آءٌ خادم حيسن سرهيو صاحب جي گهر ۾ 1986ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد محلي ۾ اک کولي هئي۔ لاڙڪاڻي شهر جي گهٽين ۾ کيڏندو رهيو آهيان ۽ هن ئي ساهـ سيباڻي شهر ۾ پڙهندو رهيو آهيان ۔ اڄ ڪلهـ پيٽ پوڄا لاءِ سرڪار جو نوڪر آهيان ، هينئر ان سلسلي ۾ بهاولپور آهيان ۔ خالي هٿڙا کڻي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي آيو آهيان ۔ وڌيڪ سنگت جيڪو مانُ ڏئي۔
محترم دوست سرهيا صاحب جي آيا ، ڀلي آيا ، اسانکي خوشي ٿي آهي ، اسان توهانکي سڪ منجهان ڀليڪار چئون ٿا ۔
لاڙڪاڻي ساه سيباڻي مان ڪهي آيل دوست ناظم حسين سرهيو کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ علي گوهر آباد جنهن جي هڪ پاسي کان بهارپور جا باغ ته ٻي پاسي کان مراد واهڻ ته ٽين پاسي کان ايمپائر سئنما روڊ ته هڪ پاسي کان گوشت مڇي مارڪيٽ آهي انجي وچ جي گهٽين ۾ گهمندڙ دوست ۽ هاڻ پنجاب جي شهر ۾ رزق ڪمائيندڙ دوست جا شايد هٿ خالي هجن پر دل ته سرهي سون جهڙي هوندي ۔۔۔!!!! سنڌ سلامت جي اوطاق جا دوست، دوستن جي هٿن نه پر دلين تي نظر رکندا آهن ۔۔۔ اميد ته اوهان پنهنجي دل سان دوستيون رکي سنڌ سلامت سان نڀائيندا ۔۔۔ پيا سور سک گڏ ونڊ ڪنداسون ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔ ڀيرو نه ڀڃندا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا ناظم حيسن سرهيو صاحب توهان ڪٿي به هجو توهان کي سنڌ سلامت تي هميشه ائين محسوس ٿيندو ڄڻ لاڙڪاڻي ۾ ويٺا هجو۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين جو فورم آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ڪجي ٿو 1085 اٽيچمينٽ ڏسو
آصف علي جھتيال ۽ ناظم حسين سرهيو کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿا چئون ٿا اميد ته دوستن کي سنڌ سلامت فورم تي سکڻ ۽ سيکارڻ جو ڀرپور موقعو ملندو سدائين گڏ
محترم ناظم حسين صاحب اسلام عليڪم ،اوهان کي هن اڱڻ تي ڏسي اسان کي يقين ٿي ويو آهي ته خالي هٿڙن جي دعا ۾ جهول ڀريندڙ ربُّ اسان سان راضي آهي ۽ سنڌ سلامت جي صدا اوهان جي من ۾ متل آهي ،اوهان جي هلچل ۾ پنهجي جيجل جو عطا ڪيل قرب نمايان نظر پيو اچي ، هيء سنڌ امڙ پنهنجي ڪونڌرن لاء پنهجو سينو سپر ڪري آڌرڀاء ڪرڻ لاء آتي آهي ،اسان جا ساه انهن ساٿين تان واريل آهن جيڪي پنهجي ڌرتي ماتا جي لڄ جا محافظ آهن اسان جي نياز ۽ نوڙت بيلوث آهي پنهجي ڀائرن ۽ سنگتين لاء جيءَ ۾ جايون آهن بس اميد آهي ته اوهان پنهجي پيار ،ادب،اخلاق،محبت دين ڌرم جي درس وتدريس سان پنهجي ديس ڌڻين جي همٿ افزائي ڪندا، اوهان جي دعائن جا طالب هر دم رهنداسين۔ انهن خالي هٿن کي هن سنڌسلامت لاء ربَّ جي حضور بلند ڪيو يقين آهي ته ربُّ قبول ڪندو۔
محترم ناظم سرهيو صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اوهان ايئن سمجهو ته سڄي سنڌ سنڌ سلامت ذريعي اوهان سان گڏ آهي۔ سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي، جتي اسان پنهنجا ڏک ، سک ۽ ڪٿائون هڪ ٻئي سان اوريون ٿا۔ اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ ڪا به ڏکيائي سمجهو ته اسان حاضر هونداسين۔سنڌ سلامت ساٿ سلامت
دوست ناظم سرهيي کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔