ايندڙ نسل جو قرض

'مقالا' فورم ۾ سرفرازملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2012۔

  1. سرفرازملڪاڻي

    سرفرازملڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2012
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد، ڄامشورو، دادو
    ايندڙ نسل جو قرض
    لبنيٰ جرار نقوي

    پاڪستان ٺهڻ کان اڄ ڏينهن تائين جي سفر ۾ اسان قدرن جو وڌيڪ خيال ناهي رکيو، اخلاقي قدر اسان جي هٿن مان ويندا رهيا آهن، اخلاقيات ۽ انسانيت جي سبقن کي وڌيڪ اهميت ناهي ڏني وئي ۽ اسان هر اهو قانون ٽوڙيو، جنهن کي پاڪستان جي بانيءَ اسان لاءِ بطور اصول ڇڏيو هو، قائداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي مسلمان ملڪ جي خواهش ۾ ڀارت کان عليحدگي اختيار ڪئي هئي، جتي سلامتي تي بيٺل دين جي مڃڻ وارا امن ۽ سڪون سان رهي سگهن ۽ پنهنجي عقيدي جي مطابق بنا خوف ۽ خطري جي زندگي گذاري سگهن، خصوصن جتي اقليتن کي تحفظ حاصل هجي پر اڄ اسان کي صورتحال ان تصور جي ابتڙ نظر اچي ٿي، هن ملڪ ۾ رهڻ وارن ماڻهن کي تحفظ حاصل نه آهي ۽ اقليتون ملڪ ڇڏي وڃڻ ۾ ئي عافيت سمجهي رهيون آهن، ڇو ته هنن جي بقول سندن مٿان متڀيدي سلوڪ جاري رکيو ويندو آهي ۽ اقليتن خلاف ڏوهن جي شرح به غير معمولي آهي، هاڻوڪن ڪجهه ڏينهن ۾ ميڊيا جي ذريعن ۾ اهڙيون خبرون تفصيلن سان گڏ شايع ٿيون آهن، جن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ مان هندو خاندانن ڀارت لڏپلاڻ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان جي باني جنهن ملڪ جو خواب ڏٺو هو، يقينن هي اهو ناهي، ڇو ته هو هڪ اهڙو ملڪ گهرندو هو، جتي مسلمان پاڻ به آزاد رهن ۽ انهن سان گڏ رهڻ واريون اقليتون به پاڻ کي محفوظ تصور ڪن، افسوس اسان انهن اميدن تي پورو نه لهي سگهياسين.
    ملڪ جي زمين تي موجود حقيقتن تي نظر رکڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اسان نه ته پنهنجي آزادي جي حفاظت ڪري سگهياسين ۽ نه ئي ان نظريي جي ”جنهن تحت پاڪستان وجود ۾ آيو.
    هن سان ملاقات ڪرڻ وارن جي اڪثريت جي سوالن ۾ اها پڇا ضرور شامل هوندي ته ڀارت ۾ مسلمان ڪهڙي حيثيت ۾ رهي رهيا آهن، هندو اڪثريت جا ماڻهو مسلمانن سان ڪهڙو برتاءُ ڪندا آهن. ڇا مسلمان هندن سان بطور اقليت رهڻ ۾ خوش آهن؟ اهڙا گهڻائي سوال ڌيرج سان ٻڌڻ کانپوءِ هڪ هڪئي ڀيرو جواب ڏيندو ته ڀارت ۾ مسلمانن جي ڪنهن عبادتگاهه جي ٻاهر هٿياربندن فرد يا قانون لاڳو ڪرڻ وارا پهرو ڏيندي ڏسڻ ۾ نٿا اچن پر پاڪستان ۾ ڪائي هڪ اهڙي مذهبي جاءِ به ناهي، جنهن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪل وقتي هٿياربند دستا مقرر نه ڪيا ويا هجن.
    ملڪ جو هڪ الميو هي به آهي ته هتي عورتن خلاف ڏوهه جي شرح گهڻي بلند آهي، هر سال انهن انگن اکرن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪي عورتن تي ٿيندڙ ظلمن جي متعلق آهن. عورتن سان جانورن کان به بدتر سلوڪ ڪيو ويندو آهي، کين نه ته چادر ديواري جو تحفظ حاصل آهي ۽ نه ئي اها جاءِ جنهن جون اهي حقدار آهن.
    اهي خبرون ڪيتري قدر پريشاني لائق آهن ته عورتن تي سري عام تشدد ڪيو وڃي ٿو. ظاهر آهي ته جنهن معاشري ۾ قانون جو خوف نه هجي، جتي عام ماهو کي قانون جو تحفظ حاصل نه هجي، اتي ان طرح جي واقعن جي ظاهر ٿيڻ تي ڪنهن کي حيرت نه ٿيڻ گهرجي، هي ڳالهه به ذڪر لائق آهي ته عورتن خلاف ظاهر ٿيندڙ ڏوهن ۾ مذهب جو استعمال به ٿيڻ لڳو آهي، اهو الڳ نوعيت جو متڀيدي سلوڪ آهي، صوبي پنجاب جي علائقي مظفر ڳڙهه کان ايندڙ خبرن جي مطابق ٻن بزرگ عورتن کي مار ڏيڻ کانپوءِ گهٽين ۾ اگهاڙو گهمايو ويو، ڇو ته انهن ڄاڻايل طور تي هڪ بااثر خاندان جي ڇوڪري کي پنهنجي پيءَ جو رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، صوبي سنڌ جي علائقي گمبٽ ۾ هڪ عورت ۽ مرد کي اگهاڙو ڪري گهٽين ۾ ڦيرايو ويو ڇو ته هنن ڄاڻايل طور تي غير اخلاقي حرڪت جي ڪڍ لڳا هئا، تعجب آهي ته جيڪي ماڻهو ان ڳالهه جي دعويٰ ڪندا آهن ته پاڪستان اسلام جي نالي قائم ٿيو هو، اهي پاڪستان ۾ مرد ۽ عورتن خلاف ٿيندڙ غير شرعي قدمن تي خاموش تماشائي بڻيل آهن ۽ ان جي مذمت ۾ هڪ لفظ ناهن ڳالهائيندا، اڄ اسان جو ملڪ 66هين سال ۾ داخل ٿي ويو ۽ اسان ان مرحلي تي به اهو ئي بحث ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان اسلام ۽ مسلمانن لاءِ حاصل ڪيو ويو هو، اسان جي ڀرپاسي ۾ اهڙا مثال وکيريا پيا آهن، جن ۾ واسطو نه ته اسلام ۽ نه ئي عمومي اخلاقي قدرن ۽ انسانيت سان آهي، توڙي جو مون کي ايئن ٿيڻ جي اميد ناهي پر اميد آهي ته پاڪستان جي ٺهڻ جو مقصد ۽ پاڪستان جي باني جي اصولن جو لحاظ ڪيو ويندو، اسان گهٽ ۾ گهٽ ۾ ان ڳالهه جي ڪوشش ڪري سگهون ٿا ته پاڪستان جي ساک تي لڳجندڙ داغن کان بچي سگهون، انسانيت ۽ احترام انسانيت جي اصولن جو خيال ڪريون، اسان گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ايندڙ نسلن جو ته خيال ڪري سگهون ٿا ته انهن لاءِ ڪهڙي قسم جو پاڪستان ڇڏيو وڃون پيا، ڇا اسان پنهنجي نسلن جي سامهون سرخرو ٿينداسين ۽ اهي اسان جو ذڪر فخر سان ڪري سگهندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو