• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عقلمندي۔۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
interviewer4.gif.jpg

هڪ مشهور ملٽي نيشنل ڪمپني جي جاب جي سلسلي ۾ هڪ اميدوار انٽرويو ڏيڻ آيو۔۔۔۔
انٽرويو ڪندڙ کيس چيو۔۔۔ ”سوچي سوچي ٻڌا ته مان توهان کان 10 آسان سوال پڇان يا وري صرف هڪ مشڪل ترين سوال پڇان۔۔۔۔؟“
اميدوار ڪجهه گهڙيون سوچيندو رهيو ۽ پوءِ جواب ڏنائين ۔۔ ” منهنجو خيال آهي ته مون کان صرف هڪ مشڪل سوال پڇو۔۔۔۔۔ ؟“
انٽرويو ڪندڙ چيو۔۔۔ ” تمام ڀلو۔۔ توهان پنهنجي لاءِ هڪ مشڪل ترين سوال پڇڻ جي سليڪشن ڪئي آهي۔۔۔۔ ته چڱو ڀلا اهو ٻڌايو ته سڀ کان پهريان ڏينهن آيو يا رات۔۔۔۔؟“
اميدوار گهڙي پل لاءِ گهٻرائجي ويو۔۔۔ هن سوچيو ته مون کي نوڪري ملڻ هن سوال جي درستگي تي منحصر آهي۔۔۔ گهڙي کن سوچي هن جواب ڏنو۔۔۔۔ ”سائين منهنجو خيال آهي ته ۔۔۔۔ ڏينهن۔۔۔“
انٽرويو ڪندڙ چيو۔۔ ” اهو ڪيئن۔۔۔؟“
اميدوار جواب ڏنو۔۔۔ ”معاف ڪجو سائين ۔۔ توهان واعدو ڪيو هو ته توهان مون کان هڪ ئي مشڪل سوال ڪندا۔۔۔“

ڇا مون کي اڃان به اهو ٻڌائڻو پوندو ته اميدوار کي نوڪري ملي يا نه۔۔۔۔۔؟
 
Back
Top