ادا آءُ آهيان فياض احمد شيخ هن فورم مطلق دوست ٻڌائيندا رهيا آهن پر اڄ هن فورم تي مهمان طور اچڻ کان پوءِ روح سٽ کاڌي ته اسان به اوهان جي ڪچهري ۾ شامل ٿيون ۔ رهائش ڪراچي ۾ آهي هن فورم تي ادا ڏاڏل شينو جي دعوت تي اچڻ ٿيو آهي ۔ وسلام
محترم دوست فياض احمد صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ ڏاڏل سائين اسان جو رهنما ۽ پيارو دوست آهي جنهن وٽان اسان کي هميشه نصيحتون ۽ علم ملندو رهندو آهي۔ اميد ته اوهان به ڏاڏل وانگر هن ساٿ ۾ اسان سان گڏ هوندا۔ اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا فياض احمد توهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏاڏل شينو هڪ بهترين ذهن جو مالڪ آهي سندس لکڻيون بهترين هونديون آهن۔ توهان هن جي دعوت تي سنڌ سلامت جا ميمبر ٿيا ڏاڏل جي تبليغ ڪرڻ جي مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔وري به توهان کي ڀليڪار چئجي ٿو اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو۔ 1084 اٽيچمينٽ ڏسو
السلام عليڪم محترم دوست فياض احمد شيخ صاحب اوهانکي اسانجي طرفان ڀليڪار ، ڏاڍي خوشي ٿي جو اوهان جهڙا دوست اچن ميلا مچن ، محترم ڏاڏل شينو صاحب جون به مهربانيون والسلام
دوست فياض احمد کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔