سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام۔۔
مونکي ياد ٿو اچي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ يعني جنوري 2012 ۾ جڏهن مونکي نئون نئون بلاگنگ، بلڪه سنڌي بلاگنگ جو شوق جاڳيو هئو تڏهن پهريون سوال منهنجي ذهن ۾ اهو هيو ته آيا سنڌي بلاگنگ جو وجود انٽرنيٽ تي آهي به يا نه۔۔۔! ناقص ڄاڻ هجڻ ڪري مون هڪ عجيب سوال سنڌ سلامت جي فورم تي پوسٽ ڪيو جنهن جو عنوان هيو ”سنڌي بلاگرَ۔۔۔ هڪ سوال“ ته ڪجهه دوست هيا جن پنهنجي پنهنجي بلاگ جي لنڪ ٻڌائي۔
ان وقت منهنجي ذهن ۾ اها خواهش هئي ته ڪو اهڙو پليٽ فارم جتي سڀ سنڌي بلاگ لکندڙ گڏ هجن۔ جيئن اردو بلاگرن جو هڪ ويڙهو (ڪميونٽي) ٺهيل اهي۔ خيرن سان اهو ڪم به سنڌسلامت وارن سنڌ سلامت بلاگز ايگريگيٽر جي صورت ۾ انجام ڏنو۔ پر اصل مسئلو وري به ساڳيو آهي سنڌي بلاگرن لاء هڪ اوطاق (پليٽ فارم) ته مليو پر، پر اهڙي اوطاق ڪهڙي ڪم جي جتي ڪچهريون نه هجن جتي ڪو هجي ئي نه!؟
اچو ته هي ويڙهو وسايون، سنڌي بلاگرن جي ميلو مچايون۔ سنڌي بلاگرن جي نئي جڙيل اوطاق کي مچايون، گهٽ ۾ گهٽ جيڪي هي موضوع پڙهي رهيا آهن انهن کي هڪ عدد سنڌي بلاگ ضرور جوڙڻ گهرجي، بلاگ جوڙڻ ڪافي ناهي، بلاگ کي سرگرم رکي۔ جيڪو جيڪو هن بلاگرن جي اوطاق کي پر رونق ڏسڻ چاهي ٿو اهو هٿ مٿي ڪري ته مان به ڏسان شاباس هاڻي هٿ مٿي ڪيو اٿوَ ته هن پوسٽ کي پسند به ڪري ڇڏيو۔
سنڌ سلامت جي انتظاميه ۾ موجود دوست ته پنهجو سنڌي بلاگ ٺاهيندا ئي، پر باقي جيڪي دوست هي موضوع پڙهن ٿا پيا انهن کي به اڳتي اچڻ گهرجي، سنڌي بلاگ نه ٺاهڻ جو ڪو به بهانو نه هلندو دوستو، جيڪڏهن بلاگ ٺاهڻ ۾ ڪا مشڪل درپيش آهي ته آگاه ڪيو ته ڪو نه ڪو بِلو ڪجي۔ ڪو سکيا جو سلسلو به شروع ڪجي۔
سنڌسلامت، ساٿ سلامت۔۔۔