مان ناچيز آصف علي جھتيال گلشن حديد ڪراچي مان پهريون دفعو سنڌ سلامت استعمال ڪري رهيو آهيان ڀاءَ عرس پريو رهنمائي ڪري رهيا آهن اميد ته سمجھ ۾ اچي ويندو دعاگو
ادا آصف علي جهتيال صاحب اسلام عليڪم۔اوهان کي دل جي گهرائين سان هن اڱڻ تي خوش آمديد چئجي ٿو، اوهان جي محنتن ۽ محبتن جي منتظر ، هيء سنگت ،اوهان جي قلم جي ڏات ۽ هٿ جي هنرجي چٽسالي سان هن سونهن ۾ اضافي جي منتظر آهي ڳوٺ ڳوٺ نگر نگر وستي واهڻ شهرن ۽ بحرن جي حال احوالن کان واقفيت جي اميد رکي ٿي اميد ته پنهجي چاه سان ،پنهجن سهڻين لکڻين سان هن اڱڻ کي سينگاريندا هڪ دفعو وري اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار
ڦلجي اسٽيشن سان تعلق رکندڙ ۽ هن وقت گلشن حديد ڪراچي ۾ رهائش پذير ڊاڪٽر قربان علي جهتيال جي خاندان سان تعلق رکندڙ ادب دوست نوجوان آصف علي جهتيال کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي۔ آصف سان روبرو به ملاقاتون آهن ۽ هو قرب جا قدم ڀري سچل ڳوٺ آيو هو۔ ساڻس فون تي به اڪثر رابطو رهندو آهي۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ ڪا به ڏکيائي سمجهو ته اسان حاضر هونداسين۔سنڌ سلامت ساٿ سلامت
آصف جهتيال صاحب کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ جنهنجو هٿ سيد هٿ ۾ تنهنکي لهر نه لوڏو جي مثال رستو ڏيکاريندڙ عرس پريو ته سمجهو ٻيڙا پار ۔۔۔۔عرس پريو سنڌ سلامت جو ائين سونهون آهي جيئن ڪو ناکئو سمنڊ ۾ ۔۔۔ دوست وڌن ميلا لڳن ۔۔۔ اوهانجي موجودگي اسان لئه باعث راحت۔ لک قرب ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
آصف علي جهتيال صاحب کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔ محترم دوست آصف علي جهتيال ڦلجي اسٽيشن سان تعلق رکندڙ منهنجو پاڙيسري هڪ نهايت سلجهيل ماڻهون آهي سندس جي سنڌ ء سنڌيت سان دلي لڳاء ء درد رکندڙ ماڻهون آهي۔ هڪ دفعو گلشن حديد ۾ ملاقت ٿي آهي۔ فيس بوڪ تي سندس ونڊ تمام بهترين ء سبق آموز هوندا آهن۔۔۔۔۔۔ اميد ته پاڻ هن سنڌ سلامت تي به ڀرپور نموني حصو اٽڪائيندو۔ ادب دوست نوجوان آصف علي جهتيال کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي ۔۔۔۔۔ 1091 اٽيچمينٽ ڏسو
وساڻ صاحب اوهان جي محنتن کي مان سلام پيش ڪيان ٿو _اوهان جي رهنمائي جو طلبگار دعاگو آصف علي جھتيال گلشن حديد ڪراچي
سنڌ سلامت جي اها ئي سونهن سچائي آهي ته سهڻا موتي داڻا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي اچي هن اڱڻ جا ڀاتي بڻجي پون ٿا۔ شل سڪ ۽ سونهن جو اهڙو وا سموري سنڌ جي سهڻن ماڻهن جي من ۾ گُهلندو رهي ته اهي سڀ مِڙي گڏجي هڪ ٿين، سائين آصف علي جهتيال صاحب کي هن سونهن ڀريي سندر اڱڻ تي ڀليڪار ڪيون ٿا اميد ته ساٿ سلامت رهندو۔ اسين پڻ اوهان جا پاڙيسري آهيون ضرور ميل ملاقاتون ڪبيون۔
ڀلي ڪري آيا آصف علي جهتيال صاحب! اميد آهي ته اوهان جو ساٿ قائم رهندو ۽ سنڌ سلامت تي سهڻن خيالن سان پنهنجي ويچار ونڊڻ جو سلسلو جاري رهندو۔ بيشڪ عرس پريو هڪ اهڙو ماڻهو آهي جنهن جي صلاح تي هلي ٻيڙا پار ڪري سگهجن ٿا.
ادا توھان کی سندھ سلامت فورم م بھلیکار چئجی تھو تمام گھٹی خوشی تھی جو اوھان ساتھی بٹیا آھیو امید ت ساتھ سلامت رھندو آمین
دوست آصف علي جهتيال کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔