محرم الحرام جي مناسبت سان شاهه سائين جي رسالي جي سُر ڪيڏارو مان ورتل ڪجهه چونڊ بيت، ڊزائن جي صورت ۾ دوستن سان ونڊ ڪجن ٿا۔
سَخِتِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ؛
رِندَ پَرُوڙِينِ رازُ، قَضِيي ڪَربَلا جو.
مُحَرَّمَ موٽِي آئِـيو، آئِـيا تان نه اِمامَ ؛
مَدِيني جا ڄاَم مؤلا، مُون کي ميـڙِئين !
دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛
خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛
اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛
اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي
سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛
ذَرو ناهِ يَزِيد کي، اِي عِشَقَ جَو آ ثارُ؛
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين.
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛
ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛
ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو.
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون؛
جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون؛
مُنهُن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.

آخري ترميم: