احمد علي مڱريو
سينيئر رڪن
دوستو منهنجو نالو احمد علي مڱريو آهي۔ مون آئي بي سکر مان ايم بي اي ڪئي آهي۔ خوشحالي بينڪ ۽ نادرا شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪرڻ کان بعد اڄڪلهه اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچراري ڪري رهيو آهيان۔گهر جي نوڪري جي ڪري واندو وقت گهڻو هوندو آهي. تهنڪري پٺئين سال مائٽ عزيز مڱرئي sindhicomputing.org ٺاهڻ جو ڪم ڏنو جيڪو مڙئي جيڪو ٿي سگهيو ڪيوسين. جنهنکان پوءِ پنهنجي ڪاليج جي ويب سائيٽ iacc.edu.pk ٺاهيم. اڄڪلهه سنڌي بلاگ ايگريگيٽر (sba.iacc.edu.pk) تي ڪم ڪري رهيو آهيان. ۽ هي تعارف سڌي ڳالهه آهي سائين رشيد سمون جي بلاگ ايگريگيٽر ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ متعلق هڪ ڊگهي ڪال کانپو لکي رهيو آهيان۔