Asif Ali Jhatial
سينيئر رڪن
1947ع ۾ جيئن پاڪستان ٺهيو ته ڪراچي مان سنڌي هندو لڏي ويا-- لياقت علي خان جي حڪومت اردو کي قومي ٻولي قرار ڏنو ۽ ذريعه تعليم به اردو کي بڻايو--- ڪراچي ۾ جيڪي سنڌي اسڪول ۽ ڪاليج هئا انهن کي اردو ميڊيم ۾ تبديل ڪيو ويو---جلدي ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو --- ون يونٽ کان پوءِ ٻهراڙي جو ڊوميسائيل رکندڙ شاگرد ڪراچي ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا رهجي ويا--- جتي سنڌي ماڻهو ڪراچي کان بلڪل ڪٽجي ويا هئا---1970ع ۾ جڏهن يحيٰ خان ون يونٽ ختم ڪيو ۽ سنڌ صوبو بحال ٿيو ته سنڌين وري ڪراچي ڏانهن رُخ ڪيو- جلدي شهيد ڀٽو حڪمران ٿيو ۽ سنڌ جو وزير اعليٰ ممتاز ڀٽو ٿيو--- ان دؤر ۾ سنڌي نوجوان کي ڪراچي ۾ روزگار مليو-- شهيد ڀٽو ان دؤر ۾ ڪراچي ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو-
ان ڪاليج ۾ اڪثريت سنڌي شاگردن جي هُئي جيڪي ٻهراڙي جو ڊوميسائيل رکندڙ هئا-- ان دؤر ۾ شهر جي مختلف ڪاليجن ۾ سنڌي شاگرد به پڙهڻ لاءِ آيا--1977ع ۾ جنرل ضياءِ جي حڪومت آئي ته ڪراچي جي تعليمي ادارن مان سنڌي شاگردن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ پناهگيرن ۽ پنجابي شاگردن مٿن حملا ڪيا-- انهن غنڊن کي حڪومت جي سرپرستي حاصل هئي-- ان باوجود به ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جو تعداد وڌڻ لڳو—
1999ع ۾ جڏهن جنرل پرويز مشرف جي حڪومت آئي ته هن ايم ڪيو ايم سان صلاح ڪري ڪراچي جي تعليمي ادارن مان سنڌي شاگردن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ پلان ٺاهيو- ان پلان کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ غدار سنڌي وڏيرن جي ضرورت هُئي
2002ع جي اليڪشن ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ علي محمد مهر ٿيو-- مرڪز ۾ مير ظفرالله جمالي وزيراعظم ٿيو--- سنڌ ۾ اڪثريت پ پ پ جي ميمبرن جي هئي-- پر پ پ پ کي حڪومت ٺاهڻ نه ڏني وئي-- گذريل 60 سالن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ صوبي ۾ ان پارٽي کي حڪومت ملندي آهي جنهن جي مرڪز ۾ حڪومت هوندي آهي--جلد ئي مير ظفر الله جمالي ۽ سنڌ جي وزير اعليٰ علي محمد مهر کي هٽايو ويو-- پوءِ سنڌ جو وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم کي بڻايو ويو ۽ اهم اتحادي بڻجي وئي -- پيپلز پارٽي مخالف ڌُر ۾ ويٺي-- مرڪز ۾ وزير اعظم شوڪت عزيز کي بڻايو ويو--- شوڪت عزيز کي ٿرپارڪر مان اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرايو ويو-- اها اليڪشن 18 آگسٽ 2004ع ۾ ٿي---پيپلز پارٽي جي خاصيت آهي ته جڏهن اقتدار ۾ نه هوندي آهي ته سنڌي ماڻهن جي ڀلائي ۾ ڳالهائيندي آهي پر جڏهن اقتدار ملندو اٿس ته سڀ غداري وارا ڪم ڪندي آهي--- 18 آگسٽ 2004ع تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جاري هيو-- پيپلز پارٽي جا سڀ ميمبر ٿرپارڪر شوڪت عزيز جي اليڪشن ۾ ويل هئا ان ڪري سنڌ اسيمبلي ۾ ڪو به مخالف ڌُر جو ميمبر ڪونه هيو—ان اجلاس ۾ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ٽي قراردادون پيش ڪيون-
1. ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ فقط ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙ شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا----
2. ڪراچي جي ملٽي نيشنل ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ فقط ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙ کي ملازمت ڏني وڃي--
3. بنگالين،بهارين،برمين ۽ افعانين کي پاڪستان جا شناختي ڪارڊ جاري ڪيا وڃن-
اهي ٽئي قراردادون اسييمبلي يڪراءِ منظور ٿي ويون-- ڪنهن به سنڌي ميمبر اعتراض نه ڪيو-- جن غدار سنڌي وڏيرن قراردادن جي حمايت ڪئي انهن ۾ ارباب رحيم،علي محمد مهر،لياقت جتوئي جا ڀائر صداقت جتوئي ۽ احسان جتوئي،نيو جتوئي جا مسرور جتوئي ۽ عارف مصطفيٰ جتوئي،ڊاڪٽر منظور لغاري مرحوم،مُراد علي شاھ ڪنڊيارو،فنڪشل ليگ جا ميمبر،پپو شاھ بدين،شيرازي ڀائر ،ٺٽي جا ملڪاڻي،نادر اڪمل لغاري،سهراب سرڪي،مير منظور پنهور ۽ جماعت اسلامي جا ميمبر شامل هُئا----
جيڪڏهن اهي سنڌي ميمبر غداري نه ڪن ها ته قراردادون منظور نه ٿي سگھن ها-- ۽ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي رستا روڪ نه ٿئي ها-- ان دؤر ۾ پيپلز پارتي جي ميمبرن ان قراردادن تي گوڙ ڪيو پر جڏهن کين اقتدار مليو ته مفاهمت جي ماني کائي خاموش ٿي ويا----
مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها،ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾--