نثارابڙو
نائب منتظم

مڪي شريف جي بلڪل مٿان جبلن تي الهدا (طائف)جو شهر آهي، مڪو سخت گرم ته طائف جو شهر وري ٿڌو آهي، بلڪل ائين جئين سنڌ ۾ دادو ۽ دادوءَ جي مٿان جبلن تي گورک هل اسٽيشن جو مقام !!!
سعودي قوم مڪي کان شاندار روڊ ٺاهي طائف کي هڪ شاندار شهر طور قائم رکيو آهي ۽ پوري سعودي عرب کان ڪروڙين ماڻهون الهدا طائف گهمڻ وڃن ٿا، جتان ان علائقي کي هر سال اربين روپين جي آمدني ٿئي ٿي ...پر سنڌي قوم گورک هل اسٽيشن سان اهڙو سلوڪ ڪيو آهي جو ماٽيجي ماءُ به ائين نه ڪري !!!
الائجي ڪڏهن ..؟؟؟ اسين پنهنجي ڌرتيءَ جي وارثي ڪنداسون ۽ الائجي ڪڏهن قومي خزانن جا مالڪ ٿي دنيا ۾ ڪنڌ مٿي ڪري چونداسون ته اسين سنڌي آهيون ...!!!