ڪمپيوٽر کي شٽ ڊائون بجاءِ هائيبرنيٽ ڪريو

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2009۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم دوستو


    اڄ مان اوهان سان هڪ زبردست ٽپ شيئر ڪري رهيو آهيان...
    اسان جا ڪافي دوست ونڊوز ايڪس پي جي انسٽاليشن دوران ڪجهه غلطيون ڪري وجهندا آهن جنهن ڪري ونڊوز جا ڪافي فيچر صحيح انسٽال ٿي نه سگهندا آهن... انهن انسٽال نه ٿيندڙ فيچرز ۾ Hibernate فيچر پڻ شامل آهي...
    ڪجهه دوستن جي لاءِ ته هيءَ بلڪل نئين ڳالهه هوندي....... جيڪر اها ڳالهه آهي ته پوءِ مان توهان کي ٻڌائيندو هلان ته جڏهن توهان ڪمپيوٽر کي بند (Shut Down) ڪندا آهيو ته Start Menu کي ڪلڪ ڪري Turn Off Computer کي ڪلڪ ڪندا آهيو جنهن سان هڪ ونڊوز ظاهر ٿيندي آهي ان جي پس منظر ۾ باقي نظارو آهسته آهسته بليڪ اينڊ وائيٽ ٿي ويندو آهي...
    ظاهر ٿيندڙ ونڊوز ۾ ٽي آپشن هوندا آهن جن ۾ Restart ۽ Turn Off سان گڏ Stand By جو آپشن هوندو آهي جيڪو توهان يقينن تڏهن استعمال ڪندا هوندو جڏهن توهان عارضي طور ڪمپيوٽر جي سيٽ تان اٿندا آهيو...
    جيڪڏهن ڪمپيوٽر کي جلدي ۾ بند ڪرڻو پوي ۽ توهان کوڙ سارا پروگرام کليل رکيا هجن ته انهن سڀني کي بند ڪرڻ ۽ پوءِ ڪمپيوٽر کي شٽ ڊائون جي پروسيس ۾ يقينن ڪافي وقت لڳندو ۽ سڀ کان اهم اهو ته توهان جيڪي پروگرام يا ضروري سائيٽس کوليون آهن انهن کي ڪمپيوٽر جي بند ٿيڻ جي صورت ۾ وساري سگهو ٿا... خاص ڪري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ اهي دوست جيڪي ننڍا ننڍا UPS استعمال ڪندا هجن جن جو بيڪ اپ بلڪل گهٽ ٿيندو آهي کي ته بجلي وڃڻ جي ڪري ان ڳالهه جي ڪافي پريشاني ٿيندي آهي ......... ان صورت ۾ توهان کي گهرجي ته توهان Hibernate جو استعمال ڪيو جنهن کان پوءِ جڏهن توهان ڪمپيوٽر کي ٻيهر کوليندو ته ڪمپيوٽر کي بند ڪرڻ کان اڳ جيڪي به پروگرام کليل هيا سي ٻيهر کلي ويندا ۽ توهان جتان ڪم ختم ڪيو هيو اتان ئي جاري ڪري سگهو ٿا......... نه صرف اهو پر ڪمپيوٽر جي بند ٿيڻ ۽ کلڻ جي پروسيس واري رفتار به وڌيڪ محسوس ڪندو.........
    هائبرنيٽ Hibernate آپشن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪرڻو اهو آهي ته جڏهن Turn Off Computer واري ونڊوز کلي وچي ته توهان ڪي بورڊ تان شفٽ (Shift) واري ڪي پريس ڪريو ......... وڌيڪ تفصيل لاءِ هيٺين تصوير ڏسو........



    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا هائبرنيٽ ڪرڻ سان ته پي سي جي پراسيسنگ جاري رهندي،، ايئن ته اِهو بجليءَ جي کپت ڪندو رهندو پوءِ يوپي ايس واري ڀائرن لاءِ لاڀائتو ڪيئن ٿيو۔۔؟
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا اسد

    جيڪڏهن 100 ماڻهو مان 10 ماڻهن کي فائدو نه مليو ته ان ۾ مون جو ڪهڙو ڏوه آهي hall charihall charihall chari


    hatt-parehatt-parehatt-parehatt-pare


    suhnan saan
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا پاڪستان ۾ ته هر ٻن ڪلاڪن کان بعد لوڊ شيڊنگ يعني ڪه بجليءَ جو جهٽڪو ته گهٽ ۾ گهٽ هوندو ئي آهي۔۔۔ پوءِ هائبرنيٽ اُنهيءَ جهٽڪي جي ڪري ختم ٿي ويندو۔۔ پي سي ڊائون۔۔ ڊيٽا گُم۔۔۔ ها ها ها
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو