عام چونڊن جي تياري ۽ نگران سيٽ اپ جو انتظار

'مقالا' فورم ۾ سرفرازملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2012۔

  1. سرفرازملڪاڻي

    سرفرازملڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2012
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد، ڄامشورو، دادو
    عام چونڊن جي تياري ۽ نگران سيٽ اپ جو انتظار
    سرفراز ملڪاڻي
    ملڪ ۾ ايندڙ سال 2013 ع کي چونڊن جو سال قرار ڏنو ويو آهي ۽ عام چونڊن جي تياري لاءِ سموريون سياسي ڌريون سرگرم ٿي ويون آهن. حڪمران جماعت پاران 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي عام چونڊن جي لاءِ باقاعده چونڊ مهم آغاز ڪرڻ جا امڪان آهن، ان حوالي سان آيل رپورٽن ۾ چيو پيو وڃي ته ملڪ اندر پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري باقاعده چونڊ مهم جو لاڙڪاڻي مان آغاز ڪندو ۽ ملڪ جي چئني صوبن جو دورو ڪري وڏن شهرن ۾ پارٽي جي اجلاسن ۽ ميڙاڪن کي خطاب ڪندو. چيو وڃي ٿو ته بلاول ڀٽو زرداري کي پارٽي جو ذميواريون سنڀالڻ جو صدر آصف علي زرداري هدايتون ڏنيون آهن ۽ سندس مدد لاءِ پارٽي جي مرڪزي ۽ سينيئر اڳواڻن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي.
    ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان هڪ اهم فيصلو گذريل ڏينهن قومي عدالتي پاليسي ساز ڪاميٽي اليڪشن ڪميشن جي درخواست منظور ڪندي ڪيو آهي. ان حوالي سان صرف ايندڙ عام چونڊن لاءِ جوڊيشل آفيسرن کي رٽرننگ آفيسر طور مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس گذريل ڏينهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي شرعي عدالت جي چيف جسٽس آغا رفيق، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ چئني صوبن جي چيف جسٽسز صاحبان شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ جوڊيشل آفيسرن کي رٽرننگ آفيسر مقرر ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي غور ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن گذريل مهيني چيف جسٽس آف پاڪستان کي درخواست ڪئي هئي ته ججن کي رٽرننگ آفيسر طور مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اشتياق احمد اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊون صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ووٽر لسٽن کي اپ ڊيٽ ڪيو آهي، ووٽر لسٽن ۾ درستگي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نادرا جي تعاون سان هن وقت تائين 8 ڪروڙ 43 لک 65 هزار ووٽر رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، ووٽ داخل ڪرائڻ ۽ غلطيون ٺيڪ ڪرڻ جو مرحلو اڃا جاري آهي.
    اليڪشن ڪميشن ڪاميٽي کي آگاهه ڪيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ ادارن جي مدد جي ضرورت آهي، اليڪشن ڪميشن جي بريفنگ بعد ڪاميٽي قومي مفادن تحت ايندڙ عام چونڊن ۾ جوڊيشل آفيسرن جي مقرري جي منظوري ڏني ۽ فيصلو ڪيو ته صرف ايندڙ عام چونڊن ۾ هڪ ڀيري جي لاءِ منظوري ڏجي ٿي، جنهن تحت جج صاحبان جون خدمتون اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪيون وينديون، جن کي رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪاميٽي اهو به قرار ڏنو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ جوڊيشل آفيسر اضافي فرض سرانجام ڏيندا ۽ اهي پنهنجو عدالتي ڪم به روٽين ۾ سر انجام ڏيندا رهندا، جوڊيشل آفيسر اليڪشن جو ڪم اضافي طور صبح ۽ شام جو ڪندا، انهن جو عدالتي ڪم متاثر نه ٿيندو، اهو فيصلو ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن درخواستگذار متاثر نه ٿين، ڪاميٽي اليڪشن ڪميشن کي چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ۽ رٽرننگ آفيسرن توڙي پولنگ اسٽاف کي چونڊ عمل دوران لاجسٽڪ سپورٽ فراهم ڪئي وڃي.
    ڪاميٽي کي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري آگاهي ڏني ته چونڊن ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي هنئي وئي آهي، جڏهن ته پولنگ اسٽاف جي سيڪيورٽي لاءِ جامع سيڪيورٽي منصوبو جوڙيو ويو آهي، پوليس، فوج ۽ پيرا ملٽري فورسز جي مدد سان پولنگ اسٽاف، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن ۽ رٽرننگ آفيسرن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو، اليڪشن ڪميشن ڪاميٽي کي وڌيڪ آگاهي ڏني ته پولنگ اسٽيشن جي مانيٽرنگ جي لاءِ سي سي ٽي وي سسٽم بڻايو ويندو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ چونڊ خرچن تي نظر رکي ويندي، ٻن ڪلوميٽرن جي ڀرپاسي ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ڪئي ويندي، پولنگ اسٽاف جي ٽريننگ ڪرائي ويندي، جڏهن ته ڪاميٽي قرار ڏنو آهي ته پرزائيڊنگ آفيسرن، پولنگ اسٽاف جو اليڪشن عمل ۾ اهم ڪردار هوندو، تنهن ڪري تجويز ڪريون ٿا ته انهن جي مقرري محتاط انداز ۾ ڪئي وڃي، جيئن ڪنهن ڪرپٽ پريڪٽس جي امڪان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي.
    اجلاس کي خطاب ڪندي نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته اليڪشن قانون ۽ آئين موجب ۽ پوري ايمانداري سان ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ڪنهن اداري کان معاونت طلب ڪري ته ان اداري کي غور ڪرڻ گهرجي، چيف جسٽس چيو ته ماضي ۾ جوڊيشل آفيسرن کي اليڪشن ۾ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪرڻ سان عدليا جي ڪارڪردگي متاثر ٿي، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن کان ڪجهه وضاحتون گهريون، جن کي سامهون رکي فيصلو ڪيو ويندو، عدليا وڏي جدوجهد بعد ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ شڪر آهي ته عدليا عوام جو اعتماد بحال ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهي آهي، اليڪشن ڪميشن جوڊيشل آفيسرن کي بطور رٽرننگ آفيسر مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته شفاف ۽ منصفاڻي چونڊ آئين جي ضرورت آهي، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته صاف شفاف چونڊ کان ڪير به انڪار نه ڪندو اها هڪ حقيقت آهي، شفاف چونڊن سان جمهوريت مستحڪم ٿيندي، جنهن کي گڊ گورننس جي ذريعي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
    ملڪ ۾ عام چونڊن جي تياري جي حوالي سان سموريون سياسي جماعتون سرگرم آهن پر حڪمران جماعت پ پ پاران هونئن ته اڻ اعلانيل طور چونڊ مهم جاري آهي ۽ ان حوالي سان صدر آصف علي زرداري ڪڏهن ملتان ته ڪڏهن لاهور ۽ ڪڏهن پشاور جا دورا ڪري رهيو آهي، هوڏانهن وزيراعظم راجا پرويز اشرف طرفان پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کي اليڪشن جي تياري بابت ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. ٻئي طرف مخالف ڌر جي جماعتن سميت سڀني سياسي ڌرين کي هاڻ فقط انتظار آهي ته ڪڏهن ٿي موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ۽ نگران سيٽ جو اعلان ڪري حتمي چونڊن جي تاريخ جو ڪڏهن ٿو اعلان ٿئي. اصل ۾ چونڊن جي حتمي تاريخ ۽ نگران سيٽ اپ جي اعلان ۾ ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ معاملا طئي نه ٿيڻ سبب دير ٿي رهي آهي. سياسي تجزيي نگارن پاران ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جو (ق) ليگ ۽ متحدھ سان برقرار رھڻ بابت اڳڪٿيون ٿي رھيون آھن. مخالف ڌر پاران پ پ حڪومت تي ڪرپشن جا سنگين الزام لڳائڻ وارو سلسلو به جار ي آھي. مگر حڪومت مخالف ڌر جي اھڙن الزامن جي ڪا به پرواھھ نه ڪندي دعويٰ پئي ڪري ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي.
    ايندڙ چونڊن ۾ عوام ڪنهن کي ووٽ ڏيندو ۽ ڪنهن کي رد ڪندو اهو ته چونڊن جي نتيجن بعد خبر پوندي باقي جيڪڏهن سراسري طور تي ڏسجي ته پ پ حڪومت کي گذريل ساڍن چئن سالن ۾ ڪيترن ئي اھم مسئلن ۽ اسڪينڊلن کي منهن ڏيڻو پيو آھي. جنهن ۾ لوڊشيڊنگ، رشوت خوري، مھانگائي، بيروزگاري، امن امان، دھشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، اين آر او، طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب آيل تباھي، مختلف ادارن جھڙوڪ ريلوي، پي آءِ اي، اسٽيل مل جھڙن ادارن جو زوال شامل آھي. اھڙي طرح ڪڏھن کنڊ جو بحران ته ڪڏھن ڀاڻ جي کوٽ يا وري اٽو اڻلڀ، اھڙي طرح ٻيا ڪيترائي انيڪ مسئلن حڪمرانن کي ضرور پريشان ڪيو آھي پر حڪومت مفاھمتي پاليسي کي برقرار رکندي انهن مڙني مسئلن کي منهن ڏيندي رھي آھي. ملڪ ۾ جلد مارشل لا پئي اچي. صدر آصف علي زرداري ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندو مگر حڪمران چون ٿا ته اسين ڀڄڻ وارا ناھيون. پيپلز پارٽي جي حڪومت جيڪي عوامي ڀلائي وارا ڪم ڪيا آھن. عوام اسان کي ان جو صلو ڏيندي ۽ ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت به پ پ جي ئي ٺھندي.
    حڪومت جي دعويٰ آھي ته سنڌ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي پاڪستان پيپلز پارٽي جو عزم آھي. ان کان علاوھ سنڌ م ھڪ لک کان به وڌيڪ بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ، غريب ھارين کي سستي اگھھ تي ٽريڪٽرن جي فراھمي ۽ سيلاب متاثرن جي امداد ۽ غريب، ھارين ۾مفت ٻج ۽ ڀاڻ جي تقسيم، بينطير انڪم سپورٽ پروگرام تحت غريب ۽ مسيڪن عورتن جي مدد،مختلف علائقن ۾ مٺي پاڻي جا ڪنيڪشن ڏيڻ کان علاوھ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ننڍن ننڍن ڊيمن جي تعيمر ۽ سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائڻ پيپلز پارٽي جا عظيم ڪارناما آھن. ھيپاٽائيٽس ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ دوائن جي مفت فراھمي تي به پ پ فخر محسوس ڪندي چوي ٿي ته موجودھ حڪومت عوام جي وڏي خدمت ڪئي آھي. هاڻ اهو فيصلو ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ ڪندو ته پ پ اڳواڻن ۽ موجوده حڪمرانن جو دعوائون ڪيتريون درست آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو