي ڪتابن ۾ هڪ ٻي غير دانسته جنسي اڻبرابري موجود آهي، جنهن تي ڪنهن جو به ڌيان نه ويو. ٻين درجي جي ڪتاب ۾ شخصيتن تي ڪل چار سبق آهن، جن مان هڪ به ڪنهن عورت تي لکيل ناهي. ان ڳالهه مان لاشعوري طور جنسي اڻبرابريءَ جو تاثر ملي ٿو. ٻين سبقن ۾ به، ڪٿي به ڪنهن به نامور عورت ڪردار جو ذڪر ناهي.
    سنڌي درسي ڪتابن ۾ انيڪ قسم جي مدي خارج ۽ منفي قدرن جو پرچار ٿي رهيو آهي. اڄوڪي تهذيب يافته سماج ۾ اهڙن قدرن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي. مثال طور، پهرين سنڌي ڪتاب جي صفحي 10 تي ڏسندا:
    وڏن جو ادب ڪريو: اڻ سڌيءَ طرح ان ڳالهه جو درس ڏنو پيو وڃي ته هم عمر ۽ پاڻ کان ننڍن جي عزت ڪرڻ ضروري ناهي.
    ننڍن سان پيار ڪريو: ساڳيءَ ريت هتي به اڻ سڌيءَ ريت اهو پيو ٻڌايو وڃي ته هم عمر ۽ پاڻ کان وڏن سان پيار ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
    پاڙيوارن سان سٺو هلو: اهو درس ته انتهائي منفي آهي، جنهن مان اهو ٿو ظاهر ٿي ته سڀني سان سٺو هلڻ جي ضرورت بلڪل به ناهي. اهو سمجھڻ جي اشد ضرورت آهي ته جديد سماج ۾ عزت، پيار، خيال رکڻ ۽ مدد ڪرڻ وارا جذبا مذهب، عمر، رنگ، نسل، مٽي مائٽي يا واسطيداريءَ سان مشروط ناهن.
    مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آهي: اهو منفي درس پهرين سنڌي ڪتاب جي صفحي نمبر20 تي به ورجايل آهي ته سمورن درسي ڪتابن ۾ الائجي ڪيترا ڀيرا ورجايل آهي. اسان اڄ تائين انساني ڀائپيءَ بدران اسلامي ڀائپيءَ جو درس ڏئي رهيا آهيون، جيڪو اسان جي معاشري ۾ مذهبي تفرقو پکيڙي رهيو آهي.
    ٻين درجي جي سنڌي ڪتاب اندر سبق ”حضرت علي ڪرم الله وجهه جي بهادري“ ۾ لکيل آهي ته ”حضرت علي ڪرم الله وجهه ڪيترين ئي جنگين ۾ حصو ورتو. پاڻ هر جنگ الله جي رضا لاءِ ڪندو هو“. اهو الله جي رضا لاءِ جنگ ڪرڻ وارو درس اڄوڪي سماج ۾ ڪيتري قدر مثبت سمجھيو ويندو؟ دنيا ان کي ڪيئن ٿي ڏسي؟ ڇا اسان جي ملڪ اندر هر سال شهري آباديءَ تي ٿيندڙ ڪيترا ئي خود ڪش حملا الله جي رضا جي نالي ۾ نه ڪيا ويندا آهن؟ ڪٿي اڄوڪو سماج ان کي ”بنياد پرستي، مذهبي انتها پسندي“ ۽ ”دهشتگرديءَ“ جي ذمري ۾ ته نه ٿو آڻي؟ لفظ ”دشمن“ جي جاءِ تي لفظ ”ڪافر“ جو استعمال اڄوڪن جديد قدرن سان ڪيترو ٺهڪندڙ ٿو محسوس ٿي؟
    سنڌي درسي ڪتابن جا سبق اڌ کان وڌيڪ مذهبي مواد تي ٻڌل آهن. مثال طور، ٻين درجي جي سنڌي ڪتاب ۾ بيتن سوڌو چاليهه سبق آهن، جن مان پنج سبق ”الله سائينءَ جون نعمتون“، ”اسان جا نبي سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم“، ”نعت، نماز ۽ روزو“، ”حضرت علي ڪرم الله وجهه جي بهادري“ ۽ ”عيدالفطر“ ته عنوان مان ئي پڌرا اسلامي سبق آهن. باقي ٻيا به ڪيترا ئي سبق خالصتاً اسلامي آهن، جيڪي بظاهر عنوان مان سمورن مذهبن لاءِ قابل قبول ڀانئبا. مثال طور ”ٻين جي مدد ڪرڻ“، ”ايمانداري“، ”ڀائپي“، ”گڏجي ڪم ڪرڻ“، ”سَچ“، ”سلڇڻو ٻار“، ”چڱيون عادتون“، ”صحت ۽ صفائي“. جيتوڻيڪ اهي سمورا قدر دنيا جي سمورن سماجن ۾ يڪسان اهميت رکن ٿا، ۽ ڪيترن غير مسلم معاشرن ۾ ته اهي قدر تمام پختا آهن، پر انهن کي به خالصتاً مذهبي رنگ سان پيش ڪيو ويو آهي.
    پهرين درجي جي سنڌي ڪتاب ۾ ٽيهه سبق آهن، جن مان پهرين ٽن سبقن جا عنوان هي آهن: ”الله سائين“، ”اسان جو پيارو نبي“، ۽ ”مسجد“. پهرين درجي ۾، جڏهن ٻارن جي عمر مس پنج سال آهي، تڏهن وٽن ”جاندار“ ۽ ”بي جان“ شين وارو تصور ئي چٽو ناهي، کين اها به خبر ناهي ته آواز ڇا ٿيندو آهي. ان ننڍڙي ڄمار ۾ کين ڪا به نه ڏسجندڙ غير مادي شَي سمجھائڻ تمام مشڪل ۽ طبعي طور محسوس نه ٿيندڙ شين جو تصور سمجھائڻ ناممڪن ٿيندو آهي. ان ڄمار ۾ ٻارن کي سندن پسگردائيءَ جي ماحول ۽ ان ۾ موجود شين جي باري ۾ ئي ڄاڻ ڏني ويندي آهي. ان ننڍي عمر ۾ مذهبي عقيدا سمجھائڻ خود مسلمان ٻارن مٿان تمام وڏو ظلم آهي. ان کان سواءِ غير مسلم ٻارن کي اهو مذهبي مواد پڙهائڻ ته ملڪ جي غير مسلم آباديءَ جي بنيادي انساني حقن جي لتاڙ آهي. اصولاً سنڌي مضمون جو واحد مقصد سنڌي ٻوليءَ جون لساني قابليتون ڏيڻ ئي آهي. پر ان ۾ قائداعظم، علامه اقبال ۽ هندستان جي مسلمانن بابت سبق وجھي هڪ پاسي ”سنڌي“ مضمون جي مقصدن کان انحرافي ڪئي وئي آهي، ته ٻي پاسي درسي ڪتابن کي ٻارن لاءِ اڻوڻندڙ ۽ غير دلچسپ بڻايو ويو آهي.
    ٻوليءَ ۾ جن غلطين جي نشاندهي ڪئي وئي، تن جي ته تصحيح ٿي ئي ويندي، ۽ تصويرن جي سڀاءُ ۾ به بهتري آڻڻ ڏکيو ڪم ناهي، پر ڳڻتيءَ جي ڳالهه ڪتاب ۾ ڏنل مواد جي نوعيت ۽ ان ذريعي نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيندڙ قدر آهن. مذهبي رواداري (Religious tolerance)، جنسي برابري (Gender Equality)، انساني ڀائپي (Fraternity)، باهمي احترام (Mutual Respect)، ۽ شخصي آزادي (Liberty) جهڙا قدر ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪرڻ اسان جي قومي وجود لاءِ نهايت ئي اهم آهي. بد قسمتيءَ سان اسان جا درسي ڪتاب انهن مان ڪنهن به قدر جي پٺڀرائي نه ٿا ڪن. انهن جديد ۽ مثبت قدرن جي جاءِ تي اسان جا سنڌي درسي ڪتاب مدي خارج ۽ منفي قدر ڏئي رهيا آهن. مذهبي رواداريءَ بدران بنياد پرستي، جنسي برابريءَ بدران مردانه اجاراداري، انساني ڀائپيءَ بدران مذهبي انتهاپسنديءَ جهڙن منفي قدرن جي نئين نسل ڏانهن منتقلي اسان جي درسي ڪتابن جو نصب العين بڻيل آهي. تنهن کان سواءِ باهمي احترام ۽ شخصي آزاديءَ وارن قدرن کان به اسان جا درسي ڪتاب وانجھيل آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌي سماج انيڪ آزارن جي ور چڙهيل آهي. ڪنهن به سماج اندر پلجندڙ بيمارين جي تشخيص ۽ انهن جو بروقت علاج ڪرڻ لاءِ طبيب جو ڪردار تعليمي ماهر ئي ادا ڪندا آهن. پر اسان جي والاريل وطن ۾ اهي طبيب بي وس تماشائي بڻيل آهن.
    جڏهن ڪتابن اندر موجود مواد ۽ سبقن جي موضوعن تي بحث ٿيو ته نصاب تي بحث اڻٽر هو. ٻارن لاءِ چونڊيل موضوعن تي ئي اعتراض ٿيڻ لڳا. ان وقت سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ بيورو آف ڪريڪيولم سان واسطو رکندڙ ماهرَ پنهنجي بي وسي ظاهر ڪرڻ لڳا. بي وسي ۽ بي اختياريءَ جا ڪيترا ئي پراڻا توڙي تازا قصا بيان ڪيا ويا. سنڌي ٻوليءَ جي مضمون تي سينٽرل بيورو آف ڪريڪيولم جو متعصباڻو رويو، مربوط نصاب وارو ناٽڪ، ۽ نصابي پاليسي جوڙڻ جي سمورن اختيارن تي نانگ ٿي ويهڻ وارو وفاق جو آمراڻو رويو، سڀ ڪجھه اهڙيءَ ريت بي ڪسيءَ سان بيان ڪيو ويو جو ”والاريل سنڌ“ جو نقشو صاف چٽيل نظر آيو. درسي ڪتابن ۾ ڪهڙو مواد پيوست ٿيندو، سبقن جا موضوع ۽ عنوان ڪهڙا هوندا وغيره جهڙا سمورا معاملا نصاب جو وفاقي ادارو ئي طَي ڪندو آهي. ڪٿي ويو ڊووليوشن، ڪٿي وئي ڊيسينٽرلائيزيشن، ڪٿي وئي صوبائي خودمختياري، ۽ ڪٿي وئي ارڙهين ترميم؟ ان ارڙهين ترميم جي رڳو هڪ ئي نُڪتي تي عمل ٿي سگھيو، سو آهي سنڌ جي ڪوئلي جي مالڪاڻن حقن جي وفاق ڏانهن منتقلي. باقي سموريون ڳالهيون ڪاغذن تائين ئي محدود رهيون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي نصاب خاص ڪري ٻارن جي نصاب جي حوالي سان هڪ اهم موضوع ونڊ ڪيو ويو آهي۔ عرساڻي صاحب پاڻ به تعليمي ماهر آهن جيڪي انهن ڳالهين کي خوب سمجهن ٿا۔
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    هڪ اهم، دلچسپ، ڪارائتو موضوع ونڊ ڪيو ويو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو