” ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا بند ڇو ؟ ؟ ؟ ؟ “

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ Asif Ali Jhatial طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2012۔

  1. Asif Ali Jhatial

    Asif Ali Jhatial
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2010
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    109
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    جونيئر ايگزيٽو_نادرا
    ماڳ:
    گلشن حديد ڪراچي

    1947ع ۾ جيئن پاڪستان ٺهيو ته ڪراچي مان سنڌي هندو لڏي ويا-- لياقت علي خان جي حڪومت اردو کي قومي ٻولي قرار ڏنو ۽ ذريعه تعليم به اردو کي بڻايو--- ڪراچي ۾ جيڪي سنڌي اسڪول ۽ ڪاليج هئا انهن کي اردو ميڊيم ۾ تبديل ڪيو ويو---جلدي ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو --- ون يونٽ کان پوءِ ٻهراڙي جو ڊوميسائيل رکندڙ شاگرد ڪراچي ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا رهجي ويا--- جتي سنڌي ماڻهو ڪراچي کان بلڪل ڪٽجي ويا هئا---1970ع ۾ جڏهن يحيٰ خان ون يونٽ ختم ڪيو ۽ سنڌ صوبو بحال ٿيو ته سنڌين وري ڪراچي ڏانهن رُخ ڪيو- جلدي شهيد ڀٽو حڪمران ٿيو ۽ سنڌ جو وزير اعليٰ ممتاز ڀٽو ٿيو--- ان دؤر ۾ سنڌي نوجوان کي ڪراچي ۾ روزگار مليو-- شهيد ڀٽو ان دؤر ۾ ڪراچي ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو-
    ان ڪاليج ۾ اڪثريت سنڌي شاگردن جي هُئي جيڪي ٻهراڙي جو ڊوميسائيل رکندڙ هئا-- ان دؤر ۾ شهر جي مختلف ڪاليجن ۾ سنڌي شاگرد به پڙهڻ لاءِ آيا--1977ع ۾ جنرل ضياءِ جي حڪومت آئي ته ڪراچي جي تعليمي ادارن مان سنڌي شاگردن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ پناهگيرن ۽ پنجابي شاگردن مٿن حملا ڪيا-- انهن غنڊن کي حڪومت جي سرپرستي حاصل هئي-- ان باوجود به ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جو تعداد وڌڻ لڳو—
    1999ع ۾ جڏهن جنرل پرويز مشرف جي حڪومت آئي ته هن ايم ڪيو ايم سان صلاح ڪري ڪراچي جي تعليمي ادارن مان سنڌي شاگردن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ پلان ٺاهيو- ان پلان کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ غدار سنڌي وڏيرن جي ضرورت هُئي
    2002ع جي اليڪشن ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ علي محمد مهر ٿيو-- مرڪز ۾ مير ظفرالله جمالي وزيراعظم ٿيو--- سنڌ ۾ اڪثريت پ پ پ جي ميمبرن جي هئي-- پر پ پ پ کي حڪومت ٺاهڻ نه ڏني وئي-- گذريل 60 سالن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ صوبي ۾ ان پارٽي کي حڪومت ملندي آهي جنهن جي مرڪز ۾ حڪومت هوندي آهي--جلد ئي مير ظفر الله جمالي ۽ سنڌ جي وزير اعليٰ علي محمد مهر کي هٽايو ويو-- پوءِ سنڌ جو وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم کي بڻايو ويو ۽ اهم اتحادي بڻجي وئي -- پيپلز پارٽي مخالف ڌُر ۾ ويٺي-- مرڪز ۾ وزير اعظم شوڪت عزيز کي بڻايو ويو--- شوڪت عزيز کي ٿرپارڪر مان اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرايو ويو-- اها اليڪشن 18 آگسٽ 2004ع ۾ ٿي---پيپلز پارٽي جي خاصيت آهي ته جڏهن اقتدار ۾ نه هوندي آهي ته سنڌي ماڻهن جي ڀلائي ۾ ڳالهائيندي آهي پر جڏهن اقتدار ملندو اٿس ته سڀ غداري وارا ڪم ڪندي آهي--- 18 آگسٽ 2004ع تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جاري هيو-- پيپلز پارٽي جا سڀ ميمبر ٿرپارڪر شوڪت عزيز جي اليڪشن ۾ ويل هئا ان ڪري سنڌ اسيمبلي ۾ ڪو به مخالف ڌُر جو ميمبر ڪونه هيو—ان اجلاس ۾ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ٽي قراردادون پيش ڪيون-

    1. ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ فقط ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙ شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا----

    2. ڪراچي جي ملٽي نيشنل ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ فقط ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙ کي ملازمت ڏني وڃي--

    3. بنگالين،بهارين،برمين ۽ افعانين کي پاڪستان جا شناختي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن-

    اهي ٽئي قراردادون اسييمبلي يڪراءِ منظور ٿي ويون-- ڪنهن به سنڌي ميمبر اعتراض نه ڪيو-- جن غدار سنڌي وڏيرن قراردادن جي حمايت ڪئي انهن ۾ ارباب رحيم،علي محمد مهر،لياقت جتوئي جا ڀائر صداقت جتوئي ۽ احسان جتوئي،نيو جتوئي جا مسرور جتوئي ۽ عارف مصطفيٰ جتوئي،ڊاڪٽر منظور لغاري مرحوم،مُراد علي شاھ ڪنڊيارو،فنڪشل ليگ جا ميمبر،پپو شاھ بدين،شيرازي ڀائر ،ٺٽي جا ملڪاڻي،نادر اڪمل لغاري،سهراب سرڪي،مير منظور پنهور ۽ جماعت اسلامي جا ميمبر شامل هُئا----

    جيڪڏهن اهي سنڌي ميمبر غداري نه ڪن ها ته قراردادون منظور نه ٿي سگھن ها-- ۽ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي رستا روڪ نه ٿئي ها-- ان دؤر ۾ پيپلز پارتي جي ميمبرن ان قراردادن تي گوڙ ڪيو پر جڏهن کين اقتدار مليو ته مفاهمت جي ماني کائي خاموش ٿي ويا----


    مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها،ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
    ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾--
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي مٿين مضمون کي وري وري پڙهيو اٿم ۔۔۔۔۔ پر ان ۾ سڀ کان وڏا ڏوهي ارباب رحيم، فنڪشنل ليگ، اين پي پي ، شيرازي جهڙا ماڻهو آهن۔ ڀلي اوهان وري پڙهي ڏسجو : ضياء جو ساٿاري ڪير هيو، مشرف جو ساٿاري ڪير هيو، ارباب جي دور ۾ پاس ڪيل فيصلن

    1. ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ فقط ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙ شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا----

    2. ڪراچي جي ملٽي نيشنل ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ فقط ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙ کي ملازمت ڏني وڃي--

    3. بنگالين،بهارين،برمين ۽ افعانين کي پاڪستان جا شناختي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن-


    جا مرڪزي ڪردار ڀلي ايم ڪيو ايم وارا هجن پر قرارداد پاس ڪرڻ ۾ فنڪشنل، اين پي پي، ق ليگ وارا سڀ برابر جا شريڪ هيا۔ ان جو مطلب ته اهي فيصلا انهن ئي ڪيا ۔۔۔۔ افسوس جو اڄ اهي ئي سنڌ جا سڀ کان وڏا خيرخواهه آهن ۔۔۔۔۔ هاء ڙي سنڌيو ، مونکي سنڌين جي يادگيري الائي ڇو شارٽ سائيٽيد لڳندي آهي، بلڪل گنجني فلم وانگر صرف 15 منٽن جي۔

    پ پ پ جي بيوفائي تي ته سڀ لعنت پيا وجهن، هو انهن جا حقدار به آهن، پر ڪاش ڪو ماروي ميمڻ، جتوئي ڀائرن، ماروي راشدي، ڄام مدد، نصرت سحر عباسي، شهريار مهر جهڙن کي آئينو ڏيکاري، جيڪي مٿين ٽنهي سنڌ دشمن فيصلن جو ڪردار رهيا، صرف اهوئي نه پر هي اهي ئي ته آهن جن حيدرآباد ضلعي جا ٽڪرا ڪيا هئا ۔۔۔ ڇا هي اهي ئي ناهن جن ڪراچي جا ضلعا ختم ڪرڻ سان گڏ ضلع ڪائونسل به ختم ڪئي۔ پر افسوس ٿيندو آهي جڏهن سوشل ميڊيا انهن جي نعرن ۽ انهن جي تعريف سان ڀريل ملندي آهي۔ تڏهن الائي ڇو مان سنڌ جي بهتر مستقبل وارين اميدن مان مايوس ٿي ويندو آهيان۔



     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سڀني پاسن کان سنڌ کي ئي نقصان رسندو رهيو آهي ۔۔۔ اهو ته اسانجي سامهون آهي ۔۔۔۔ سنڌ يا پاڪستاني پارلياماني سياست مان سنڌ کي هميشه نقصان رسيو آهي ۽ رسندو رهندو ۔۔۔ سنڌي وڏيرو، حڪمران يا مٿيون طبقو سنڌ کي وڪڻي کائڻ جو ٺيڪيدار آهي ۔۔۔۔ انڪري انهن سڀني مان ڪا چڱائي ٿيڻ واري آهي اهو ناممڪن آهي، چاهي اهو ڪير به هجي ۔۔۔
    ياد ڪريو جي ايم سيد جا لفظ ته؛ ” پاڪستان جي صدارتي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارو پيغمبر هوندو ته به انصاف ڪري نه سگهندو ۔۔۔۔“

    پاڪستان ٺهڻ کان اڄ تائين جيڪي به حڪمرانيءَ ۾ آيا آهن انهن سنڌ سان غداري ڪئي آهي ۽ جڏهن حڪمراني نه هوندي اٿن ته هڪدم حب الوطن ٿي سنڌ جا نعرا هڻي ڪم ٽپائيندا آهن ۔۔۔ ڀل انهن ۾ جي ايم سيد جو پوٽو جلال شاهه ئي ڇو نه هجي ۔۔۔۔ آءُ ڇو چوندو آهيان ” پاڪستاني سڀ حرامي“

    جيستائين سنڌ ان ٻڌڻ ۾ ٻڌل هوندي ان جهڙا يا ان کان به وڌيڪ ڏکيا ڏينهن ڏسندي ۔۔۔۔ افسوس جو قومپرست به مال کائو ٿي پيا آهن ۽ بس ۔۔۔۔۔!!!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    اڳين حڪومتن ۾ ته سنڌين سان ويساه گهاتي ٿي . پر رهجي ويل ڪسر وري پيپلز پارٽي پوري ڪري ڇڏي مڪاني آرديننس ڏئي. سڀ پارٽيون هڪٻئي کان وڌيڪ آهن. سنڌ سان ڪوبه سچو نه آهي هرڪو مفاد جو ماريل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو