شهزاد احمد انصاري
سينيئر رڪن
آمريڪا جو حشر به سوويت يونين وارو ٿيندو؟
اڳواٽ ڏکيائين جو شڪار صدر براڪ اوباما پرڏيهي پاليسين بدران ملڪي پاليسين ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ تي مجبور آهي. کيس سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر ڊيوڊ پٽرياس ۽ افغانستان ۽ عراق ۾ آمريڪا جي فوجن جي ڪمانڊر جان ايلن سان جڙيل اسڪينڊلز به پريشان ڪري رکيو آهي ته ٻئي طرف تازو ئي وري اسرائيل طرفان فسلطين تي حملن جو سلسلو شروع ٿيڻ، شام ۾ حڪومت ۽ باغين وچ ۾ ويڙهه جي نتيجي ۾ شهرين جي مارجڻ واري سلسلي ۾ وري شدت اچڻ، ايران جو جوهري هٿيار تيار ڪرڻ کي ويجهو پهچڻ ۽ چين ۾ قيادت جي تبديلي ۽ ٻين عالمي سطح تي رونما ٿيندڙ واقعن پريشان ڪري ڇڏيو آهي. براڪ اوباما انهن کي منهن ڏيندو يا وري آمريڪا اندر ايندڙ بجيٽ لاءِ پنهنجين تجويز ڪيل پاليسين جي مخالفت کي منهن ڏيندو؟ ان جو فيصلو ته کيس ڪرڻو ئي آهي، پر هن وقت وائيٽ هائوس ڏانهن 50 آمريڪي رياستن اهڙيون پٽيشنز موڪليون آهن، جن ۾ انهن رياستن آمريڪا جي وفاق کان ڌار ٿيڻ جي گهر ڪئي آهي. لوئزيانا پهرين رياست هئي، جنهن علحدگيءَ جي پٽيشن فائل ڪئي، ان بعد ٽيڪساس جي پٽيشن فائل ڪئي ويئي ۽ ان بعد هڪ سلسلو شروع ٿيو، جو الاباما، آرڪنساس، ڪولوريڊا، فلوريڊا، جارجيا، انڊيانا، ڪينٽڪي، مشيگان، مسيسپي، مسوري، مونٽانا، نيو جرسي، نيويارڪ، نارٿ ڪيرولينا، نارٿ ڊيڪوٽا، اوريگان، سائوٿ ڪيروليا۽ ٽينيسي ۽ ٻين رياستن مان به پٽشنز فائل ڪيون ويون. پٽيشن فائل ڪندڙ رياستن جو تعداد پهرين 15 ظاهر ٿيو ۽ پوءِ ان جو تعداد مختلف ويب سائٽس تي مختلف رپورٽ ٿيندو رهيو آهي، ڪن تي 15، ڪن تي 20، ڪن تي وري 34، 40 ۽ 50 پڻ رپورٽ ٿيو آهي. انهن پٽيشنز جو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته، آمريڪي آباديءَ جو هڪ وڏو حصو اهو سمجهي ٿو ته، سندن آواز نٿو ٻڌو وڃي ۽ گهڻي عرصي کان مخصوص مفادن وارا ٽولا ملڪ هلائڻ جو رخ متعين ڪندا رهيا آهن. الاسڪا رياست جي فائل ٿيل پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته، علحدگيءَ جي حوالي سان رياست کي ’ووٽ‘ ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته رياست جي ماڻهن جي گهڻائي اهو سمجهي ٿي ته آمريڪي آئين تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، جيڪي آزاديون اسانکي ورثي ۾ مليون هيون، انهن آزادين جو تحفظ نه پيو ٿئي. اوهائيو رياست طرفان داخل ٿيل پٽيشنز مان هڪ ۾ چيو ويو آهي ته، اوهائيو رياست جي آبادي ۽ معيشت سئٽزرلينڊ کان به وڌيڪ آهي ۽ رياست آمريڪي وفاق تي ڀاڙڻ بدران آمريڪا سان دوستيءَ وارا ناتا برقرار رکندي هڪ آزاد قوم طور پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ٿي.
وائيٽ هائوس جي ”We the people“ ويب سائيٽ تي علحدگيءَ جي حق ۾ داخل ٿيل گهڻيون پٽيشنون انهن رياستن مان آيون آهن، جن رياستن مان گهڻي ڀاڱي ريپبلڪن اميدوار مِٽ رومني کي ووٽ مليا هئا، پر صرف ائين به ڪونهي، انهن رياستن مان به علحدگيءَ جون پٽيشنز آيون آهن، جيڪي ڊيموڪريٽس جا ڳڙهه ۽ مضبوط قلعا تصور ڪيون وڃن ٿيون، جهڙوڪ: نيو يارڪ ۽ اوريگان. اوباما جي ڪاميابيءَ کانپوءِ ئي انهن علحدگيءَ وارين پٽيشنز جو سلسلو شروع ٿيو آهي ۽ اوباما جي ڪاميابيءَ تي جيڪو واڌائين وارن پيغامن جو سلسلو شروع ٿيو هو، ان جو جوش خروش مري ويو آهي ۽ آمريڪا ۾ اوباما جي ڪاميابيءَ تي جيڪي ڇال ٽپا ڏنا پئي ويا، اهي هاڻي ختم ٿي ويا آهن. وائيٽ هائوس لاءِ سنجيدگيءَ ۽ ڳڻتيءَ جو مسئلو اهو آهي ته، هونئن ته ٻين رياستن جي پٽيشنز تي گهربل صحيحن جو تعداد گهٽ آهي، پر چئن رياستن فلوريڊا، جارجيا، لوئزيانا ۽ ٽيڪاس - چار اهڙيون رياستون آهن، جن جي پٽيشنز تي قانوني طور گهربل 25 هزار صحيحن واري گهرج پوري ڪئي آهي، ڇو ته اهو ضروري هوندو آهي ته جيڪا آن لائين پٽيشن فائل ٿئي ٿي، 30 ڏينهن اندر ان تي 25 هزار صحيحون ٿين ٿيون ته لاڳاپيل کاتو، ان تي غور ڪري سگهندو آهي. هتي اهو ٻڌائيندو هلجي ته، آمريڪي سول وار دوران پهريون ڀيرو علحدگيءَ واري تحريڪ ناڪام ٿي هئي. سن 1860ع ۽ 1861ع ۾، پندرنهن ڏاکڻين رياستن مان يارنهن رياستن، جتي غلامي (غلام رکڻ) قانوني قرار ڏنل هئي، اهي رياستون علحدگيءَ جو اعلان ڪندي پاڻ ۾ متحد ٿيون ۽ Confederate States Of America جوڙي ورتائون، پر اترئين رياستن کان جنگ هارائڻ کانپوءِ نيٺ 1865ع ۾ اها ڪنفيڊريشن ڊهي پئي.
آمريڪا ۾ ريپبلڪنز (Republicans) جو خيال آهي ته سندن ملڪ جو هن ڀيري ٿيل چونڊن ۾ ٻيهر صدر بڻجي آيل شخص براڪ اوباما ڊيموڪريٽ (Democrat) کان وڌيڪ هڪ سوشلسٽ آهي! فيس بُڪ کان ويندي مختلف سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز تي آمريڪا جي عوام جو هڪ وڏو تعداد پنهنجي ان راءِ جو اظهار ڪري رهيو آهي ته ڪيئن براڪ اوباما آمريڪا جي مفادن جي خلاف سياست ڪري رهيو آهي. جيتوڻيڪ بين الاقوامي سطح تي براڪ اوباما سان اختلافِ راءِ رکڻ لاءِ وٽن ڪو خاص سبب موجود ناهي، پر اندروني طور، مطلب ته ملڪ اندر اوباما جي پاليسين جي حوالي سان ريپبلڪنز سندس ڪا به پاليسي ملڪ دوست نه ٿا سمجهن. اهو ئي سبب آهي جو هن ڀيري جيڪا آمريڪي چونڊ ٿي گذري، سا آمريڪا جي تاريخ ۾ سڀ کان سخت بيان بازي واري چونڊ مهم جو پس منظر رکندڙ صدارتي چونڊ سمجهي وڃي ٿي.
علحدگيءَ لاءِ آمريڪي رياستن جي شهرين طرفان داخل ڪيل آن لائين پٽيشنز جي حيثيت ضرور آهي، پر انهن کي رياستي پٽيشنز جي حيثيت هرگز حاصل ناهي. ايئن به ناهي ته انهن پٽيشنز جي داخل ڪرائڻ وارن اڪيلي سر ئي پٽيشنز داخل ڪرايون آهن. اهي آن لائين پٽيشنز آهن. انهن مان سڀ کان وڏي پٽيشن رياست ٽيڪساس (Texas) جي آهي، جنهن تي 28 هزار کان به وڌيڪ صحيحون موجود آهن. ان پٽيشن جي متن ۾ شامل ڪجهه ڳالهيون هيٺ ڏجن ٿيون: ”آمريڪا معاشي ڏکيائين جي نتيجي ۾ ڀوڳنائن جو شڪار آهي، جيڪي وفاقي حڪومت طرفان ملڪي توڙي غير ملڪي خرچ تي نظرثاني نه ڪرڻ جو نتيجو آهن... جيئن ته ٽيڪساس رياست هڪ متوازن بجيٽ رکندڙ رياست آهي ۽ دنيا ۾ 15هين نمبر تي وڏي معيشت آهي، ان جو (آمريڪا جي) اتحاد (union) کان ڌار ٿيڻ ئي عملي دانشمندي آهي، ۽ ايئن ڪرڻ سان ان جي شهرين جي زندگيءَ جي معيار جو تحفظ ٿيندو...“ ياد رهي ته ٽيڪساس اڳ ڪنهن دور ۾ هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ به رهيو آهي ۽ 19هين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ ئي ان آمريڪا جي يونين ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. ان پٽيشن جي حوالي سان ٽيڪساس جو گورنر اهو بيان ڏئي چڪو آهي ته هو آمريڪا جي اتحاد جي عظمت ۾ يقين رکي ٿو ۽ ان کي تبديل ڪرڻ نه چاهيندو. ٻين رياستن جي ماڻهن پاران داخل ڪرايل پٽيشنز به اهڙي ئي قسم جو متن رکن ٿيون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي پٽيشنز، آمريڪي خابرو ادارن جي دعوائن موجب، وائيٽ هائوس جي ويب سائيٽ تي موجود آهن، پر تحقيق دوران پتو پيو ته انهن پٽيشنز ڏانهن وٺي ويندڙ اهي انٽرنيٽ جا ويب لنڪس جيڪي وائيٽ هائوس جي ويب سائيٽ مان نڪرن ٿا، خراب آهن. اهو به ٻڌائيندا هلون ته لوئزيانا ۽ ٽيڪساس سميت ٻين ڪيترين ئي رياستن مان داخل ٿيندڙ پٽيشنز هاڻي قانوني طور غور جوڳيون ٿي پيون آهن، جو انهن تي گهربل پنجويهه هزار صحيحن کان به وڌيڪ صحيحون ٿي ويون آهن. البت انهن پٽيشنز تي انهن جي داخل ٿيڻ واري تاريخ کانپوءِ 30 ڏينهن جي اندر پنجويهه هزار صحيحون شامل ٿي وڃڻ جي باوجود انهن جي حيثيت اها ئي آهي ته اهي راءِ ڏيندڙن پاران مايوسي جو اظهار سمجهيون وينديون. جيتوڻيڪ اهو ضرور آهي ته ان پيش رفت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته هن وقت آمريڪا ۾ عوام جي هڪ وڏي حصي جي مايوسي انتها تائين پهچي چڪي آهي. دراصل، آمريڪي شهرين جي هڪ وڏي انگ جو خيال آهي ته انهن جو آواز اڻ ٻڌو ڪيو پيو وڃي ۽ سندن سياسي بيچيني جو هاڻي ڪو به حل ناهي. اهو ذڪر ڪرڻ به لازمي آهي ته انهن پٽيشنز جي جواب ۾ آمريڪي يونين يعني رياستن جي اتحاد جي قائم رهڻ جي حق ۾ به پٽيشنز داخل ٿيون آهن، جن تي پڻ وڏي انگ ۾ صحيحون ٿي رهيون آهن. توڙي جو هيستائين مجموعي طرح سمورين پٽيشنز تي ستن لکن کان به وڌيڪ ماڻهن جون صحيحون موجود آهن، پر اهي آمريڪا جي مجموعي آباديءَ جي هڪ سيڪڙي جي برابر مس آهن. ڏسڻو اهو آهي ته هاڻي اوباما انتظاميا ان تي ڪهڙو قدم کڻي ٿي. اصولي طور انهن پٽيشنز کي لاڳاپيل اختيارين ڏانهن موڪلبو، جتي انهن جي حوالي سان ڪا ڪارروائي ٿيندي.
Courtesy: RT & Pittsburgh Post-Gazette
(روزاني ڪاوش جي ٿورن سان)