• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

طائف ۽ گورک هل اسٽيشن

نثارابڙو

نائب منتظم
215853_10151253861348948_271078942_n.jpg

مڪي شريف جي بلڪل مٿان جبلن تي الهدا (طائف)جو شهر آهي، مڪو سخت گرم ته طائف جو شهر وري ٿڌو آهي، بلڪل ائين جئين سنڌ ۾ دادو ۽ دادوءَ جي مٿان جبلن تي گورک هل اسٽيشن جو مقام !!!
سعودي قوم مڪي کان شاندار روڊ ٺاهي طائف کي هڪ شاندار شهر طور قائم رکيو آهي ۽ پوري سعودي عرب کان ڪروڙين ماڻهون الهدا طائف گهمڻ وڃن ٿا، جتان ان علائقي کي هر سال اربين روپين جي آمدني ٿئي ٿي ...پر سنڌي قوم گورک هل اسٽيشن سان اهڙو سلوڪ ڪيو آهي جو ماٽيجي ماءُ به ائين نه ڪري !!!
الائجي ڪڏهن ..؟؟؟ اسين پنهنجي ڌرتيءَ جي وارثي ڪنداسون ۽ الائجي ڪڏهن قومي خزانن جا مالڪ ٿي دنيا ۾ ڪنڌ مٿي ڪري چونداسون ته اسين سنڌي آهيون ...!!!
 
سائين اوهان اهم ڳالهه ڪئي آهي۔

سنڌ ۾ ڪيتريون ئي سياحتي جايون آهن پر افسوس جو ادارن جي ناڪامي، ادارن جي سربراهن جي عدم توجهه سبب سياحت جو ته تصور ئي ناهي رهيو۔ اسان ته هاڻي پنهنجي انهن ثقافتي ۽ سياحتي جاين کي ڀلجندا ٿا وڃون۔

ڪاش ڪو انقلاب اچي ۔۔۔۔
 
بس سائين جتي تعليم جي کوٽ سبب بيزري جو عالم هجي ۽ هڪ مخصوص ٽولو مختلف نالن سان واري واري سان حڪمراني تي قابض هجي ته اهي حال ٿيندا۔ تعليم آفته قوم ئي سٺا اڳواڻ ايونا موڪلي پنهنجا جائز حق وٺندي آهي، پر هتي ته الٽو ئي قصو آهي۔ اڻ پڙهيا قابض آهن ۽ جيڪو جيترو پڙهيل، شريف ۽ امن پسند آهي اهو اوترو ئي ڏچي ۾ آهي۔ بلڪه هن دؤر ۾ اهو بيوقف ليکيو وڃي ٿو۔

پر اوهان طائف جي اها پُل ڏيکاري ننڍي هوندي وارو دؤر ياد ڏياري ڇڏيو۔ جڏهن واديءَ شداد ۾ رهند هئاسون جيڪا طائف جي پهاڙي کي لهندي ئي اچي ٿي۔ اسان جي گهر کان اها پُل صاف نظر ايندي هئي۔ اڪثر راند کيڏندي وادي مان اها پُل ڏسي چوندا هئاسون ته طائف هلبو ته انهي پُل تان بيهي پنهنجا گهر ڏسبا۔
 
گورک هڪ لاجواب سياحتي جاء آهي جتي پهريان جي نسبت هاڻ تمام گهڻي سهولت مهيا ڪئي ٿي وڃي ا۽ ان جي ترقي ۾ سردار رفيق احمد جمالي جي تمام گهڻي دل چسپي آهي
 
Back
Top