اطلاع آهن ته پرڏيهي هيڪرز گوگل پاڪستان www.google.com.pk جي ويب سائيٽ کي هيڪ ڪري ورتو آهي پي ٽي اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ويب سائيٽ کي ري ڪنسٽرڪٽ ڪري بحال ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ مون وٽ فائر فاڪس تي اها سائٽ اڃان ڪانه پئي کُلي۔ انٽرنيٽ سروس پرووائيڊرز موجب اي بي او زيڊ نالي پرڏيهي هيڪرز گوگل پاڪستان کي هيڪ ڪيو, صارفين ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين گوگل پاڪستان سرچ انجڻ تائين پهچ حاصل نه ڪري سگھيا جڏهن ته پاڪستان ٽيليڪام اٿارٽي ٻڌايو آهي ته گوگل پاڪستان جي ويب سائيٽ کي ري ڪنسٽرڪٽ ڪري بحال ڪيو ويو آهي.