ادريس راجپوت : سنڌ جو سڄڻ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    محمد ادريس راجپوت آبپاشي ماهر طور سڃاتو وڃي ٿو . هو آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري به رهيو آهي ، سندس ٻي وڏي سڃاڻپ رٽائرمينٽ کانپوءِ ، پنهنجي موضوع سان نڀائيندي ، سنڌ جي نقطهءِ نظر کي ڌيان ۾ رکندي ، مضمون
    ۽ مقالا لکڻ ۽ عوام کي آگاهي ڏيڻ آهي . هو مختلف موقعن سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪندو رهي ٿو . محمد ادريس راجپوت 20 نومبر 1941ع تي ديندار خان راجپوت جي گھر ، ڀارت جي ضلعي ” گڙگائون “ جي هڪ ڳوٺ ” نُوهه “ ( Nuh ) ۾ پيدا ٿيو . هي اڃا اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ مس داخل ٿيو هو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب ، سندس خاندان نئين ٺهيل ملڪ پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ، جنهنڪري سندس خاندان پهريائين ٽنڊي الهيار ، پوءِ ٺارو شاهه ۽ آخر قنبر ۾ اچي ويٺو . ننڍ پڻ ۾ ماءُ جي لاڏاڻي سبب ، کيس ڏاڏيءَ پاليو . جنهنڪري مٿس ان جو ڪافي اثر رهيو .

    هن ابتدائي تعليم 1955ع ۾ مين پرائمري اسڪول قنبر ۽ مئٽرڪ 1959ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان پهرين پوزيشن سان حاصل ڪئي . هن انٽر سائنس ( مئٿميٽڪس ) ۾ به 1961ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڊويزن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي . سندس والد جي خواهش کيس ڊاڪٽر ڪرڻ جي هئي ، پر پنهنجي شوق سبب هن سول انجينئرنگ ( 1965ع ) ۾ بِي ، اِي اين اِي ڊِي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ گولڊ ميڊل ماڻي حاصل ڪئي . ان کانپوءِ هي 1966ع ۾ آبپاشي کاتي ۾ اسسٽنٽ انجينئر مقرر ٿيو ، جتي 1970ع ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيٽو انجينئر طور ترقي حاصل ڪيائين . ۽ پوءِ ترقي ڪندي ، صوبائي سيڪريٽري آبپاشي ٿيو ۽ 19 نومبر 2001ع تي رٽائر ڪيائين . ان دؤران هي مختلف سرڪاري پراجيڪٽن جو انچارج به رهيو .
    ادريس راجپوت رٽائرمينٽ کانپوءِ 2002ع کان وٺي مسلسل سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي ڄاڻ ڀريا مضمون روزاني ” ڪاوش “ حيدرآباد ۾ پئي لکيا آهن . جن کي بيحد ساراهيو ويو آهي . مارچ 2003ع ۾ انهن مضمونن کي نوجوان اديب رياضت ٻرڙي ، ترتيب ڏئي ، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ” گريٽر ٿل ڪينال ۽ ڪالا باغ ڊيم “ جي نالي سان ، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو . محمد ادريس راجپوت کي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ اڪيڊمي پاران اپريل 2003ع ۾ ” ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اوارڊ “ به ڏنو ويو . تصوف جي مطالعي سان دلچسپي رکندڙ محمد ادريس راجپوت جي رهائش 1979ع کان وٺي ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي ڪراچيءَ ۾ آهي۔
    ____
    انسائڪلوپيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو