استاد ( پير علي محمد راشدي)

'مختلف موضوع' فورم ۾ شهزاد احمد انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2012۔

  1. شهزاد احمد انصاري

    شهزاد احمد انصاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    76
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور ناٿن شاه ، دادو
    استاد


    پير علي محمد راشدي



    مون پنهنحي ڳوٺاڻي زندگيءَ واري زماني ۾ دستور جاري ڪيو ته ڪو به ماڻهو منهنجي اڳيان هيٺ نه ويهي. هر آئي وئي ۽ غريب ماڻهوءَ لاءِ به ڪرسيون، کٽون ۽ موڙا رکائي ڇڏيم. جان محمد خان مرحوم کي اها ڳالهه ڪانه وڻي، سو هر ڀيري شڪايتون ڪندو رهيو - چي، ”تو لچن لوفرن جي دل وڌائي ڇڏي آهي، ان مان ڏاڍو ڏچو پيدا ٿيندو.“ پسگردائيءَ جي ڪنهن ”ڄٽ“ سرڪشي اختيار ڪئي ته هڪدم صوبيدار سان بندوبست، ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر اڳيان شڪايت ڪري، بدمعاشيءَ ۾ جهلائي ڇڏيندس. ننگاوتيءَ جي ڳالهه تان ڪنهن خون ڪري وڌو ته پراڻي فيوڊل دستور موجب ان شخص جو هرگز ”پن نه کڻندو“، بلڪ ڦاسي پوندو ته مناسب مدد ڪري ڇڏائي به وٺندس.
    سندس دورانديشيءَ جو هيءُ عالم هوندو هو جو پاڻ کان ڏاڍي سان بنهه هٿ نه اٽڪائيندو. اڳواٽ ڏسي وٺندو هو ته ڪهڙي شخص مان ڪيتري فائدي ۽ ڪيڏي نقصان پهچڻ جو امڪان ٿي سگهي ٿو، پوءِ بعينہ ان انداز ۾ ان سان تعلقات رکيو ايندو. مثلن، منهنجن بزرگن سان اوائل کان وٺي سندس تعلقات اهڙا نه هوندا هئا، جهڙا هجڻ کپندا هئا. انهن جي انتقال بعد منهنجو وارو آيو، سمجهي ورتائين ته مون ۾ نقصان پهچائڻ جي وڌيڪ صلاحيت آهي، تنهنڪري مون سان هڪدم ميٺاج، بلڪ فرمانبرداريءَ جو سلوڪ ڪرڻ لڳو. سالن جا سال اها ڪيفيت قائم رهي. مرحوم مون سان اهڙا پير کنيا جو سندس قضيو ٿيو ته مون ائين سمجهيو ته ڄڻ منهنجو هڪ بزرگ گذاري ويو.
    هڪ ٻيءَ خوبيءَ سبب پڻ آءٌ سندس ڏاڍي عزت ڪندو هوس. مثلن، ڪنهن پاڙيواري سان ڪيڏي به دشمني هونديس، مگر ان شخص تي ڪا تڪليف اچي ويئي ته هر مناسب طريقي سان اُن جي مدد ڪندو. هڪ واقعو مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي. جنهن زماني ۾ منهنجن بزرگن ۽ وڏيري جان محمد خان جا تعلقات خراب هوندا هئا، ان زماني ۾ هڪ دفعي اسان جي ڳوٺ جي ڀر ۾ ڀٽي واهه کي کنڊ پئجي ويو، جنهنڪري اسان جي ڳوٺ ٻڏي وڃڻ جو سخت خطرو پيدا ٿيو، پاڻيءَ جو ايڏو زور هو جو ڳوٺ ٻڏڻ ۾ باقي گهڙيءَ پهر جو سوال وڃي رهيو، ۽ ڳوٺ غرق ٿئي ها ته اسين هميشه لاءِ برباد ٿي وڃون ها. جان محمد خان کي خبر پئي، پاڻ لٽا لاهي، گوڏ ٻڌي، پنهنجي شهر جا سمورا ماڻهو ڪڍي اچي کنڊ ٻڌائڻ بيهي رهيو. سندس پنهنجو ڀاءُ پاڻيءَ کان ٻاهر واهه جي ڀر تي بيٺل نظر آيس، هڪل ڪري چيائين: ”نامراد، اڃا ڀڪ تي ويٺو آهين! اندر گهڙ، مر، مري سر ڏي، ويل اٿئي، ويل ٿو وڃائين!“ سندس ڀاءُ ٽپو ڏيئي واهه ۾ گهڙي پيو. وڏيءَ محنت بعد کنڊ ٻڌو، ۽ اسان جو ڳوٺ غرقابيءَ کان بچي ويو. چوندو هو:”ميان علي محمد شاهه! پاڙي ۾ ويٺا آهيون، ورو وري تي رکيو، پاڙو پيغمبرن کي به پيارو هوندو هو.“
    مون سندس ڪفايت شعاريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. مرحوم جي زمينداري تمام محدود هوندي هئي، مگر تنهن هوندي به ٻيءَ طرف ڪفايت ڪريو پنهنجي ”اوطاق“ قائم رکيو آيو. آئي وئي لاءِ مانيءَ جو ٽڪر هر وقت موجود هوندو. اجائي خرچ کان ائين ويندو، جيئن ”ڪانءُ ڪمان کان“. ساري عمر ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪيائين، نصرت اسٽيشن کان لاڙڪاڻي جو ڀاڙو فقط چار آنا هوندو هو، پر بغير اشد ضرورت جي لاڙڪاڻي تائين به ڪونه ويندو. ڪنهن لڱا لاڙڪاڻي وڃي نڪرندو ته شهر ۾ بگي ڀاڙي نه ڪندو، پنڌ هلندو رهندو، مگر اهڙي شان سان، جو ٻه - چار ماڻهو ضرور ڪڍ هوندس. صورت ۾ به ڏاڍو معزز پيو لڳندو هو - بت ڀريل، قداور، ڏاڙهي چاپئين، سهڻي. لباس: کنڀيل سفيد پڳ، ڊگهو سفيد پيراهن، سفيد سٿڻ، پير ۾ سنڌي جُتي، ڪلهي تي دائما سفيد بوڇڻ، ڪوٽ گاهي ماهي پائيندو، هٿ ۾ سنهو نيٽ جو لڪڻ.
    گفتگو ڪندو ته سمجهي سوچي، اثرائتن اکرن ۾، دليلن، سببن ۽ ثابتين جي بنياد تي. هر جملي مان اڳلي لاءِ عزت پئي بکندي، جنهنڪري ٻڌندڙ هڪدم موهجي ۽ طرفدار بڻجي پوندو. پنهنجن ذات ڀائين ابڙن کي هميشه ڇاتيءَ سان لايو ويٺو هوندو هو. کيس پنهنجيءَ قوم آبڙ جي ماضيءَ تي فخر هوندو هو، ۽ سياسي فائدن جي خيال کان ”آبڙ“ جي حلقي ۾ پسگردائيءَ جي هر ذات کي شامل ڪري ڇڏيو هئائين، مثلاً ڪماريا، دائودجا، راهوجا، جيها، ککراڻي، ڏيٿا، گهانگهرا، جوڻيجا، وغيره. جا ذات سڌيءَ طرح آبڙ ۾ اچي نه سگهندي، ته ان کي ”سماٽ“ ۾ داخل ڪري، ابڙن جو سؤٽ ثابت ڪري ڇڏيندو. پاڙي جي هر ڳوٺ اندر هڪ ”مهانڊو“ پيدا ڪيائين، جنهن جي ذريعي ان ڳوٺ جي ماڻهن تي پنهنجو اثر قائم رکيو آيو. سندس سلوگن (Slogan) يا نعرو هوندو هو: ”آبڙ جو ننگ!“ ان ”ننگ“ جي بنياد تي ساريءَ آبڙ کي سلهاڙيو ويٺو رهيو. پري پري جا ابڙا به کيس پنهنجو اڳواڻ سمجهندا رهيا. ساريءَ اپر سنڌ اندر جت به ڪو ابڙو وڏيرو نظر آيس ته ان سان وڌي وڃي تعلقات پيدا ڪيائين. کين چوندو: ”ادا، ابڙا آهيون، پاڻ ۾ ڀائر آهيون، آبڙڪيءَ جو ننگ اسان کي نه پوندو ته ٻئي ڪنهن کي پوندو!“ غرض ته نه فقط خاص پنهنجي پسگردائيءَ اندر، بلڪ ساريءَ اپر سنڌ ۾ سندس دوست هوندا هئا: وڏيرو صاحب خان جوڻيجو مرحوم (ڌامراهن تعلقي لاڙڪاڻي وارو)، وڏيرو شير محمد خان ڪماريو، (لاڙڪاڻي وارو)، عبدالرحمان موهل (نئين ديري جي ڀر وارو)، رسول بخش خان جوڻيجو (مرزانپور تعلقي ڳڙهي ياسين وارو)، وڏيرو پيرل خان ککراڻي (لڳ نوشهرو تعلقو ڳڙهي ياسين). کهڙن مان محمد ايوب خان کهڙي زور ورتو ته کهڙا به ”سماٽ“ ۾ شامل ٿي ويا، باقراڻيءَ واري وڏيري غلام عمر خان انڙ ترقي ڪئي ته انڙ به ان زمري ۾ منسلڪ ٿيا. غرض ته مرحوم جان محمد خان جي اها پاليسي پڇاڙيءَ تائين ڪامياب رهي، ۽ پاڻ کي ڪڏهن به اڪيلو شمار ٿيڻ نه ڏنائين. في الحقيقت، ان زماني جي هوندي به اها وڏي ۾ وڏي ضرورت هئي.
    پنهنجي ڳوٺ تي ساهه ڏيندو هو. سندس بيٺلائي ڏسي، ڪيترائي ماڻهو ٻاهران لڏي اچي سندس ڳوٺ ۾ ويٺا، جنهنڪري سندس ڳوٺ ڏاڍو وسيو. هر قسم جا ڪاسبي ۽ پيشه ور ماڻهو، جن کي ڳوٺن جي سونهن سمجهيو ويندو هو، موجود ٿي ويا. لوهرن مان مرحوم عثمان عجيب، سچو، معزز، همدرد ۽ نيڪ سيرت انسان سمجهيو ويندو هو. سندس دڪان هڪ قسم جي ڪلب يا ڪچهريءَ جي جاءِ هوندو هو. مُلپيءَ جو ڪم ملان الله بخش (يا ملا علو) جي سپرد هو. ڳوٺ جو موچي استو عارب هوندو هو، جنهن جون ٺاهيل سنڌي جُتيون پنهنجو مثال پاڻ هونديون هيون. پر گراهڪن کي جُتين ٺاهي ڏيڻ بدران گهڻو ڪري ”موچڪن دلاسن،“ تي رکندو هو. استو محمد ڪنڀر هوندو هو، جنهن جي آويءَ تان لٿل ٿانو ڏاڍا مرغوب هوندا هئا. واڻين (هندن) جو هڪ سڄو پاڙو هوندو هو، جن جو مُکي هوندو هو وهنواريو مل. وهنواريومل، وهنوار جي ڪمن ۾ پنهنجي ڳوٺ جي وڏيري وانگر ”صاحبِ پاليسي“ هوندو هو. هٽ هلائڻ کان سواءِ، زمينن جا ٺيڪا به کڻندو رهيو. پنهنجي نياز نوڙت ۽ هيٺانهينءَ وسيلي پاڙي جي کاتيدارن جا ڪَنَ ڪتري ڇڏيائين. غريب کان غريب مسلمان کاتيدار جي اڳيان به ڌرتيءَ تي ويهي رهندو، ۽ هٿ ٻڌي پيو چوندس. ”سائين، تون هاٿي آءٌ ڪِول، تنهنجو پير مون تي پوندو ته منهنجو نشان به ڪونه رهندو“ - پر ان ”ڪول“، وقت آئي، ڪيترن ئي ”هاٿين“ جا نشان مٽائي ڇڏيا. ڀائي هرداسمل ڀونڀٽپور جو ٻيو مهانڊو هوندو هو، وهنوارئي مل کان گهٽ ”پيرڙيو“، ۽ وقت آئي ”مڙس ماڻهو“.
    جان محمد خان جو ڳوٺ وسيو، تنهن جا سبب اُهي ئي هئا، جن جي بنياد تي ان زماني ۾ ٻهراڙيءَ اندر ڳوٺ وڌندا ٿي رهيا. مثلاً:
    (1) ڳوٺ - وڏيري جي زورائتي هجڻ سبب چوريءَ چڪاريءَ جو امڪان ڪونه رهيو،
    (2) لچ لونبڙ اشرافن سان ”آسيب“ ڪري ڪونه ٿي سگهيو،
    (3) آئي وئي ڪاموري سان وڏيرو پاڻ منهن ڏيندو ٿي رهيو، جنهنڪري شهر جا ماڻهو عملداري آزار کان محفوظ ٿي رهيا،
    (4) وڏيري پاڻ يا سندس ڪٽنب جي ننڍن وڏن مان ڪنهن به راڄ جو لوڙهو ڪونه ٿي لتاڙيو، جنهنڪري ننگاوتيءَ جي معاملي ۾ راڄ جي ماڻهن کي اطمينان حاصل هو.
    عام چوڻي هوندي هئي ته ”ماڻهو ٿڌيءَ ڇانو هيٺان ئي اچيو آسائش وٺي ٿو“. وڏيري جان محمد خان مرحوم ٿڌي ڇانوَ پيدا ڪئي، جنهنڪري هيڏانهن هوڏانهن جي ماڻهن ڊوڙي اچي ان ٿڌيءَ ڇانوَ هيٺان آسائش ڪئي.
    مائي حليمان ميربحر، ڀونڀٽپور جو هڪ خاص ڪئريڪٽر هوندي هئي. سياڻي، فضيلت ڀري، شاديءَ غمي جي ڪمن ۾ هرهڪ جي همدرد. پاڙي ۾ جنهن به سڏ ڪيس، خوشيءَ سان ورنائيندي. سڱابنديءَ جو معاملو هوندو ته طرفين جي وچ ۾ نياپا سنيها پڄائيندي ۽ آخر آڻي گهوٽيتن خواهه ڪنواريتن کي هڪ ئي نڪتي تي بيهاريندي. ڪنوار کي ”ونواهه“ جي ڏينهن اندر ”ٺاهڻ“، سينگارڻ ۽ سنوارڻ جو ڪم پنهنجي ذمي کڻندي. هر صبح جو اچي ڪنواريتي گهر رسندي: ڪنوار جي جسم کي اَٽي ۽ سرنهن جي تيل سان مليندي، مٿي کي سير ڏيئي صاف ڪنديس، ميٽ تيل سان وهنجارينديس، ۽ وهنجارڻ کان پوءِ مٿي ۾ تيل وجهي ۽ سينڌ ڏيئي، سندر وجهنديس، هٿن پيرن تي ميندي لائينديس، اکين کي ڪجل جي ”ريهه“ ۽ چپن کي سرخيءَ جو چٽڪو ڏينديس، کاڌي لاءِ بُسريءَ، چُوريءَ، ڪُٽيءَ، مکڻ ۽ مُستيءَ جو انتظام ڪنديس. آخري ”مٿاميڙ“ جي موقعي تي، لانئن ڏيارڻ ۽ ساٺن سڳڻن پوري ڪرائڻ جي ذميواري پڻ سندس سر تي هوندي. جيستائين نکيٽي (يا رخصتي) جو وقت ايندو. مائي حليمان اهي سمورا ڏينهن هر شام جو ڳوٺ جي زالن کي گهوٽيتن جي گهر جمع ڪري، انهن سان گڏجي ويهي سهرا چوندي. سهرن ۾ زياده تر ذڪر هوندو زيورن جو، سونن ۽ نِهرن جو – ”دُري گهڙائج نِهري“ جن زيورن جي سلسلي ۾ سون مهيا ٿيڻ جو امڪان نه هوندو، تن جي باري ۾ پڻ اصرار هوندو ته گهٽ ۾ گهٽ ”نِهرا“ ضرور هجن.
    وڏيري جان محمد خان مرحوم جي صورت هينئر به اکين اڳيان پئي ڦريم، توڙي جو آءٌ سندس ڳوٺ کان چار هزار ميل پري، منيلا فلپائن ۾ ويٺو هيءُ مضمون لکان -
    ...اڇو اجرو، ڪميت گهوڙيءَ تي چڙهيل، هنج ۾ ٻارهن بور جي دونالي بندوق گهوڙن سان (آءِ. هالس ڪمپنيءَ جي ٺهيل) رکيل، اڳ ۾ هڪ يا ٻه ڪنجڪي، گهاڙ واهه جو ڪنارو ڏيو پيو ڳوٺ اچي يا ڳوٺ مان نڪري: يا اوطاق جي ٻاهران ويٺو آهي، گهاڙ واهه جي ڪناري تي، ٻٻر جي ڇانوَ هيٺان، کٽ تي: مٿي تي ڀرت ڀريل ننڍي ٽوپي، سفيد چولو، سفيد گوڏ، چوڌاري ڪچهري، جنهن ۾ ويٺا آهن سندس پاڙي جا مهانڊا - ميهو خان ککراڻي، وڏيرو جهان خان ککراڻي، بهادر خان، بالاچ خان، مرزا خان (يا سندس پٽ نهال خان) ککراڻي، فيض محمد ڏيٿو، محمد پناهه راهوجو، وغيره وغيره: پيون هلن اوڀاريون لهواريون حڪايتون، ٻَڌيءَ ڇوڙيءَ جون شڪايتون، آبڙڪيون روايتون: هرڪو خوش، هر ڪو مطمئن...

    (روزاني عبرت جي ٿورن سان)
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,859
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سهڻو ليک ۔۔۔ پير علي محمد راشدي جو لکڻ جو انداز بهترين آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,859
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهراڻ جا موتي: پير علي محمد راشدي


    محمد عثمان ميمڻ
    لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جي اها خصوصيت رهي آهي ته هن هميشه اهڙن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي حياتيءَ ۾ ديس جو نالو روشن ڪيو آهي. سنڌ جي سياسي، صحافتي ۽ ادبي تاريخ ۾ پير حسام الدين راشدي ۽ پير علي محمد شاهه راشدي جي خدمتن جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. پير حسام الدين جتي سنڌ جي تاريخ کي تحقيق جي ڇاڻيءَ مان ڇاڻي ڇنڊي ڦوڪي نروار ڪيو ۽ پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيا اتي وري پير علي محمد راشديءَ صحافت ۽ سياست جي ميدان ۾ اهڙو ته ڌاڪو ڄمايو جو هميشه سنڌ جي تاريخ ۾ سندس نالو هميشه زندهه رهندو. پير علي محمد شاهه جو تعلق راشدي سيدن جي خاندان سان هو. جيڪي لڪياري سيدن جي شاخ شمار ڪيا وڃن ٿا. پير علي محمد شاهه راشدي جڳ مشهور عالم، محقق ۽ دانشور پير حسام الدين شاهه راشديءَ جو وڏو ڀاءُ هو. پاڻ محدود تعليم باوجود شهرت جي بلندين تي پڳو. پير علي محمد شاهه راشديءَ جو جنم 5 آگسٽ 1905ع تي پير محمد حامد جي گهر ۾ ڳوٺ بهمڻ تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن سنڌي چار درجا پنهنجا ڳوٺ واري اسڪول مان پاس ڪيا ۽ انگريزي تعليم ماستر محمد رفيق کان ۽ نصرت اسٽيشن جي اسٽيشن ماسٽر وٽان حاصل ڪيائين. پير علي محمد راشدي ڪنهن اسڪول ۽ ڪاليج ۾ باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي هئي پر خانگي طرح علم حاصل ڪري وڏو عالم بڻيو. پير علي محمد شاهه راشدي ننڍي عمر کان ئي صحافت ۽ ادب سان لاڳاپيل رهيو. 1920ع ۾ جڏهن سندس عمر اڃان رڳو 15 سال هئي. اخبارن ۾ مضمون لکڻ جي شروعات ڪيائين. 1924ع ۾ صحافتي زندگيءَ جو آغاز روزاني ”سنڌ نيوز“ اخبار سان ڪيائين. جيڪا ڪراچي مان نڪرندي هئي. شروع ۾ شاعري به ڪيائين. ڊسمبر 1924ع ۾ سنڌ تعليمي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ حصو ورتائين. 1925ع کان 1929ع تائين هفتيوار ”الحزب“ جاري ڪيائين ۽ ان جو ايڊيٽر رهيو. پير علي محمد 1926ع کان 1931ع تائين سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو سرگرم ميمبر رهيو. جيڪا سنڌ جي مسلمانن جي اڪيلي سياسي تنظيم هئي. ان دوران ايسوسيئيشن جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان فرض سر انجام ڏنائين. ان تنظيم جو صدر سر شاهنواز ڀٽو هو. سکر مان ’الامين‘ اخبار جاري ڪئي وئي ته پير علي محمد شاهه راشدي ان اخبار جو 1925ع کان 1928ع تائين ايڊيٽر ٿيو. 1927ع کان 1932ع تائين خانبهادر ايوب کهڙي جو سيڪريٽري ٿي رهيو. ان دوران سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ حصو ورتائين. پير علي محمد شاهه راشدي 1929ع ۾ سکر مان نڪرندڙ اخبار ”سنڌ زميندار“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1930ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊيو. هن 1933ع ۾ روزاني اخبار ”ستاره سنڌ“ جي نالي سان ڪراچيءَ مان جاري ڪئي. اهڙيءَ طرح هن 1936ع ۾ ”صبح سنڌ“ جي نالي سان هڪ ٻي روزاني اخبار به ڪراچيءَ مان جاري ڪئي. 1938ع ۾ ماهوار رسالي ”الراشد“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. جيڪو مولانا ابوالڪلام آزاد جو ”الهلال“ ۽ ”البلاغ“ رسالن جيان شايع ٿيندو هو. 1934ع ۾ پيپلز پارٽي جي نالي سان سائين جي. ايم سيد ۽ ٻين جي ڪوششن سان قائم ٿيل جماعت جو سيڪريٽري رهيو. جنهن جي صدر سر شاهنواز ڀٽو هو. 1936ع ۾ سنڌ اتحاد پارٽي ۾ به ڪم ڪيائين. 1939ع ۾ هن آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ساڳئي سال محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندڙ تاريخي ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ ۾ حصو ورتائين. آل انڊيا مسلم ليگ جي اها تاريخي ڪانفرنس هئي. جنهن ۾ پهريون ڀيرو هندستان جي ورهاڱي جو مطالبو ڪيو ويو هو. انهيءَ سال آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو. هن سر حاجي عبدالله هارون سان گڏجي سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ لاءِ ڪم ڪيو. هن پاڪستان جي عمل جوڳي رٿا بابت هڪ جامع رپورٽ به پيش ڪئي. هيءَ آل انڊيا مسلم ليگ جو فنانس ۽ فارين ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ نشر وَ اشاعت شعبي جو سيڪريٽري پڻ رهيو. پير علي محمد راشدي 40-1939ع ڌاري لاهور ۾ رهي مارچ 1940ع ۾ لاهور ۾ منعقد ٿيندڙ آل انڊيا مسلم ليگ جي تاريخي سالياني اجلاس ۾ انتظامن ۾ حصو ورتو. جنهن ۾ قرارداد پاڪستان منظور ڪئي وئي. سنڌ مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان مسجد منزل گاهه جي مسئلي تي جوڊيشل ٽربيونل جي اڳيان مقدمي جي پيروي ڪري اهو مقدمو کٽيائين. ٽربيونل فيصلو ڏئي مسجد، سنڌ جي مسلمانن جي حق ۾ بحال ڪئي ۽ مسلمان قيدين کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو. 1941ع ڌاري ڪراچيءَ مان انگريزي ٻوليءَ ۾ هفتيوار اخبار ”مسلم وائيس“ جاري ڪيائين. هن 1945ع ۾ سائين جي. ايم سيد جي حمايت سان ”قرباني“ نالي روزاني اخبار جاري ڪئي. اها اخبار 1947ع ۾ کهڙي جي وزارت دوران ختم ٿي وئي. 1946ع ۾ ”فرياد سنڌ“ جي نالي سان ڪتاب لکيائين. 1948ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ روزاني اخبار ”سنڌ آبزور“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1949ع ۾ پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز ڪانفرنس جو صدر چونڊيو ويو ۽ پاڪستان پريس جو ان وفد جي سربراهي جا فرض سر انجام ڏنائين. جيڪو وفد ڀارت ويو ۽ جنهن لياقت، نهرو، معاهدي جي راهه هموار ڪئي. 1949ع ۾ ئي گڏيل هند پاڪ پريس جو صدر چونڊيو ويو. 1953ع ۾ ٻيهر مسلم ليگ لاءِ ڪم ڪيائين ۽ سنڌ ڪابينا ۾ مالي وزير جي حيثيت سان شموليت ڪيائين. ان کانسواءِ 1955ع تائين سنڌ صوبائي ڪابينا ۾ وزير صحت، وزير اطلاعات ۽ نائب وزير اعليٰ جي عهدن تي به ڪم ڪندو رهيو. ان دوران هن ون يونٽ جي حمايت ۾ سنڌ جي پيرن ميرن کي تيار ڪري ووٽ ڪرايو. جنهن ڪري سنڌ واسين وٽ سندس شخصيت تڪراري رهي. بلڪه کيس سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪندڙ سڏيو ويو. خانبهادر ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد شاهه راشدي جو ان حوالي سان سنڌ جي محب وطن ماڻهن وٽ ڪردار داغدار رهيو. پير علي محمد شاهه راشدي 1955ع ۾ پاڪستان جي مجلس قانون ساز ميمبر چونڊيو ويو ۽ وفاقي حڪومت ۾ اطلاعات ۽ نشريات جو وزير مقرر ٿيو. جڏهن ريپبلڪن پارٽي اقتدار ۾ آئي ته پير علي محمد راشدي وزارت تان استعيفيٰ ڏني ۽ مخالف ڌر جي بئنچن تي ويٺو ۽ پوءِ 1957ع ۾ مرڪزي مجلس قانون ساز تان به استعيفيٰ ڏنائين ۽ فلپائن ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو. ساڳئي سال فلپائن حڪومت کيس شاندار سفارتڪاريءَ جي اعتراف طور اعليٰ ترين شهري اعزاز ”آرڊر آف سڪار تونا“ سان نوازيو. 1961ع ۾ کيس چين ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو ويو. هن پاڪ- چين سرحدي معاهدي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ نمايان خدمتون سر انجام ڏنيون. 1962ع ۾ سفارتي ذميوارين تان استعيفيٰ ڏئي علمي ادبي ۽ تحقيقي مشغلن ۾ مصروف ٿي ويو. پير علي محمد شاهه راشدي 1972ع ڌاري حڪومت پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو خاص صلاحڪار مقرر ٿيو ۽ پاڪستان نيشنل سينٽر جو چيئرمين چونڊيو ويو. جيڪو سلسلو 1977ع تائين رهيو. جڏهن امير خسرو جو ست سئو سالا ڏهاڙو ملهايو ويو ته کيس امير خسرو ڪميٽيءَ جو ميمبر بڻايو ويو. پير علي محمد راشدي 1963ع ۾ روزاني ”جنگ“ ۾ ”مڪتوب مشرق بعيد“ جي عنوان سان هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيا. بعد ۾ اهي ڪالم ”مشرق و مغرب“ جي سري هيٺ آخر تائين شايع ٿيندا رهيا. سندس اردو زبان ۾ لکيل ڪالمن جي ٻوليءَ کي اردو اهل زبان ڏاڍو ساراهيندا هئا. پير علي محمد شاهه راشدي غير معمولي ذهانيت ۽ قابليت جو مالڪ هو. هن سياسي توڙي ادبي ميدان ۾ خوب ملهايو. سائين جي. ايم سيد پنهنجي مشهور ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ لاءِ لکي ٿو ته ”اهو مشڪل مسئلو آهي ته هن کي اديبن ۾ شمار ڪجي يا سياستدانن ۾“ هن صحافت، ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ اڻ مٽ نقش ڇڏيا. پير علي محمد راشدي 14مارچ 1987ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. هن سنڌي اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ سياست ۽ ادب تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن ۾ ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ (ٽي جلد)، ”جاگيرداريءَ جو خاتمو“، ”سنڌ جي نئين وزارت“، ”روينيو کاتي متعلق پبلڪ“ ۽ ”عملدارن کي چتاءُ“، ”ٻوڏن جا امدادي مسئلا“، ”سنڌ جي انقلابي تحريڪ جو اڳواڻ مسٽر جي. ايم سيد سندس مقصد متا ۽ اصول، فرياد سنڌ ۽ چين جي ڊائري وغيره قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ هڪ سنڌي اخبار ۾ ڇپيل ڪالمن تي مشتمل هڪ ڪتاب سندس فرزند حسين شاهه راشديءَ ”رند ۽ پنڌ“ جي نالي سان سهيڙي 1988ع ۾ شايع ڪرايو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن قائم ڪرڻ ۾ پير علي محمد راشدي جون ڪوششون قابل تعريف آهن.
    روزانه مهراڻ تان ورتل

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو