• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ پهرين محرم جي حوالي سان سڀاڻي موٽر سائيڪل هلائڻ تي پابندي لڳائي وئي

عرس پريو

سينيئر رڪن
ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ پهرين محرم جي حوالي سان سڀاڻي صبح 6 بجي کان رات 7 بجي تائين موٽر سائيڪل هلائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.سڀاڻي موٽر سائيڪل تي ٻاهر نڪرڻ تي مڪمل طور تي پابندي لڳائي وئي آهي ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي وزيرداخلا رحمان اهڙو حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته موٽر سائيڪل تي مڪمل طور تي پابندي لڳائي وئي آهي ان کان علاوه ڪا به گاڏي بغير ڪاغذن جي ۽ ڊرائيوز ٻغير ڊرائيوز لائسنس ۽ شناختي ڪارڊ جي ڪا گاڏي پڪڙي وئي ته ان خلاف به سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. رحمان ملڪ حڪم جاري ڪندي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو فائرنگ ڪندي يا ڪا ٻي اهڙي حرڪت جنهن سان انساني جانين لاءِ نقصان ٿيئي ان خلاف اتي ئي ڪاروائي ڪئي ويندي۔

بي بي سي سنڌي
 
نڀاڳن ۽ جاهل حڪمرانن جا نڀاڳا ۽ جاهلاڻه عمل ۔۔۔ عقل جا انڌا حڪمران ،۔۔۔ اهڙون ڪاروايون پيا ڪن ڄڻ ته هو پنهنجي ملڪ ۾ نه پر ڪنهن ڌارئي ملڪ ۾ رهن ٿا ۔۔۔۽ کين هر ماڻهون کان ڀئو ڪندا هجن ۔۔۔ عوامي حڪمران آهن ۔۔۔ لعنت الله علي الظالمين ۔۔۔۔
 
ڪراچي .....سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وفاقي حڪومت پاران ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ پهرين محرم الحرام تي جمعي ڏينهن موٽر سائيڪل هلائڻ تي لڳايل پابندي جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مشير عالم هي فيصلو سنڌ بار جي درخواست تي ڪيو ۽ ايدووڪيٽ جنرل سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ صوبائي گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي صبح جو 11 وڳي طلب ڪري ورتو آهي.
سنڌ بار جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته موٽر سائيڪل هلائڻ تي پابندي غيرقانوني آهي.ياد رهي ته وفاقي حڪومت پهرين محرم تي صبح 6 وڳي کان رات جو 7 وڳي تائين ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ موٽر سائيڪل هلائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ ۾ ٽين قوت ملوث آهي.پهرين محرم تي ڪراچي ۾ هٿيار کڻي هلڻ تي به پابندي هوندي.ذريعن مطابق ڪراچي ۾ رجسٽرڊ موٽر سائيڪلن جو انگ 12 کان 14 لک آهي.جڏهن ته شهر هلندڙ ٻين شهرن ۾ رجسٽرڊ موٽر سائيڪلون ان ڳڻپ ۾ سشامل نه آهن ۽ غير رجسٽرڊ موٽر سائيڪلن جو انگ ان کان به گهڻو آهي.
 
بيبي زنده آهي بيبي زنده آهي جي نعري تي نامراد شخصيتون مراد حاصل ڪري ويون ۽ هن چوڻي جي مترادف ته
ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو
انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي ،
وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪائينرن جو
سو اسان جو بخت جو هيڙا نڀاڳا حڪمران مليا آهن ، هونء هر حڪمران جي معمولي ڳاله به عوام عوام ڪري ان کي بيدخل ڪري ڇڏيندا آهن پر هي واه جا حرامي گڏيا آهن جيڪي هر شئي هٿن سان کپائي ۽ تباه ڪري رهيا آهن پوء به هر ڪو چپ آهي
شايد اسان جي عملن ۾ ايڏو فطور اچي ويو آهي
بس اسان جي بيوسي جو ۽ بيهسي جو فائدو پيا ٿا وٺن تڏهن ته ملڪ تي چورن جو راڄ آهي نه ته ،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
 
ڪراچي .....سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وفاقي حڪومت پاران ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ پهرين محرم الحرام تي جمعي ڏينهن موٽر سائيڪل هلائڻ تي لڳايل پابندي جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مشير عالم هي فيصلو سنڌ بار جي درخواست تي ڪيو ۽ ايدووڪيٽ جنرل سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ صوبائي گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي صبح جو 11 وڳي طلب ڪري ورتو آهي.
سنڌ بار جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته موٽر سائيڪل هلائڻ تي پابندي غيرقانوني آهي.ياد رهي ته وفاقي حڪومت پهرين محرم تي صبح 6 وڳي کان رات جو 7 وڳي تائين ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ موٽر سائيڪل هلائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ ۾ ٽين قوت ملوث آهي.پهرين محرم تي ڪراچي ۾ هٿيار کڻي هلڻ تي به پابندي هوندي.ذريعن مطابق ڪراچي ۾ رجسٽرڊ موٽر سائيڪلن جو انگ 12 کان 14 لک آهي.جڏهن ته شهر هلندڙ ٻين شهرن ۾ رجسٽرڊ موٽر سائيڪلون ان ڳڻپ ۾ سشامل نه آهن ۽ غير رجسٽرڊ موٽر سائيڪلن جو انگ ان کان به گهڻو آهي.
لڳي ٿو توهان جي ڳالهه هائي ڪورٽ تائين به پهتي۔۔۔ جو ترت فيصلو به اچي ويو۔۔۔ :)
 
باخبر ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته فقط ڪراچيء ۾ 14 لک موٽر سائيڪل رجسٽرڊ آهن غير رجسٽرڊ جو پتوئي ڪونهي هاڻي جي انهن تي پابندي لڳائي وئي ته 14 لکن کان وڌيڪ ماڻهن لاء پريشانيء جو باعث ٿيندو۔ ڇا دهشتگردي فقط موٽر سائيڪل ذريعي ممڪن آهي يا ان جو ڪو ٻيو تدارڪ ڪونهي۔
 
Back
Top