پروفيسر رام پنجواڻي : سنڌيت جو سفير

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,928
    ورتل پسنديدگيون:
    27,244
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    پروفيسر رام پنجواڻي : سنڌيت جو سفير
    شوڪت حسين شورو

    گهڻ پاسائين ۽ شاندار شخصيت جو مالڪ پروفيسر رام پنجواڻي استاد، ليکڪ، شاعر، ڊرامه نگار، ناول نويس، ڪهاڻيڪار، چونگي ڪندڙ، ڀڳت وجهندڙ، ڳائڻو ۽ ناٽڪ ڪلاڪار هو. ان سڀ سان گڏ قدرت کيس موهيندڙ نموني ڳالهائڻ جي ڏات ڏني هئي. رام پنجواڻي 20 نومبر 1911ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ ديوان پرتاب راءِ لاڙڪاڻي جو زميندار هو. پاڻ اصل ۾ آهوجا هئا. رام اسڪولي تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي، ان کانپوءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. اتان بي اي ڪرڻ کانپوءِ 1933ع ۾ ان ئي ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر بڻيو. هو زندگيءَ جا پنجاهه سال پروفيسر ٿي رهيو. پروفيسر رام پنجواڻي ورهاڱي ٿيڻ کانپوءِ وطن جا وڻ ڇڏي انڊيا ۾ وڃي بمبئي ڀيڙو ٿيو. اتي سنڌين جي ٺهرايل جئه هند ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو سربراهه مقرر ٿيو. 1974ع کان وٺي ٻن سالن تائين بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ بنجي رٽائر ڪيائين.

    پروفيسر رام پنجواڻي ڳائڻ چئن ورهين جي ڄمار ۾، لکڻ پندرهن ورهين جي ڄمار ۾، ۽ تقرير اسڪول ۽ ڪاليج ۾ سترهن ۽ ارڙهن ورهين جي ڄمار کان شروع ڪئي. هن اڳتي هلي ريحانه طيب جي، شريفا حامد علي ۽ ماسٽر دولترام کان سُر، لئه ۽ تال جي تعليم حاصل ڪئي. ڳائڻ ۾ هن وڌيڪ ڌيان سنڌي ڪلامن ۽ لوڪ سنگيت ڳائڻ تي ڏنو. هو پاڻ گهڙي تي هٿ هلائي ڳائيندو هو. هن اسٽيج ڊرامن ۾ به اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪم شروع ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ هو اسٽيج ڊرامن ۾ هيروئن جو ڪردار ڪندو هو. پروفيسر رام پنجواڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ستن سورمين تي ست ناٽڪ لکيا ۽ اهي اسٽيج تي پيش ڪيا. ”سنڌ جا ست ناٽڪ“ کانسواءِ هن ”پکي ۾ پدمڻي“، ”پورب جوتي“ ۽ ”آيو نئون زمانو“ ناٽڪ لکيا ۽ انهن ۾ ڪردار به ادا ڪيا. هن جي لکيل ناولن ۾ ”قيدي“، ”لطيفا“، ”چاندي جو چمڪو“، ”اسان جو گهر“، ”شل ڌيئر نه ڄمن“، ”زندگي ۽ موت“ شامل آهن. سندس ڪهاڻين جا مجموعا ”عجيب آکاڻيون“، ”انوکا آزمودا“، ”وچتر واقعا“، ”تنهنجا منهنجا تجربا“ شايع ٿيل آهن. انوکا آزمودا ڪتاب تي رام پنجواڻي کي ساهتيه اڪيڊمي طرفان انعام پڻ مليو هو. ”محمد گاڏيءَ وارو“ سندس مشهور ڪهاڻي آهي. سندس لکيل مضمونن جي ڪتابن ۾ ”سپون“، ”ادبي گلشن“ ۽ ”يادگيريون“ سٺا علمي ڪتاب ليکيا وڃن ٿا. رام پنجواڻي ناٽڪن کانسواءِ سنڌي فلمن جهولي لعل، هو جمالو، شال ڌيئر نه ڄمن (جيڪا سندس ئي ناول تي ٺهيل هئي) ۽ لاڏلي ۾ ائڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. علم، ادب ۽ فن جي ميدان ۾ هن جي ڪيل ڪمن کانسواءِ پروفيسر رام پنجواڻي جيڪو سڀ کان وڏو ڪارنامو ڪيو، سو هو سنڌيت کي نئين سر جيئارڻ جو.
    ورهاڱي کانپوءِ جڏهن سنڌي هندو سڃا سکڻا ٿي انڊيا ۾ آيا ته ايڏي وڏي آباديءَ واري ملڪ ۾ هو ڪنهن ليکي ۾ ڪو نه هئا. ڪڻو ڪڻو ٿي ويل سنڌين جي لاءِ پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر کي بچائي رکڻ هڪ نهايت ئي مشڪل ڪم هو. گهڻن جي دلين ۾ شڪ هو ته سندن ”سنڌي سڃاڻپ“ ختم ٿي ويندي ۽ سنڌي جاتي زنده رهي ڪا نه سگهندي. ان نااميديءَ ۽ نراسائي جي ماحول ۾ پروفيسر رام پنجواڻي پنهنجو دائمي ساٿي مٽڪو کڻي انڊيا جي هر شهر ۾ رهندڙ سنڌين وٽ پهچي هنن کي اهو پيغام ڏيندو رهيو ته اسين سنڌي زنده رهنداسين، سنڌي ٿي زنده رهنداسين، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ثقافت کي سالم رکي زنده رهنداسين.
    سنڌي آهيان، سنڌي آهيان، سنڌي منهنجي ٻولي،
    ڪيئن وساريان ٻولي، جنهن ۾ ماءُ ڏني هئي لولي!
    هن سنت ڪنور وارو جامو ۽ پڳڙي پائي، ڇير ٻڌي جڏهن ڦيرا پاتا ۽ جُهمر هنئي ته ماڻهن جي دلين ۾ ڪنور ڀڳت جون ڪجهه سڪون لهڻ لڳيون. سندس سنڌيت جي پيغام جادوءَ جو ڪم ڪيو، نراس ۽ نااميد دلين ۾ نئون اعتماد پيدا ٿيو.
    لوڪمانيه تلڪ هيسيل ۽ هراسيل مرهٽن ۾ نئين جان ڦوڪڻ جي لاءِ، کين هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ ”گڻيش پوڄا“ جو دستور ايجاد ڪيو، جنهن کانپوءِ مهاراشٽرا ۾ گڻيش ديوتا جو ڏينهن وڏي ڌوم ڌام سان ملهائڻ لڳو. پروفيسر رام پنجواڻيءَ سنڌين ۾ ان ساڳئي طريقي سان نئون روح پيدا ڪرڻ جي لاءِ اڏيري لعل جو سهارو ورتو. هن سنڌين کي نئين سر ”جهولي لعل“ جو نعرو ڏنو. ”جهولي لعل“ کي سنڌي ڪميونٽي جو نشان بڻايو ۽ جهولي لعل جي نعري جي چوڌاري سڄي جاتيءَ کي گڏ ڪيو. ان سان گڏوگڏ هن چيٽ جي مهيني سان نئين سنڌي سال جي شروعات واري وساري ڇڏيل ڳالهه سنڌين کي وري ياد ڏياري. هن ”چيٽي چنڊ“ کي سنڌي ڪلچرل ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو. نه رڳو ڀارت ۾، پر آمريڪا، انگلينڊ، هانگ ڪانگ، سنگاپور، دبئي جتي جتي به سنڌي رهن ٿا، اتي ”چيٽي چنڊ“ جا ميلا مچايا ۽ اهي اڄ به باقائدگي سان لڳندا رهن ٿا. اهو هڪ معجزو هو، جيڪو پروفيسر رام پنجواڻي ڪري ڏيکاريو. ان ڪري ئي هو سڄي دنيا جي سنڌين ۾ ”سنڌيت جو ايلچي“ سڏجڻ لڳو.
    پروفيسر رام پنجواڻي ممبئي ۾ ”سيتا سنڌو ڀون“ جي نالي سان هڪ شاندار سنڌي ڪلچرل سينٽر جوڙايو، جتي ادبي ڪچهريون، سنگيت جون محفلون، ليکڪن سان رهاڻيون شروع ڪرايون. 1986ع ۾ جڏهن آئون ممبئي ويو هئس ته پروفيسر رام پنجواڻيءَ سيتا سنڌو ڀون ۾ منهنجي لاءِ آجياڻو رکي مون کي عزت بخشي هئي. سندس ڪوٺ تي آئون ٽي چار دفعا سندس گهر پڻ ويو هئس. منهنجو ساڻس دلي ناتو قائم ٿي ويو هو. اصل ڳالهه هيءَ هئي ته پروفيسر رام پنجواڻي جي شخصيت ۾ هڪ حيرت انگيز ڪشش هوندي هئي. ساڻس پهرئين ملاقات ۾ ئي ماڻهو محبت جي ڌاڳي ۾ ٻڌجي ويندو هو. هن کي ڪا خاص ڏات هئي، دوستن کي هٿ ڪرڻ جي، ان حد تائين جو هو دشمنن کي به دوست بڻائي وٺندو هو. پروفيسر رام پنجواڻي کي جڏهن سندس ڪتاب ”انوکا آزمودا“ تي ساهتيه اڪيڊمي پاران انعام مليو هو، تڏهن ان دور جي نئين ٽهي جي ليکڪن خاص طور موهن ڪلپنا ۽ لعل پشپ سخت اعتراض ڪيو ۽ رام پنجواڻي جي مخالفت ۾ ليک لکڻ شروع ڪيا. ان ئي زماني ۾ هڪ سنڌي سيٺ قرض واپس نه ڪرڻ تان موهن ڪلپنا تي ڪيس ڪري عدالت مان هن کي جيل ۾ وجهرائڻ جو آرڊر ورتو هو. ان ڏکي مهل ۾ موهن ڪلپنا کي صرف پروفيسر رام پنجواڻي مدد ڪئي. هن پنهنجي شخصي ضمانت تي نه رڳو موهن ڪلپنا کي جيل ۾ وڃڻ کان بچايو، پر ان سيٺ کان سندس قرض به معاف ڪرايو.
    هو نه رڳو اسٽيج جو بادشاهه هو، پر هن جي عام گفتگو به وڻندڙ هوندي هئي. هن جهڙو فصيح زبان، موزون ۽ تُز لفظن ۾ موقعي سان هم ساز ۽ هم معنيٰ وارو خطاب ڪندڙ ڪو مشڪل ملندو. سندس ڳالهائڻ ۾ جادو هوندو هو، جيڪو ٻڌندڙن کي منڊي ڇڏيندو هو. ڀارت جو وزير اعظم پنڊت جواهر لعل نهروءَ پروفيسر رام پنجواڻي جي چوڻ تي ساهتيه اڪيڊمي جي جوڙجڪ ۾ ٻين چوڏهن ٻولين سان گڏ سنڌيءَ کي به جاءِ ڏياري. پنڊت نهرو کيس ”مٽڪي وارو پروفيسر“ جو خطاب به ڏنو هو.
    سنڌين ۾ ثقافتي سجاڳي پيدا ڪرڻ، سنڌيت جي هلچل کي هلائڻ، سنڌي ٻوليءَ کي انڊيا ۾ قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ جي جدوجهد ڪندڙ سنڌيت جو سفير پروفيسر رام پنجواڻي دل جي دوري پوڻ سبب 31 مارچ 1987ع ۾ ممبئي ۾ گذاري ويو. اڄ به ”سيتا سنڌو ڀون“ سنڀاليندڙ ٺاڪر چاولا ۽ پارو چاولا سندس ياد کي قائم رکڻ جي لاءِ اتي هر هفتي ادبي ۽ موسيقيءَ جون محفلون مچايو ويٺا آهن.
    __
    پروفيسر رام پنجواڻي جي شخصيت بابت هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي۔
     
  2. مشتاق احمد مگسي

    مشتاق احمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام بهترين ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو