اڄوڪو ڏينهن 22 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 22 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


22 نومبر 1842ع پير سيد حزب الله شاھ تخت ڌڻي (پير ڳوٺ) واري جو جنم ڏينهن آهي۔
22 نومبر 1879ع ليکڪ رام داس لاکاڻي (ٺٽو/ احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
22 نومبر 1884ع اسڪالر ۽ سيرت النبي جي مصنف سيد سليمان ندوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 نومبر 1923ع نامور شاعر، اديب ۽ صحافي رحيم بخش قمر جو جنم ڏينهن آهي۔
22 نومبر 1828ع شاھ مردان شاھ (ثاني) پير پاڳاري جو جنم ڏينهن آهي.
22 نومبر 1930ع مشهور ناول نگار، ڪھاڻيڪار ۽ ايڊيٽر موهن ڪلپنا (ڪوٽڙي/ الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
22 نومبر 1930ع شاعر منوهر بيدي عاجز (ڪنڊيارو/ الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
22 نومبر 1932ع مشهور اديب، ڪهاڻيڪار، فلمساز، اداڪار ۽ ناٽڪ نويس راج ڏاسواڻي عرف راجن چاولا جو جنم ڏينهن آهي.
22 نومبر 1943ع پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مشھور رانديگر مشتاق محمد جنم ورتو.
22 نومبر 1946ع صحافي تيرٿداس اميراڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
22 نومبر 1947ع نامور اداڪار، ڊراما نگار ۽ هدايتڪار سيد يار محمد شاھ جو جنم ڏينهن آهي۔
22 نومبر 1948ع اسڪالر شهزادو شيخ جي جنم جو ڏينهن آهي۔
22 نومبر 1953ع ليکڪ سراج ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي۔
22 نومبر 1962ع عام طور راجو هيراڻيءَ طور سڃاتو ويندڙ بالي ووڊ جي سنڌي هدايتڪار، فلمي ليکڪ ۽ ايڊيٽر، راجڪمار هيراڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
22 نومبر 1964ع اديب ۽ محقق الطاف جوکيو جو جنم ڏينهن آهي۔
22 نومبر 1967ع بٺوري سان تعلق رکندڙ صحافي زاهد حسين خوجا جو جنم ڏينهن آهي۔
22 نومبر 1967ع جرمنيءَ سان واسطو رکندڙ ٽينس جي مشھور کيڏاڙي بورس بيڪر جو جنم ڏينهن آهي۔
22 نومبر 1972ع اداڪار ۽ گلوڪار رياض حسين سومرو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

22 نومبر 1933ع مشھور صوفي شاعر مل محمود پلي وفات ڪئي.
22 نومبر 1943ع سنڌ جو ناميارو سماج سڌارڪ ۽ برهمو سماجي اڳواڻ ساڌو نولراءِ ديھانت ڪري ويو.
22 نومبر 1953ع اسڪالر ۽ سيرت النبي جي مصنف سيد سليمان ندوي جو انتقال ٿيو.
22 نومبر 1956ع خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ مشهور ڊاڪٽر، ڊاڪٽر نور محمد شيخ جي وفات ٿي.
22 نومبر 1958ع اسڪالر، تعليمدان ۽ محقق شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو جي وفات ٿي.
22 نومبر 1965ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ احسان بدوي ڪراچي ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪئي. آخري آرام گاھ شڪارپور ۾ اٿس.
22 نومبر 1972ع نامور حڪيم محمد عالم چانڊيو جو انتقال ٿيو.
22 نومبر 1984ع نامور صوفي بزرگ شاعر عيسي هالائيءَ جو انتقال ٿيو.

اڄوڪي ڏينهن 22 نومبر جا ڪجهہ اهم واقعا

1963ع ــ آمريڪا جي صدر جان ايف ڪينيڊي کي قتل ڪيو ويو.
1990ع ــ برطانيہ جي وزيراعظم مارگريٽ ٿيچر استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
2005ع ــ جرمنيءَ جي پھرين خاتون چانسلر اينجيلا مرڪل (Angela Merkel) پنھنجي عھدي جو قسم کنيو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ii99eOs7xY3iV.jpg
 
jrEBemimvbusS.jpg


قاضي شاهه محمد آڌيءَ رات جو روڊ حادثي ۾ گذاري ويو۔

روزاني تعميرِ سنڌ ڪراچي جو مالڪ ۽ چيف ايڊيٽر قاضي شاهه محمد نوابشاهه کان پنهنجي اباڻي شهر محراب پور ويندي دولت پور وٽ گاڏي ٻه ٽي دفعا ڪلٽي ٿيڻ سبب گذاري ويو.
 
Back
Top