سنڌي بلاگنگ...

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام۔۔

    مونکي ياد ٿو اچي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ يعني جنوري 2012 ۾ جڏهن مونکي نئون نئون بلاگنگ، بلڪه سنڌي بلاگنگ جو شوق جاڳيو هئو تڏهن پهريون سوال منهنجي ذهن ۾ اهو هيو ته آيا سنڌي بلاگنگ جو وجود انٽرنيٽ تي آهي به يا نه۔۔۔! ناقص ڄاڻ هجڻ ڪري مون هڪ عجيب سوال سنڌ سلامت جي فورم تي پوسٽ ڪيو جنهن جو عنوان هيو ”سنڌي بلاگرَ۔۔۔ هڪ سوال“ ته ڪجهه دوست هيا جن پنهنجي پنهنجي بلاگ جي لنڪ ٻڌائي۔

    ان وقت منهنجي ذهن ۾ اها خواهش هئي ته ڪو اهڙو پليٽ فارم جتي سڀ سنڌي بلاگ لکندڙ گڏ هجن۔ جيئن اردو بلاگرن جو هڪ ويڙهو (ڪميونٽي) ٺهيل اهي۔ خيرن سان اهو ڪم به سنڌسلامت وارن سنڌ سلامت بلاگز ايگريگيٽر جي صورت ۾ انجام ڏنو۔ پر اصل مسئلو وري به ساڳيو آهي سنڌي بلاگرن لاء هڪ اوطاق (پليٽ فارم) ته مليو پر، پر اهڙي اوطاق ڪهڙي ڪم جي جتي ڪچهريون نه هجن جتي ڪو هجي ئي نه!؟

    اچو ته هي ويڙهو وسايون، سنڌي بلاگرن جي ميلو مچايون۔ سنڌي بلاگرن جي نئي جڙيل اوطاق کي مچايون، گهٽ ۾ گهٽ جيڪي هي موضوع پڙهي رهيا آهن انهن کي هڪ عدد سنڌي بلاگ ضرور جوڙڻ گهرجي، بلاگ جوڙڻ ڪافي ناهي، بلاگ کي سرگرم رکي۔ جيڪو جيڪو هن بلاگرن جي اوطاق کي پر رونق ڏسڻ چاهي ٿو اهو هٿ مٿي ڪري ته مان به ڏسان :) شاباس هاڻي هٿ مٿي ڪيو اٿوَ ته هن پوسٽ کي پسند به ڪري ڇڏيو۔

    سنڌ سلامت جي انتظاميه ۾ موجود دوست ته پنهجو سنڌي بلاگ ٺاهيندا ئي، پر باقي جيڪي دوست هي موضوع پڙهن ٿا پيا انهن کي به اڳتي اچڻ گهرجي، سنڌي بلاگ نه ٺاهڻ جو ڪو به بهانو نه هلندو دوستو، جيڪڏهن بلاگ ٺاهڻ ۾ ڪا مشڪل درپيش آهي ته آگاه ڪيو ته ڪو نه ڪو بِلو ڪجي۔ ڪو سکيا جو سلسلو به شروع ڪجي۔

    سنڌسلامت، ساٿ سلامت۔۔۔
     
  2. میر چند

    میر چند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جوھي
    بلاگ جي متعلق بنيادي معلومات شيئر کيو تہ اھوان جي مھرباني ادا
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    يار واه جي ڳالهه ڪئي اٿئي۔۔ منهنجو هڪ ڇا ٻئي هٿ مٿي آهن۔۔۔ ۽ جي وس پڄي ها ته هڪ چڪر ڇا 10 چڪر پسند ڪريان ها توهان جي سلسلي کي۔۔۔
    اصل ۾ منهنجا ڪجهه دوست مون کان اڪثر پڇندا آهن ته هو ڪا سائيٽ ڪيئن جوڙن۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن ته سوال هوندو آهي ته جيئن توهان جي سائيٽ آهي مان به اهڙي ٺاهيان۔۔۔

    دوستن کي ته مان اهو جواب ڏيندو آهيان ته سنڌ سلامت کي به پنهنجي ئي سائيٽ سمجهو ۽ لکندا ڪريو۔۔۔ پر الائي ڇو ڪجهه شروعات ڪري وري خاموش ٿي ويهندا آهن۔۔۔ پڇڻ تي ڪو خاص عذر ڏئي نه سگهندا آهن۔۔۔
    دوست عذر پيش نه به ڪن پر مون کي خبر هوندي آهي ته هو ڇو نه ٿا لکن۔۔۔ ؟
    اصل ۾ هو سمجهن ٿا ته سندن وٽ نثارابڙو جن جهڙي خداد صلاحيت ناهي جو هو اهڙا خوبصورت لفظ جوڙي سگهن۔۔
    هو سمجهن ٿا ته کين سليمان وساڻ جهڙا جذبا ۽ لگن به ناهي جنهن کي مستقل رکي سگهن۔۔۔
    هو سمجهن ٿا ته کين وٽ عبدالحفيظ لغاري جهڙو فن به ناهي جو هو پنهنجي ليک ۾ پڙهندڙ کي اصل مهو ڪري سگهن۔۔۔
    پر انهن کي سمجهڻ گهرجي ته ممتاز علي وگهيو ، TAHIR SINDHI، @مست، غلام مصطفي ميمڻ سميت سنڌ سلامت جا سمورا هيروز پهريان ائين ئي سوچيندا هئا پر اڄ انهن جي تحريرن کي ڏسجي ته هزارين انگن تي پهتل آهي۔۔۔
    پر جيڪڏهن هو پوء به اهو ٿا سمجهن ته سندن لکڻين ۾ اهو دم ناهي جيڪو سائين نثارناز يا محترم عتيق الرحمان جي لکڻين ۾ آهي ته کين گهرجي ته هو پنهنجي ويب ڊائري (بلاگ) بڻائين جتي هو پنهنجي سوچن، خيالن کي لکڻ سان گڏو گڏ هر اهو مواد جيڪو روزانو جي انٽرنيٽ ڦيري تي گهمندي پسند اچي سهيڙي لڳائي سگهن۔۔۔ اسان ساڻن واعدو ٿا ڪريون ته کين نه صرف همٿائبو پر سندن بلاگز کي خوبصورت بنائڻ سان گڏو گڏ بلاگز تي لکڻين جا گُر، نسخا ۽ ٽوٽڪا اهڙي طرح سان سمجهائبا جو انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اهي پاڻ کي اڪيلو اڪيلو بلڪل به نه محسوس ڪندا۔۔۔

    ان سان اسان کي اهو فائدو ملندو جو جڏهن ڪو عربي لفظ به گوگل تي سرچ ڪيو ويندو ته سنڌي بلاگز جا لنڪ پهريان ڳولا ۾ ايندا۔۔۔ ۽ اها ئي سنڌي ٻولي ۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو عروج چورائيندو۔۔
    اميد ته دوست سنڌي ٻولي سان سهڪار ڪندي پنهنجي پنهنجي ويب ڊائريز (بلاگز) جي هن سکيا جي ڪلاسز ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ترت اعلان ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ٽولز کي سنڀالي پهچندا۔۔۔:cool:
    اميد ته مفصل جواب لکي پنهنجي استاد سجاد علي چنا جي نظرن ۾ مان ڪلاس جو مانيٽر لاءِ پڪو ثابت ٿيندس۔۔۔ :)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڳالهه ته آهي ئي اهڙي جنهن جي تعريف نه ڪرڻ زيادتي آهي۔

    اسان لاء مسئلو لکڻ جو ناهي پر بلاگ ٺاهڻ جو آهي۔ ابا اهو هڪ دفعو ڪم ڪري ڏيو، باقي بلاگ کي سرگرم رکڻ اسان جو ڪم آهي۔ ذيشان رشيد ۽ سجاد علي چنا کي گهرجي ته جيڪي دوست حامي ڀرن انهن جي مدد ڪري کين بلاگ ٺاهي ڏيڻ ۾ مدد ڪن۔

    اسان تيار آهيون سائين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    لفظ (بلاگ) ويب لاگ(web Log) مان ٺهيو آهي، بلاگ هڪ قسم جي ذاتي ڊائري ئي آهي، جيڪا اوهان انٽرنيٽ تي لکندا آهيو، ذاتي ڊائري ۽ بلاگ ۾ هڪ فرق هي آهي ته ذاتي ڊائري صرف اوهان تائين يا ڪجھ چند ماڻهن تائين محدود هوندي آهي، جڏهن ته بلاگ ساري دنيا آڏو هڪ کليل ڪتاب جيان هوندو آهي، جتي اوهان پنهنجي سوچ ۽ شوق مطابق پنهنجا خيال، تجربا ۽ معلومات لکندا آهيو، ۽ پڙهندڙن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيو.

    محترم طاهر سنڌي (TAHIR SINDHI) بلاگ جي حوالي سان هڪ جامع ۽ تفصيلي مضمون پڻ لکيو هئو جيڪو سنڌ سلامت جي ئي فورم تي ”بلاگ“ جي عنوان سان موجود آهي۔ اميد ته اوهان جو ساٿ رهندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين اوهان جي ٽيم ته واقعي ڪمال ڪري ڇڏيندي جي اوهان جا رانديگر سنڌي بلاگنگ جي ميدان ۾ لهي آيا ته ميدان ماري ئي ايندا، اول خير۔۔

    باقي مونکي استاد ٿا چئو!؟ وڏا استاد آهيو!!!
    ههههه:p
     
  7. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سليمان سائين پوءِ ته واه واه!! ڪجهه ٻيا به دوست اچن ته بلاگ ٺاهڻ ۽ ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلا (جيڪي نالي ماتر ئي آهن) جو حل ڪڍون۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. احمد علي مڱريو

    احمد علي مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 مئي 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    85
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    سائين اهو به ڪو مسئلو آهي ورڊپريس ڊاٽ ڪام يا بلاگر ڊاٽ ڪام تي اڪائونٽ رجسٽر ڪرايو۔ پر ورڊپريس ۾ پسند جا فونٽ رکڻ جا پئسا ٿا وٺن باقي بلاگر يا بلاگ اسپاٽ تي مفت ۾ فونٽ به تبديل ڪرڻ ڏين ٿا۔ پر جي پنهجي ذاتي ڊومين تي پسند جا فونٽ رکڻ ته ڪو مسئلو ئي ناهي۔ اوهان رڳو مفت ۾ بلاگ رجسٽر ڪرايو يا پئسن سان ڊومين ۽ هوسٽنگ وٺو۔
    باقي الله نگهبان آهي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سنڌ سلامت جي دوستن کي السلام عليڪم ۔

    توهان جي قرب ۽ محنتن سان مون به هڪ بلاگ ٺاهيو آهي ۔ 2012 ۾ هڪ بلاگ ٺاهيم جيڪو انگريزي هو ۽ مونکي نه پيو وڻي ، هاڻ جڏهن ادا ذيشان رشيد سمون سنڌي بلاگ جو ٽيمپليٽ پيش ڪيو ته مون به ٿوري گھڻي ڪوشش ڪري بلاگ ٺاهيو آهي ۔ انشاالله ان کي وڌائيندس ۽ سنواريندس۔۔
    منهنجو بلاگ جو لِنڪ هي آهي ۔
    http://andaazmedia1.blogspot.com/

    سنڌ سلامت ، ساٿ سلامت
    عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ، ٽنڊوآدم​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو