بلاگر تي بلاگ ٺاهڻ (حصو ٻيون)

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    دوستو، سنڌي بلاگنگ جو جيڪو نئون سلسلو شروع ڪيو آهي انهي جي ٻئي حصي سان حاضر آهيان۔ هن موضوع کي مڪمل طرح سان سمجهڻ لاءِ مان اوهان کي صلاح ڏيندس ته هن سلسلي جو پهريون حصو ضرور پڙهو، لنڪ آهي:
    بلاگر تي بلاگ ٺاهڻ (حصو ٻيون)
    مان ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪنهن به قسم جي ٽيڪنيڪل شين ۾ الجهڻ بنا اوهان کي ڳالهه سمجهايان۔ ان ڪري تصويرن جو استعمال گهڻو ڪندس۔ پوئين حصي ۾ اسان بلاگ رجسٽر ڪرڻ ۽ تحرير پوسٽ ڪرڻ سکي۔

    بلاگنگ يا بلاگ لکڻ واري عمل جو روح ئي تحرير جي خوبصورتي آهي۔ لفظن سان گڏو گڏ بلاگ جي پوسٽ جو ڏيکاءُ به سٺو هجڻ ضروري آهي۔ انهي ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي اڄ بلاگر جي پوسٽ ايڊيٽر يا تحرير نويس تي موجود سهولتن جو سرسرو جائزو ٿا وٺون۔

    www.blogger.com تي لاگ ان ٿيو۔۔۔
    لاگ ان ٿيڻ کان پوءِ بلاگر جو پوسٽ ايڊيٽر کولڻ لاءِ پين جي نشان واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔ جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل اهي۔


    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔​
    هاڻي اوهان جي سامهون بلاگر جي پوسٽ ايڊيٽر وٽ آهيو۔
    [​IMG]
    بلاگر جي پوسٽ ايڊيٽر يا تحرير نويس کي چئن حصن A, B, C & D ۾ ورهايو اٿم، ته جيئن سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ سولائي ٿئي۔
    -------------------------------
    (A)
    [​IMG]
    (1) هي لنڪ بلاگرجي ڊيش بورڊ تي وڃڻ لاءِ آهي۔
    (2) هي لنڪ بلاگ ڏسڻ لاءِ آهي۔
    (3) هي لنڪ اوهان جي پروفائل ۽ ان جي سيٽنگ سان تعلق رکي ٿي۔
    -------------------------------
    (B)
    [​IMG] (1) هتي بلاگ جو عنوان ظاهر ٿيل هوندو آهي يعني اوهان ڪهڙي بلاگ تي تحرير پوسٽ ڪرڻ پيا وڃو۔ اڪ
    (2) Post title : باڪس بلاگ پوسٽ / تحرير جو عنوان لکڻ لاءِ
    (3) Publish : هي لنڪ بلاگ پوسٽ / تحرير لکڻ کان پوءِ انٽرنيت تي شايع ڪرڻ لاءِ(4) Save : لنڪ اوهان پنهنجي تحريرمحفوظ ڪرڻ لاءِ۔ جڏهن اوهان ڪا پوسٽ محفوظ ڪندئو ته اها تحرير انٽرنيٽ يا بلاگ تي شايع (Publish) نه ٿيندي پر اها ڊرافٽ جي طور تي محفوظّ ٿيندي، جنهن کي بعد ۾ جڏهن چاهيو publish ڪري سگهو ٿا۔
    (5) Preview : جيڪڏهن اوهان ڪا بلاگ پوسٽ يا بلاگ لاءِ تحرير لکي آهي ته اها publish ڪرڻ کان پهريان اهو ڏسي سگهو ٿا ته اوهان جي بلاگ پوسٽ ڪيئن نظر ايندي۔
    (6) Close : واپس ڊِيش بورڊ ڏانهن اچڻ لاءِ
    -------------------------------
    (جاري۔۔۔۔۔۔۔)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    (C)
    هي بلاگر جو فارميٽنگ بار (Formatting Bar) آهي، هن ۾ تحرير جي ڏيکاءَ کي خوبصورت ڪرڻ لاءِ کوڙ ساريون سهولتون ڏنل آهن۔ جن دوستن مائڪروسافٽ ورڊ تي ڪم ڪيو هوندو انهن لاءِ هي فارميٽ بار (Formatting Bar) اوپرو نه هوندو۔۔​

    [​IMG]
    (1) Compose: هن موڊ ۾ اوهان جي تحرير کي WYSIWYG واري انداز ۾ ڪمپوز ڪري سگهو ٿا يعني جيئن اوهان تحرير کي فارميٽ ڪندا اوهان کي پيج تي اصل تحرير به ايئن ئي نظر ايندي۔

    (2) HTML : هي ڪجهه ايڊوانس بلاگرن لاءِ آهي۔ جيڪڏهن اوهان کي HTML جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻ آهي ته اوهان بلاگ جي تحرير کي HTML ۾ به لکي سگهو ٿا۔ (اڳتي هلي انشاءالله هن باري ۾ سکنداسين)
    (3) Undo : ڪنهن به ٽائپنگ جي ڪيل غلطي تي تحرير کي واپس پهرين حالت ۾ آڻڻ لاءِ
    (4) Redo : جيڪڏهن غلطي سان تحرير Undo ٿي وڃي ته انهي کي واپس پهرين حالت ۾ آڻڻ لاءِ
    (5) Font : تحرير جو فونٽ تبديل ڪرڻ لاءِ
    (6) Font size : تحرير جي سائيز کي تبديل ڪرڻ لاءِ۔ هن ۾ پنج قسمن جا ماپا آهن۔ smallest, small, Normal, Large, Largest۔
    (7) Format : بناوت تبديل ڪرڻ (Heading, sub heading, Minor heading, Normal)
    (8) Bold : حرفن کي ٿلهو ڪرڻ لاءِ
    (9) Italic : حرفن کي پاسيرو ڪرڻ لاءِ
    (10) Underline : حرفن کي هيٺان ليڪ ڏيڻ لاءِ
    (11) Strikethrough : حرفن کي آرپار ليڪ ڏيڻ لاءِ
    (12) Font Color : تحرير يا حرفن جو رنگ تبديل ڪرڻ لاءِ۔
    (13) Background color : تحرير يا حرفن جي پس منظر جو رنگ تبديل ڪرڻ لاءِ
    (14) Link : انٽرنيٽ تي موجود ڪنهن فائل، ويب پيج، بلاگ وغيره جو ڳانڍاپو ڏيڻ لاءِ۔ هي انتهائي اهم ڪمانڊ آهي۔ اڪ بلاگ جي تحرير لکڻ محل اڪثر ڪنهن نه ڪنهن ٻاهرين ذريعي جو حوالو ڏيڻو پوندو آهي۔
    (15) Insert Image : بلاگ جي تحرير ۾ ڪا تصوير يا خاڪو شامل ڪرڻ لاءِ۔
    (16)Insert Video : بلاگ جي تحرير ۾ ڪا وڊيو شامل ڪرڻ لاءِ۔
    (17) Insert Jump Break : ڪڏهن ڪڏهن اسان جي تحرير تمام ڊگهي ٿي ويندي آهي ۽ اسان چاهيندا آهيون ته بلاگ جي پهريڻ پيج تي اها تحرير مڪمل نه پر جزوي طور تي نظر اچي ۽ باقي تحرير پڙهڻ لاءِ پڙهندر کي لنڪ ڏجي (جيئن: وڌيڪ پڙهن لاءِ هتي ڪلڪ ڪيو) ته انهي مقصد لاءِ Insert Jump Break واري ڪمانڊ ڪم ايندي آهي۔
    (18) Alignment : تحرير جي Alignment يا صف بندي بنائڻ لاءِ ته آيا تحرير وچ تي هجي، کاٻي پاسي کان هجي يا ساڄي پاسي کان هجي۔
    (19) Number list : تحرير يا حرفن جي خودڪار نمبر وار ترتيب لاء
    (20) Bullet List : تحرير يا حرفن جي ترتيب نشانين جي صورت ۾
    (21) Quote : جڏهن ڪو حوالو ڏجي ته هي ڪمانڊ استعمال ڪجي۔ حوالي واري تحرير کي ٿورو الڳ ڪري لکندو آهي جنهن سان پڙهندڙن کي اصلي تحرير ۽ حوالي کي سڃاڻڻ ۾ مدد ملندي آهي۔
    (22) Remove Formatting : اڪثر ڪري اسان انٽرنيت تي مختلف ويبسائيٽ تان تحريرون نقل (copy) ڪندا آهيون۔ بلاگر جو پوسٽ ايڊيٽر انهن جي فارميٽنگ يا ٺاه ٺوه کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔ انهي فارميٽ کي ختم ڪرڻ ۽ بلاگ تي سيٽ ٿيل بنيادي فارميٽنگ قائم رکڻ لاءِ انهي ڪمانڊ جو استعمال ڪجي۔
    (23) Spell checker : تحرير جي صورتختي صحيح ڪرڻ لاء۔ هي ڪمانڊ صرف انگريزي تحرير لاء ئي ڪارگر آهي۔

    نوٽ: 24, 25 & 26 هي ڪمانڊز رڳو ساڄي کان کاٻي طرف لکي ويندڙ ٻولين (عربي، فارسي، اردو، سنڌي، هيبريو وغيره) لاءِ ميسر آهن ۔ جيڪڏهن اوهان وٽ هي ٽي ڪمانڊز نه آهن ته آگاه ڪجو ته سد باب ڪجي۔

    (24) Transliteration : عربي، فارسي اردو، ۽ کوڙ ٻين ٻولين کي رومن انگريزي ۾ لکڻ لاء۔ بدقسمتي سان سنڌي لپي کي رومن ۾ مٽائڻ وارو سسٽم اڃان ويب تي نه اچي سگهيو آهي۔
    (25) Left to right : کاٻي کان ساڄي طرف لکي ويندڙ ٻولين لاءِ۔
    (26) Right to Left : هي ڪمانڊ ساڄي کان کاٻي طرف لکي ويندڙ ٻولين لاءِ آهي۔ جيئن ته سنڌي به ساڄي کان کاٻي طرف لکي ويندي آهي ان ڪري سنڌي ۾ تحرير لکڻ لاءِ پڪ ڪريو ته اوهان هن ڪمانڊ جو استمال ڪيو ٿا۔ نه ته اوهان جي تحرير صحيح سان نظر نه ايندي۔ ممڪنآهي ته فل اسٽاپ، ڪاما، يا ڏينگيون صحيح رخ ۾ نظر نه اچن۔
    ---------------------------------​
    (D)
    [​IMG]
    (1) Label: بلاگ جي تحرير کي ليبل ڏيڻ لاءِ۔ مثال طور اوهان جي بلاگ تي مختلف قسم جو تحريرون آهن۔ جيئن مضمون، ڪهاڻيون، شاعري، وغيره وغيره ته اوهان ليبل ضرور ڏيو۔ پڙهندڙ جڏهن لاڳاپيل ليبل کي ڪلڪ ڪندو ته انهي ليبل (جيئن: مضمون، ڪهاڻيون، وغيره ) سان تعلق رکندر تحريرون کيس هڪ ئي پيج تي ملي ونديون۔​
    (2) Schedule : اوهان پنهنجي تحرير کي گذريل تاريخ تي publish ڪري سگهو ٿا۔ مثال اوهان ڪا تحرير 2010 جي ڪنهن تاريخ ۾ لکي پر بلاگ تي هاڻوکي تاريخ تي شامل ڪئي آهي ته اوهان ان تحرير جي اصل تاريخ ڪلينڊر مان چونڊي لکي سگهو ٿا۔ اها تحرير اوهان جي بلاگ جي آرڪايئو (Archive) يا محفوظات ۾ اوهان جي سيٽ ڪيل تاريخ ۾ ئي محفوظ ڪندي۔​
    (3) Permalink : جڏهن اوهان بلاگ تي ڪا تحرير پوسٽ ڪيو ٿا ته بلاگر انهي تحرير لاءِ هڪ URL يا ويب ايڊريس ٺاهي ٿو وٺي۔ انهي کي Permalink چئجي ٿو۔ اهي خودڪار(automatic) طور تي به ٺهي وينديون آهن ته پنهنجي مرضي ته به ٺاهي سگهجن ٿيون ته جيئن لنڪ پڙهڻ ۾ سولي هجي۔​
    (4) Location : اوهان چاهيو ته بلاگ جي تحرير تي اهو به لکو ته اوهان تحرير ڪهڙي هنڌان ويهي لکي۔​
    (5) Options : هتي اوهان کي سهولت آهي ته اوهان تحرير تي پڙهندڙن کي رايا (Comments) لکڻ جي اجازت ڏيو ٿا يا نه؟ يا وري جيڪڏهن اوهان html ۾ ڪجهه لکو ٿا ته اها تحرير html ۾ ئي نظر اچي يا اصلي نظر ايندڙ پيج جي صورت ۾۔ وغيره۔​
    ---------------------------------​
    (E) هي ٽيڪسٽ ايڊيٽر اهي جتي اوهان جيڪو ڪجهه لکو ٿا اهو نظر اچي ٿو، تحرير ۾ جيڪا ٺاه ٺوه ڪريون ٿا اها پڻ نظر اچي ٿي۔۔ اميج مٿي ڏسي سگهو ٿا۔۔
    آخر ۾ مونکي اميد آهي ته هن تحرير اوهان کي ٿڪايو نه هوندو۔ وري ملنداسين ڪنهن نئين سکيا سان۔۔ جيڪي ڏکيائيون پيس اچڻ بي ڌڙڪ پڇندا ڪريون۔۔
    سنڌ سلامت ۔۔ ساٿ سلامت۔

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماشآء الله تمام سهل نموني تصويرن ذريعي سمجهاڻي آهي ڪجهه اهڙيون پائنٽون جيڪي ڪنهن دوست کي پڙهڻ سان دير ۾ سمجهه ۾ اچن ليڪن تصويري اشارن سان بالڪل جلدي ۽ آسانيء سان سمجهه ۾ اينديون۔ سائين سنڌي بلاگنگ رائيٽ ٽو ليفٽ به وقت اچڻ تي دوستن کي ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي يعني پورو بلاگ سنڌي ترتيب وانگر نظر اچي هيڊنگ کان فوٽر تائين۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهربانيون

    مٿين ليک مان گهڻين شين تي ڪم ڪيم ۽ پنهنجي بلاگ تي اپلاء ڪري ڏٺم۔ ڪافي شيون اهڙيون آهن جن کان گهڻو ڪري سڀ واقف هوندا ۽ ڪجهه بلڪل نيون شيون هيون انهن تي به تجربو ڪيوسين ۽ اميد ته دوست عبدالحفيظ لغاري کي پهرين حصي ۾ پڇيل سوال جو جواب به ملي ويو هوندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين هي لنڪ حاضر آهي۔
    سنڌي بلاگنگ لاءِ بلاگر جي ترتيب ساڄي کان کاٻي ڪرڻ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين توهان جي مهرباني جو توهان سنڌي بلاگنگ جي ترتيب کي سهڻي نموني سمجهايو۔ سائين بهتر آهي ته بلاگ جي سمجهاڻيء ۾ آخر ۾ پنهنجي سڀني ٿريڊن جا لنڪ به ڏئي ڇڏيو ته جيئن نئين پڙهندڙ کي سڀني ٿريڊن تي پهچڻ ۾ آساني ٿئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو