نوجوانن ڏانهن

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    نوجوانن ڏانهن
    اياز علي
    مون ذاتي طور تي پنهنجي ادبي، سياسي ۽ صحافتي سفر ۾ تاريخ، سياست، فلسفي، سائنس توڙي سماجيات تي اردو، انگريزي ۽ سنڌي ٻولي جا اڪيچار ڪتاب پڙهيا آهن. سو جن ڪتابن شروعاتي طور منهنجي ذهن، سوچ شعور تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا يا ان ۾ بنيادي قسم جو ڦيرو آندو، انهن ۾ خاص طور مئڪسم گورڪي جو ”ماءُ“ ناول، ”نوجوانن جو گيت (Song of youth)۽ اليگزينڊر فادئيف جو The Young Guard (جيڪو در اصل ٻي عالمي جنگ دوران سوين روس جي ينگ ڪميونسٽ ليگ سان سلهاڙيل نوجوان طبقي جي نازي فاشزم خلاف ڪيل جدوجهد ۽ قربانين جي لازوال داستان تي ٻڌل آهي) شامل آهن.
    انساني سماج ۾ ٻين گهڻين ڳالهين سان گڏ ڪتابن جي به وڏي اهميت هجي ٿي. جيڪي در اصل ماڻهو جي بنيادي سوچ، ارادي ۽ ذهن ۾ بنيادي ڦيرو ۽ تبديلي آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. اهڙو ئي هڪ ڪتاب روسي انقلابي اديب پرنس پيٽر ڪروپاٽڪن جو Message to youth به آهي. جنهن جو اسان وٽ سنڌي ترجمو اسان جي ناليواري اديب برڪت علي آزاد 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ئي ڪري ڇڏيو هو ۽ گهڻي زماني کان وٺي اسان وٽ اڻ لڀ هو، سي پي سي ايس (سينٽرل فار پيس اينڊ سول سوسائٽي) حيدرآباد طرفان ان جو نئون ڇاپو ”نوجوانن ڏانهن“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ڪروپاٽڪن جو هي ڪتاب ڏاڍو اهم، زبردست ۽ نوجوان طبقي کي ڏنل عوام دوست پيغام تي ٻڌل آهي.
    ڪتاب ذريعي ڏنل پيغام:-
    ڪروپاٽڪن پنهنجي هن ڪتاب ”نوجوانن ڏانهن“ ۾ در اصل اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سماج ۾ ماڻهو خاص طور نوجوان طبقي کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟ هونئن ته سماج ۾ هر ماڻهو پنهنجي مخصوص سوچ، طبيعت، ارادي ۽ دلچسپي سببان مختلف ڪردار ادا ڪري ٿو. ڪو ڊاڪٽر آهي، ڪو وڪيل ٿئي ٿو، ڪو انجنيئر بڻجي ٿو، ڪو سائنسدان هجي ٿو، ڪو رانديگر آهي ته ڪو وري ڪاريگر ۽ پورهيت آهي. مطلب ته سماج ۾ هر ماڻهو جو ڪو نه ڪو ڪردار هجي ٿو. پر سوال آهي ته جنهن طبقاتي سماج دولت ۽ ان جا پيداواري وسيلا چند مٺ جيترن ماڻهن جي اقليت جي قبضي هيٺ هجن ۽ ماڻهن جي اٿاهه اڪثريت هر قسم جي سک، سهولت، فائدي ۽ حقن کان محروم هجي، جنهن سماج ۾ سرمائيداري سامراجيت پنهنجي عروج تي هجي ۽ ماڻهوءَ هٿان ماڻهو جي ڦرلٽ ٿيندي هجي. جتي مجموعي طور مزدور ۽ پورهيت طبقي جي زندگي عذاب هجي ۽ اهي جانورن جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور هجن، جتي جاگيرداري پنهنجي وحشت ۽ عوام دشمني جو ڀرپور اظهاربندي هجي، جتي هارين جو رت پيئندڙ هڪ جاگيردار ته ڪو به جسماني پورهيو ۽ محنت ڪرڻ کان سواءِ لکين ڪروڙين رپين جي ملڪيت جو مالڪ بڻيو ويٺو هجي، پر هڪ هاري ۽ سندس ڪٽنب لاءِ سال ۾ هڪ وال جيتري ڪپڙي خريدڻ جي به بچت نه ٿيندي هجي، جتي عوام جي وڏي گهڻائي کي بک، غربت ۽ معاشي بدحالي حال کان بي حال بڻائي ڇڏيو هجي، جتي پنجابي اديب احمد سليم چواڻي، غريب عوام لاءِ لپ جيتري اٽي جي ڳالهه به سوال بڻيل هجي، جتي ماڻهن جو 80 سيڪڙو کان به وڏو حصو غربت جي لڪير کان به هيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور هجي، جتي سماجي ناانصافي، ظلم، ڦرلٽ ۽ پرمار تي مظلوم قومن ۽ طبقن کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو هجي، جتي رياست ۽ ان جي وسيلن تي قبضو ۽ هڪ هٽي هجڻ سببان مٿيون شاهوڪار طبقو امير کان امير تر ۽ هيٺيون غريب طبقو غريب کان غريب تر ٿيندو هجي، اتي ۽ اهڙي سماج ۾ ماڻهوءَ جو ڪهڙو ڪردار هجڻ گهرجي! سماج ۾ پنهنجي لاءِ ته هر ڪو جيئي ٿو پر ٻين ڪاڻ جيئڻ، پنهنجي پچار ڇڏي ٻين بابت سوچڻ، ٻين جي حقن ۽ مفادن جو اونو رکڻ، سماجي ناانصافي، ظلم ۽ پرمارتي خلاف سڀ طرفي ويڙهه وڙهڻ ۽ ان جي گهربل تياري ڪرڻ، حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪرڻ، مظلوم قومن ۽ طبقن جي ساٿ جو ساٿاري بڻجي وقت جي ويري، عوام دشمن قوتن ۽ طبقن خلاف گهڻ طرفي جدوجهد ڪرڻ، هر قسم جي ظلم، ناانصافي ۽ انساني ڦرلٽ کان نفرت ڪرڻ، ڦورو سماجي نظام جو حصو بنجڻ بدران ان کي ڊاهي پٽ ڪري هڪ نئون نظام ۽ نئون جهان اڏڻ لاءِ ڪو ڪارگر ڪردار ادا ڪرڻ ئي در اصل وڏي مهانتا ۽ وڏي ڳالهه آهي. ان ڳالهه کي ڪو ڪو سمجهي ٿو ۽ جيڪو سمجهي وڃي ٿو اهو نه رڳو سماج ۾ ڪارگر ڪردار ادا ڪري ٿو پر اهو سچ پچ وڏو ماڻهو به بڻجي وڃي ٿو. اهو ئي در اصل ڪروپاٽڪن جي هن ڪتاب جو پيغام آهي، جيڪو هن ڏيڻ چاهيو آهي.
    ليکڪ ڇا ٿو چوي؟
    ڪروپاٽڪن پنهنجي هن ڪتاب ”نوجوانن ڏانهن“ ۾ مجموعي طور ڊاڪٽر، سائنسدان، وڪيل، انجنيئر، ماستر ۽ شاعر وغيره بنجڻ جي خواهش رکندڙ نوجوانن کي مخاطب ٿيندي پنهنجو پيغام ڏنو آهي. ليکڪ چوي ٿو ته جيڪڏهن توهان وٽ علم ۽ سائنس جي ڄاڻ ججهي اچي وئي آهي ۽ هاڻ توهان ڊاڪٽر بنجڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ڇا توهان عام خلق جي عام بيمارين جو علاج ڪندؤ يا مجموعي طور سڄي انساني سماج کي چهٽيل اصل بيماري ۽ مرض جو علاج ڪندؤ جيڪو در اصل عام خلق جي بيمار هجڻ جو سبب آهي. ڪروپاٽڪن چوي ٿو ته هڪ باشعور ۽ سجاڳ ذهن ڊاڪٽر جي ڪهڙي اوليت هجڻ گهرجي. هو جز ڏانهن ڌيان ڏئي يا ڪُل کي اهميت ڏئي، مجموعي طور سڄي سماج کي وڪوڙي ويل مصيبت ۽ بيماري جي خاتمي لاءِ هڙان وڙان ڪوشش ڪري. ايئن ڪروپاٽڪن چوي ٿو ته ”بس! جنهن ڏينهن اهي ڳالهيون توهان جي سمجهه ۾ اچي وينديون، تنهن ڏينهن چئبو ته توهان سوشلزم، ساميا واد ۽ اشتراڪيت کي سمجهي ورتو. انهي بعد توهين هن باري ۾ اڃا وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. جيڪڏهن توهين انساني همدردي ۽ پڪار جي اهميت کي محسوس ڪريو ٿا ۽ انهي سان گڏ هڪڙي بااصول ماڻهو جي حيثيت ۾ موجوده سماج يا سوسائٽي جي موجوده اوڻاين تي ويچار ڪرڻ جي به خواهش اٿو ته پوءِ آخر هڪڙي ڏينهن ساميا وادين ۽ اشتراڪيت پسند گروهه جي ماڻهن سان ملڻ کان سواءِ توهان کي ٻيو ڪو به رستو نظر نه ايندو ۽ توهين پڻ هنن سان گڏجي سماجي انقلاب آڻڻ لاءِ مجبور ٿيندا.“ (ص -9).
    ليکڪ وري سائنسدان بنجڻ جي خواهش رکندڙ نوجوانن سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته جيڪڏهن توهان سائنسدان بنجڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اها ڳالهه صاف ٿيڻ گهرجي ته سائنس ۽ ان جي ترقي مان توهان جي ڪهڙي مراد آهي. ڇا سائنس جي ترقي مان اها مراد آهي ته ان مان ذاتي آرام، فائدا ۽ خوشي حاصل ڪئي وڃي. جي ها، ته پوءِ ذاتي آرام ۽ ذهني سڪون لاءِ نشو واپرائيندڙ هڪ بيڪار ماڻهو ۽ هڪ سائنسدان ۾ آخر ڪهڙو فرق بيهي ٿو؟ هتي ليکڪ در اصل اها ڳالهه سمجهائڻ چاهي ٿو ته هڪ طبقاتي سماج ۾ سائنس ۽ ان جي ترقيءَ مان عوام جي گهڻائيءَ کي ڪو فائدو نه ٿو ملي پر اها سڄي سائنسي ترقي سماج جي مخصوص عوام دشمن ٿورائي جي ناجائز فائدي ۽ مفادن ۾ واڌ جو هڪ قيمتي وکر ثابت ٿئي ٿي. ان حوالي سان ڪروپاٽڪن لکي ٿو ته ”جنهن ڏينهن توهين انهي ڳنڀير ۽ وسيع علمي سچائيءَ کي پوري طرح سمجهي ويندا، تڏهن توهان کي موجوده سائنس ۽ ان جي فائدي مان، جنهن تي چند ماڻهن جو قبضو آهي، هرگز مزو نه ايندو. آخر توهان پاڻ انهن اپائن کي سوچڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويندا، جن جي ذريعي انقلاب ۽ تبديلي اچي سگهي ۽ جيڪڏهن توهان اها ڪوشش اهڙي سچائي، محنت ۽ اتساهه سان ڪئي، جهڙي ان کان اڳ ۾ سائنس جي کوجنائن ڪرڻ وقت ڪئي پئي وئي آهي، ته پوءِ پڪ ئي پڪ توهان سوشلزم جي اصولن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ۽ نه رڳو تيار ٿي ويندا پر توهان سوشلزم ۾ اعتبار رکندڙ سماج وادين يا اشتراڪين جا ساٿي ۽ همراهه به بڻجي ويندا.“ (ص 13-12)
    ايئن هن ڪتاب جو ليکڪ ڪروپاٽڪن انجنيئر، وڪيل، ماستر ۽ فنڪار وغيره بنجڻ جي خواهش رکندڙ نوجوانن کي مخاطب ٿيندي تلقين ڪري ٿو ته انجنيئر، وڪيل، ڊاڪٽر، ماستر يا فنڪار وغيره بنجڻ وڏي ڳالهه ناهي، پر پنهنجي غريب عوام ۽ ماڻهن جي بهتري، ڀلائي، آسودگي توڙي سندن سڀ طرفي ڇوٽڪاري واسطي هلندڙ تحريڪ ۽ جدوجهد ۾ پنهنجي صلاحيت آهر حصو وٺڻ ۽ توڙ نڀائڻ ئي اصل ڳالهه آهي ۽ ان لاءِ انقلابي سائنسي پورهيت فڪر ۽ نظرئي سان هٿياربند ٿيڻ اڳواٽ، لازم ۽ ضروري شرط هجڻ گهرجي.
    ايئن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ڪروپاٽڪن لکي ٿو ته ”پڇاڙي ۾ توهين ضرور مون کي چوندا ته واهه، اها وري ڪهڙي عجيب ڳالهه آهي! جيڪڏهن سائنس جي کوجنا ڪرڻ پنهنجي دلي شوق کي پورو ڪرڻ آهي، جيڪڏهن ڊاڪٽر بنجڻ ماڻهن کي دوکو ڏيڻ آهي، جيڪڏهن قانوني پيشي جي معنيٰ بي انصافي ڦهلائڻ آهي، جيڪڏهن مشينن جي ترقي فقط ماڻهن کي لٽڻ جو ذريعو آهي، جيڪڏهن اسڪول سچي ۽ صحيح تعليم نه ڏيڻ ڪري بند ڪرڻ جي لائق آهي، جيڪڏهن آرٽ ڪو انقلابي آدرش پنهنجي سامهون نه رکڻ جي ڪري جلد ئي زواليت کي وڃي پهچي ٿو، ته پوءِ مهرباني ڪري ٻڌايو ته آخر ڪرڻ ڇا گهرجي؟ اڃا ڪرڻ لاءِ اٿاهه ڪم پيو آهي. هڪ دل ڇڪيندڙ ڪم، هڪ اهڙو ڪم، جو سچ پچ توهان جي انتر آتما ۽ ضمير مطابق آهي، هڪ اهڙو مقصد جو اعليٰ کان اعليٰ انسان ۽ زبردست روحانيت واري ماڻهو جي دل ۾ به اتساهه پيدا ڪري سگهي ٿو. مان اوهان کي ٻڌايان ٿو ته اهو ڪم ڪهڙو آهي. توهان لاءِ فقط ٻه رستا کليل آهن: يا ته توهين هميشه جي لاءِ پنهنجي اندر جي آواز کي، پنهنجي ضمير جي پڪار کي دوکي ۾ وجهي، پڇاڙيءَ جو هيئن چئي ڏيندا ته ’جيستائين آءٌ سڀ ڪنهن قسم جو عيش عشرت مزي سان حاصل ڪري رهيو آهيان ۽ جيستائين عام جنتا ايتري قدر بيوقوف آهي، جو هو اسان جي راهه ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه ٿي وجهي سگهي. تيستائين انسان ذات ۽ سندس آهه و پڪار وڃي کڏ ۾ پون‘ پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ توهين سماج وادين سان ملي ويندا ۽ هنن سان گڏجي موجوده سماج کي بنياد کان ئي بدلائڻ جي ڪوشش ڪندا.“ (ص 23-22)
    سنڌي ترجمي بابت:-
    ڪتاب جو سنڌي ترجمو ٻوليءَ جي لحاظ کان ڏاڍو ناقص ٿيل آهي. مجموعي طور اهو سڄو ترجمو هندي گاڏڙ سنڌيءَ ۾ آهي، جنهن سببان ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اها روايتي سونهن، خوبصورتي ۽ رواني ڪونهي، جيڪا هجڻ گهرجي. ان ڪري ڪروپاٽڪن جي هن سڄي ڪتاب ”نوجوانن ڏانهن“ جي نئين سر ٻيهر ترجمي ڪرڻ جي پڻ اشد ضرورت آهي. هونئن به عالمي ادب ۾ ڪنهن به عالمي ڪلاسڪ لکڻي توڙي ڪتاب جا هڪ ئي ٻولي ۾ هڪ کان وڌيڪ ترجما ٿيندا رهيا آهن. ان حوالي سان اڪيچار مثال پيش ڪري سگهجن ٿا پر جيئن ته اسان وٽ سنڌي ادب ۾ اڃا اها روايت پئجي نه سگهي آهي، ان ڪري اسان کي جهڙن تهڙن ترجمن پڙهڻ تي ئي گذارو ڪرڻو پوي ٿو. بهرحال وري به سي پي سي ايس حيدرآباد جي دوستن کي جس هجي، جن ڪروپاٽڪن جو هي پراڻو، ناياب ۽ اڻلڀ ڪتاب هٿ ڪري ان کي ٻيهر ڇپائي، سنڌ جي باشعور نوجوان طبقي تي وڙ ڪيو.
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عامر علي عطار

    عامر علي عطار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Mehar, Sindh, Pakistan
    بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,489
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    جيئن ته اسان وٽ سنڌي ادب ۾ اڃا اها روايت پئجي نه سگهي آهي، ان ڪري اسان کي جهڙن تهڙن ترجمن پڙهڻ تي ئي گذارو ڪرڻو پوي ٿو. بهرحال وري به سي پي سي ايس حيدرآباد جي دوستن کي جس هجي، جن ڪروپاٽڪن جو هي پراڻو، ناياب ۽ اڻلڀ ڪتاب هٿ ڪري ان کي ٻيهر ڇپائي، سنڌ جي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    763
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    آئون سنڌ سلامت جي ٽيم کي عرض ٿو ڪريان ته
    عالمي ادب جا مشهور ڪتاب جيڪي سٺن ترجمينگارن ترجو ڪيا
    آهن،خصوصن سائين عطا محمد ڀنڀرو صاحب جن جا ترجو ڪيل
    سمورا ڪتاب سنڌ سلامت تي آڻيندا ته سنڌ جي اسان جهڙن
    بيروزگارن تي ٿورو ٿيندو،ڇو ته اسان سڀ ڪتاب وٺي پڙهي نه ٿا سگهون۔۔۔
    اهو صرف منهنجو نه پر سنڌ جي هر نوجوان جو مطالبو سمجهي
    ان تي غور ڪيو وڃي ته ٿورا ٿيندا۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستو ڪوشش ڪيون پيا، ڪمپوز ڪرڻ ڪو سولو ڪم به ناهي۔۔۔ ڪجهه دوست ڪتاب ڪمپوز ڪري موڪلين ٿا، انهن جا ٿورا۔ خاص ڪري سائين اي جي شيخ ۽ آفتاب کوهاري جا قرب ۔۔۔ سائين الطاف شيخ به پنهنجا ڪتاب موڪليندو رهي ٿو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو