اڄوڪو ڏينهن 23 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 23 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

23 نومبر 1908ع ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ قاضي فيض محمد جو جنم ڏينهن آهي.
23 نومبر 1912ع ليکڪ ۽ پبلشر پارو مل ڪيولراماڻي (حيدر آباد) جو
جنم ڏينهن آهي.
23 نومبر 1912ع شاعر ۽ ڪھاڻيڪار محمد خان مخمور جو جنم ڏينهن آهي.
23 نومبر 1914ع ننڍي کنڊ جي برک ليکڪ ڪرشن چندر جو جنم ڏينهن آهي.
23 نومبر 1924ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ ليکڪ محمد پريل سولنگي جوجنم ڏينهن آهي.
23 نومبر 1926ع ليکڪ ٽڪلو بي اي جوجنم ڏينهن آهي.
23 نومبر 1931ع سياستدان اميرالدين شاھ جو جنم ڏينهن آهي.
23 نومبر 1933ع مشھور موسيقار ۽ فنڪار
ماسٽر غلام علي جو جنم ڏينهن آهي.
23 نومبر 1934ع سماجي اڳواڻ ايشور منگهاڻي (حيدر آباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
23 نومبر 1935ع سياستدان غلام مجتبيٰ خان جتوئي جو جنم ڏينهن آهي.
23 نومبر 1957ع ليکڪ سوسان مرزا جو جنم ڏينهن آهي.
23 نومبر 1957ع گلوڪار ڪمار سانو جو جنم ڏينهن آهي.
23 نومبر 1993ع جوهيءَ سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر شهزاد علي لاشاري جو جنم ڏينهن آهي
.

وڇوڙو:

23 نومبر 1934ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر نور محمد نظاماڻي جي وفات ٿي.
23 نومبر 1982ع راز مراد آبادي جووڇوڙو ٿيو.
23 نومبر 1983ع پاڪستان فلم انڊسٽري جي چاڪليٽي هيرو وحيد مراد جي وفات ٿي.
23 نومبر 1998ع موسيقار ۽ شرنائي نواز آچر فقير مڱڻهار جي وفات ٿي.
23 نومبر 2015ع اردو جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ
جميل الدين عالي جي وفات ٿي.

اڄوڪي ڏينهن
23 نومبر جا ڪجهہ اهم واقعا


1940ع – جي ايم سيد صوبائي وزارت تان استعفي ڏئي ڇڏي.
1960ع – ھڪ آرڊيننس ذريعي اردو کي ٻارھين جماعت تائين لازمي مضمون طور شامل ڪيو ويو.
1964ع – ايوب خان فاطمہ جناح خلاف صدارتي فارم جمع ڪرائي سندس خلاف چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪيو.
2018ع – ڪراچي ۾ چيني سفارتخاني تي بلوچ آزادي پسندن پاران حملو ڪيو ويو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
محرم ۾ سمائيل پيغام۔۔تحرير،شاهين سنڌي
محرم مهيني جو چنڊ ڏسندي ئي دنيا حضرت اِمام حسين رضه جي شهادت ۽اُن جي خاندان تي ڪيل سختين جو غم اچي هرحساس دل ۾ ويهيي رهندو آهي
حضرت امام حسين رضه جيڪوپوري دنيا لاءِانقلاب جو سرواڻ آهي جنهن حق۽سچ خاطررڳو پنهنجي جان ئي نه پر پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري تاريخ ۾ پاڻ کي سدا جي لاءِ امر ڪري دنيا لاءِ مثال قائم ڪيو ته ظالم ڪيڏو به طاقتورڇو نه هجي پر جيڪڏهن اسان وٽ سچن جذبن سان ڀريل دل آهي ته هر اُن ظالم کي مٽي چٽائي سگهجي ٿي جيڪو سدائين حق۽سچ جي سدا کي دٻائڻ چاهي ٿو جيڪوناحق تي هوندي پاڻ کي حق تي تسليم ڪرائڻ لاءِ ميدان ۾ڪڏي پوي ٿو
پرسچ جا پوئلڳ سچ خاطرپنهنجو سڀُ ڪجھُ لٽُائڻ کان پوءِ به فاتح هوندا آهن۽تاريخ ۾دنيا وارن لاءِ رھبربڻجي ويندا آهن
اِهڙن ئي سورهين جي ڪري اڄ به سچ جو ڳاٽ اوچو آهي
اڄ به ساري دنيا ۾ سچ جا ساٿاري حضرت اِمام حسين رضه جي سرواڻي کي سلام پيش ڪن ٿا
roza-of-imam-hussain-wallpaper.jpg
 
Back
Top