پنهنجي ڊرائيوز مان وائرس ڊليٽ ڪيو

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ڦلپوٽو فقير طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2009۔

  1. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم سنڌ سلامت



    مون اڪثر دوستن جي ڪمپيوٽر ۾ هڪ مسئلو ڏٺو آهي ته جڏهن به My Computer کي کولي ڪنهن ڊرائيو کي ڊبل ڪلڪ ڪري کولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اها ڊرائيو هڪ نئين ونڊوز ۾ Search آپشن سان کلندي آهي.. جنهن جي ڪري ڪمپيوٽر سست ٿي ويندو آهي...
    اها ڪاروائي آهي Ravmon.exe وائرس جي جنهن کي پاڻمرادو فعال autorun.inf فائل رکندي آهي...
    توهان کي گهرجي ته پنهنجي ڊرائيوز ۾ موجود اهي ٻئي فائيلز ڊليٽ ڪريو... پر اهو آسان ان ڪري نه آهي ته ٻئي فائلز لڪيل هونديون آهن ۽ اهي ونڊوز ۾ رهي ڪري ڊليٽ نه ٿيون ڪري سگهجن...
    انهن کي ڊليٽ ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان Start Menu مان وڃي Run سليڪٽ ڪريو جتي cmd لکي ڪي بورڊ جي مدد سان انٽر پريس ڪريو توهان ڏسندو ته DOS Prompt کلي ويندو هتي وائرس ورتل ڊرائيوز کوليو... اهو عمل توهان :D لکي انٽر پريس ڪرڻ سان ڪري سگهو ٿا
    هاڻي attribe -s -h -r لکي انٽر پريس ڪريو جنهن کان پوءِ توهان اهي ٻئي فائيلز ڊليٽ ڪرڻ جي لائق ٿي ويندو....
    فائيلز ڊليٽ ڪرڻ لاءِ del autorun.inf ۽ del ravmon.exe جون ڪمانڊز استعمال ڪريو تفصيل لاءِ هيٺين تصوير ڏسو...





    [​IMG]


    sindhsalamatsaathsal
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا منهنجي ڪمپيوٽر ۾ اِي ۽ ايف ڊرائيو مان آٽو رَن جي فائل وائرس ڊليٽ ڪري ڇڏي هاڻي اُهي ايڊريس بار مان کولڻيون پون ٿيون۔۔ اِهي فائلون واپس ڪيئين اينديون۔۔؟ فارميٽ به نه ٿو ڪري سگهان ۔۔ قيمتي ڊيٽا پيل اٿس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو