Asif Ali Jhatial
سينيئر رڪن
شهيد ڀُٽو جو وڏڙو ”شيتو“ راجستان کان لڏي رتوديرو ڀرسان آباد ٿيو،ان وقت سنڌ تي اورنگزيب جي حڪومت هُئي-شيتو مسلمان ٿيو ۽ کيس تمام گھڻي زمين اورنگزيب طرفان ڏني وئي ،شيتو خان چالاڪ ۽ هوشيار هئڻ ڪري ڀرپاسي جي زمينن تي قبضو ڪيو-ڀُٽو خاندان هميشه حڪمرانن جو ساٿي رهيو آهي،ان ڪري سدائين فائدا حاصل ڪندو رهيو آهي-شهيد ڀُٽو جو والد شاهنواز ڀُٽو انگريزن جو حمايتي هيوان ڪري کيس ”سَر“ جو خطاب مليو-سَر شاهنواز ڀُٽو بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هيو-پنهنجي علائقي ۾ انگريز عملدارن جون دعوتون ۽ شڪار ڪرائيندو هيو،جنهن ڪري وڏا مالي فائدا ورتائين-سَر شاهنواز سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جو مخالف هيو،جنهن ڪري شيخ عبدالمجيد سنڌي کان پنهنجي تَڪَ لاڙڪاڻي ۾ شڪست کاڌائين-۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ذوالفقار علي ڀُٽو ولايت مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1957ع ۾ صدر اسڪندر مرزا جي حڪومت ۾ وزير تجارت ٿيو. 1958ع ۾ اسڪندر مرزا جي حڪومت جنرل ايوب خان ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو- ذوالفقار علي ڀُٽو صدر اسڪندر مرزا لاءِ چيو ته اسڪندر مرزا قائد اعظم کان به وڏو ليڊر آهي.صدر ايوب جي حڪومت ۾ به وزير تجارت ۽ آبپاشي جو وزير رهيو-1960ع ۾ صدر ايوب ڀارت سان سنڌ طاس معاهدو ڪيو ،جنهن ۾ صدر ايوب “03” ٽي نديون راوي،بياس ۽ ستلج ڀارت کي ڏئي ڇڏيون-انهن ندين عيوض ڀارت کان اربين روپيا وصول ڪيائين-انهن ٽنهي ندين ۾ سنڌ جو به حصو هيو،پر سنڌ کان پڇيائون به ڪونه-
ان ناانصافي تي ذوالفقار علي ڀُٽو هڪ لفظ به نه ڪُڇيو-ون يونٽ جي دؤر ۾ سنڌ جي چاليھ لک ايڪڙ زرعي زمين پنجابين۽ پٺاڻن کي ڏني وئي، ذوالفقار علي ڀُٽو اهڙي ناحق تي اعتراض ڪرڻ بجاءِ صدر ايوب کي “ڊيڊي” سڏيندو رهيو- ذوالفقار علي ڀُٽو صدر ايوب کي مشورو ڏنو ته مسلم ليگ جي ضلعي عهدن تي صدرڊپٽي ڪمشنر کي
سنڌ جي اديبن ،شاگردن ۽ سياستدانن جڏهن ون يونٽ خلاف جدوجهد تيز ڪئي ته ذوالفقار علي ڀُٽو ان جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ چيو ته مان اهڙي ڪنهن به جدوجهد ۾ حصو نه وٺندس ،جنهن سان پنجاب کي نقصان پوي-1967ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽوپيپلز پارٽي ٺاهي-بظاهر عوام عوام ڪرڻ لڳو پر اليڪشن م ٽڪيٽون ڪُڪَڙ ۽ ڪُتا ويڙهائيندڙ وڏيرن.پيرن ۽ سردارن کي ڏنائين-1970ع ۾ ون يونٽ صدر يحيٰ ٽوڙيو-1970ع واري اليڪشن ۾ شيخ مجيب بنگال مان 160 سيٽون کٽي اڪثريت ۾ آيو،۽ ذوالفقار علي ڀُٽو سنڌ ۽ پنجاب صوبن مان 81 سيٽون حاصل ڪيون- سرحد ۽ بلوچستان مان جمعيت ۽ اي اين پي ڪامياب ٿيون-يحيٰ خان اقتدار شيخ مجيب کي نه ڏنو- ذوالفقار علي ڀُٽو به شيخ مجيب جو پاسو وٺڻ بجاءِ فوج ۽ صدر يحيٰ خان جو پاسو ورتو ۽ بنگال ۾ عوام جو قتل عام ڪرايو-بنگالين جي قتل عام ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو هم صلاح هيو-ڀُٽو خاندان اقتدار جو وڏو بُکيو رهيو آهي-بنگال جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ ذوالفقار علي ڀُٽو بچيل پاڪستان جو حڪمران ٿيو-ون يونٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ صدر يحيٰ خان اعلان ڪيو ته ٻين صوبن جي ملازمن کي پنهنجن اباڻن صوبن ڏانهن واپس ڪيو وڃي –بلوچستان ۽ سرحد صوبن ته ان حڪم تي عمل ڪيو،پر سنڌ ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ ممتاز ڀُٽو پنجابين ۽ پٺاڻ ملازمن کي واپس نه ڪيو.ابتو ڪراچي ۾ پنج هزار پوليس سپاهي پناجب مان ڀرتي ڪري مقرر ڪيائين-- ذوالفقار علي ڀُٽو حڪومت م اچڻ بعد جلدي تيرهن سؤ “1300” آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو،انهن
مشهور اديب طارق اشرف وڏو عرصو جيل ۾ رهيو---مرڪزي ليول تي مخالفن کي چِٿڻ لاءِ فيڊرل سڪيورٽي فورس “ايف ايس ايف” قائم ڪيائين—ان فورس جو ڪم مخالفن کي ڪُچلڻ هيو –ملڪ ۾ ڊفينس آف پاڪستان رولز “ڊي پي آر” لاڳو ڪيائين –جنهن تحت سوين سياسي مخالفن ۽ پير پاڳاري جي حُرَن کي جيل م بند ڪيائين-
ولي خان تي قاتلاڻا حملا ڪرايائين،چوڌري ظهور الاهي تي حملا ڪرايائين ان تي مينهن چورائڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايائين-پي پي پي جو منشور ٺاهيندڙ جي اي رحيم کي ڏنڊا هڻايائين،شاھ احمد نوراني کي جيل م وجھي ان سا جيل جُٺيون ڪرايائين—صوبي سرحد ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون ختم ڪري عطاالله مينگل کي جيل ۾ وڌائين—بلوچستان م فوجي آپريشن ڪري هزارين بلوچ قتل
جن مسڪين سنڌين کيس ووٽ ڏنا انهن کي ڇَپَر به ڪونه ٺاهي ڏنائين—سندس روٽي .ڪپڙا اور مڪان وارو نعرو به غير سنڌين لاءِ هيو—نوڪريون تعليم ۽ اهليت بجاءَ جاهلن کي ڏنائين—ايم اين اين ۽ ايم پي اي جي پُٽَن کي سڌو سئون آفيسر مقرر ڪيائين---پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪوبه ڪردار نه رهيو—امتحانن ۾ ڪاپي جو رواج ذوالفقار علي ڀُٽو جي حڪومت م پيو—ججن کان مرضي جا فيصلا ڪرائيندو
ان ناانصافي تي ذوالفقار علي ڀُٽو هڪ لفظ به نه ڪُڇيو-ون يونٽ جي دؤر ۾ سنڌ جي چاليھ لک ايڪڙ زرعي زمين پنجابين۽ پٺاڻن کي ڏني وئي، ذوالفقار علي ڀُٽو اهڙي ناحق تي اعتراض ڪرڻ بجاءِ صدر ايوب کي “ڊيڊي” سڏيندو رهيو- ذوالفقار علي ڀُٽو صدر ايوب کي مشورو ڏنو ته مسلم ليگ جي ضلعي عهدن تي صدرڊپٽي ڪمشنر کي
۽ جنرل سيڪريٽري ايس پي کي بڻايو وڃي-اهو هيو جھموريت پسند ڀُٽو شهيد-
1965ع جي جنگ کان پوءِ صدر ايوب آمريڪا جي ڌُر ڇڏي روس سان تعلقات وڌايا-آمريڪا جي چوڻ تي ذوالفقار علي ڀُٽو وزارت ڇڏي صدر ايوب جي مخالفت ڪرڻ لڳو-سنڌ جي اديبن ،شاگردن ۽ سياستدانن جڏهن ون يونٽ خلاف جدوجهد تيز ڪئي ته ذوالفقار علي ڀُٽو ان جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ چيو ته مان اهڙي ڪنهن به جدوجهد ۾ حصو نه وٺندس ،جنهن سان پنجاب کي نقصان پوي-1967ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽوپيپلز پارٽي ٺاهي-بظاهر عوام عوام ڪرڻ لڳو پر اليڪشن م ٽڪيٽون ڪُڪَڙ ۽ ڪُتا ويڙهائيندڙ وڏيرن.پيرن ۽ سردارن کي ڏنائين-1970ع ۾ ون يونٽ صدر يحيٰ ٽوڙيو-1970ع واري اليڪشن ۾ شيخ مجيب بنگال مان 160 سيٽون کٽي اڪثريت ۾ آيو،۽ ذوالفقار علي ڀُٽو سنڌ ۽ پنجاب صوبن مان 81 سيٽون حاصل ڪيون- سرحد ۽ بلوچستان مان جمعيت ۽ اي اين پي ڪامياب ٿيون-يحيٰ خان اقتدار شيخ مجيب کي نه ڏنو- ذوالفقار علي ڀُٽو به شيخ مجيب جو پاسو وٺڻ بجاءِ فوج ۽ صدر يحيٰ خان جو پاسو ورتو ۽ بنگال ۾ عوام جو قتل عام ڪرايو-بنگالين جي قتل عام ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو هم صلاح هيو-ڀُٽو خاندان اقتدار جو وڏو بُکيو رهيو آهي-بنگال جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ ذوالفقار علي ڀُٽو بچيل پاڪستان جو حڪمران ٿيو-ون يونٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ صدر يحيٰ خان اعلان ڪيو ته ٻين صوبن جي ملازمن کي پنهنجن اباڻن صوبن ڏانهن واپس ڪيو وڃي –بلوچستان ۽ سرحد صوبن ته ان حڪم تي عمل ڪيو،پر سنڌ ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ ممتاز ڀُٽو پنجابين ۽ پٺاڻ ملازمن کي واپس نه ڪيو.ابتو ڪراچي ۾ پنج هزار پوليس سپاهي پناجب مان ڀرتي ڪري مقرر ڪيائين-- ذوالفقار علي ڀُٽو حڪومت م اچڻ بعد جلدي تيرهن سؤ “1300” آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو،انهن
برطرف ڪيل آفيسرن ۾ اڪثريت سنڌي آفيسرن جي هُئي-----
ذوالفقار علي ڀُٽو بدلو وٺندڙ ماڻهو هيو-ون يونٽ جي دؤر ۾ پهريائين سنڌي آفيسر گھٽ هيا- ذوالفقار علي ڀُٽو سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ بجاءِ سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏنائين ،ان لاءِ جولاءِ 1972ع ۾ آرڊيننس نافذ ڪيائين---- ذوالفقار علي ڀُٽو ون يونٽ کي نئين روپ م لاڳو ڪرن لاءِ 1973ع جو آئين ٺاهيو-ان آئين سان صوبي پنجاب ۽ صوبي سرحد کي وڏو فائدو پيو،سنڌ ۽ بلوچستان صوبي کي وڏو نقصان پيو-سنڌ جا سڀ وسيلا معدنيات،تيل،گئس،بندرگاھ،انڪم ٽيئڪس،سيلز ٽيڪس ۽ سامونڊي بندر گاھ مرڪز حوالي ڪيائين-----صوبن جي صوبائي خودمختياري ختم ڪيائين—جيئن ته مرڪز تي قبضو پنجاب ۽ فوج جو هيو،ان ڪري سڃي مُلڪ تي پنجاب جي مالڪي ٿي وئي---- مرڪزي نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم ٺاهيائين،جنهن ۾ پنجاب جي ڪوٽا سٺ “60” سيڪڙو ۽ سنڌين جي ڪوٽا يارنهن ڏهائي پنج “11.5” مقرر ڪيائين------آئين ۾ اهو به لکيائين ته ڪنهن به صوبي جا ماڻهو سنڌ م رهي سگھن ٿا،۽ ملڪيت خريد ڪري سگھن ٿا---------
سنڌ م رهندڙ ڌارين قومن کي قانوني تحفظ ڏنائين-- ذوالفقار علي ڀُٽو پنهنجي مخالفت پسند نه ڪندو هو—جڏهن سنڌي ماڻهن ناانصافين تي آواز اُٿاريو ۽ احتجاج ڪيو ته ،انهن سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيل ۾ وجھرائي ڇڏيائين—انهن اڳواڻن ۾ رسول بخش پليجو،جي ايم سيد،عبدالواحد آريسر،قمر ڀَٽي ،شاھ محمد شاھ وغيره شامل هيا—ڪيترن سنڌي رسالن ۽ ڪتابن تي پابندي لڳايائين،اديبن کي جيل ۾ وجھرايائين-مشهور اديب طارق اشرف وڏو عرصو جيل ۾ رهيو---مرڪزي ليول تي مخالفن کي چِٿڻ لاءِ فيڊرل سڪيورٽي فورس “ايف ايس ايف” قائم ڪيائين—ان فورس جو ڪم مخالفن کي ڪُچلڻ هيو –ملڪ ۾ ڊفينس آف پاڪستان رولز “ڊي پي آر” لاڳو ڪيائين –جنهن تحت سوين سياسي مخالفن ۽ پير پاڳاري جي حُرَن کي جيل م بند ڪيائين-
ولي خان تي قاتلاڻا حملا ڪرايائين،چوڌري ظهور الاهي تي حملا ڪرايائين ان تي مينهن چورائڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايائين-پي پي پي جو منشور ٺاهيندڙ جي اي رحيم کي ڏنڊا هڻايائين،شاھ احمد نوراني کي جيل م وجھي ان سا جيل جُٺيون ڪرايائين—صوبي سرحد ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون ختم ڪري عطاالله مينگل کي جيل ۾ وڌائين—بلوچستان م فوجي آپريشن ڪري هزارين بلوچ قتل
ڪرايائين(اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي)-----
سنڌ ۾ پروفيسر اشوڪ ڪمار کي قتل ڪرايائين (ممتاز ڀُٽو جي حڪومت ۾)-----
ولي خان ،عطا الله مينگل،غوث بخش بزنجو،شير محمد مري ۽ ٻين سوين سياسي ڪارڪنن تي بغاوت جا ڪيس داخل ڪري جيل ۾ وڌائين----
چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺهرايائين،مخالفن جي جلسن ۾ نانگ اڇلرائيندو هيو ۽ مخالفن جي جلسن تي گوليو هلرايائين-- ذوالفقار علي ڀُٽو پنهنجي دؤر حڪومت ۾ عوام عوام ڪندو رهيو،پر عملي طور وڏيرن ،پيرن ۽ سردارن کي مضبوط ڪندو رهيو—ڪنهن به وچولي طبقي ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ کي اليڪشن م پارٽي ٽڪيٽ نه ڏنائين----1977ع ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيائين—جنهن به ماڻهو اليڪشن ۾ پ پ جي اميدوار سامهو فارم ڀرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي اغوا ڪري ٿر ۽ ڪاڇي م ڦٽو ڪري ايندا هيا---ان وقت اهڙي سواري به ڪانه هئي ،جو اهي مخالف وقت تي موٽي سگھن---ان ڪري سنڌ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کان سواءِ سڀني تَڪن تي پ پ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا ---جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀُٽو ايمانداري سان شفاف اليڪشن ڪرائي ها ته تڏهن به ڪامياب ٿي وڃي ها ،پر مخالف اميدوار جي اليڪشن ۾ بيهڻ به بي عزتي سمجھندو هُيو---اقتدار جي آخري وقت ۾ مذهبي جماعتن جا سڀ مطالبا مڃيائين---شراب،جُوا،نائيٽ ڪلب،ريس ڪلب ۽ بازا حُسُن تي به بندش وڌائين-قايانين کي غير مسمان قرار ڏنائين----
پوءِ به مُلن آمريڪا ۽ فوج کيس اقتدار تان لاهي ڦاهي جي تختي پهچايو—سنڌي قوم سندس ٺاهيل 1973ع وارو آئين جي سزا اڃا تائين لوڙي پئي-- ذوالفقار علي ڀُٽو پنهنجي دؤر ۾ بنگال مان لکين بهاري گھُرائي سنڌ م آباد ڪيا—1974ع ۾ بهارين جو سامونڊي جهاز ڀرجي ڪراچي بندر تي پُهتو ته ان جهاز جو استقبال بيگم نُصرت ڀُٽو ڪيو—سڄي سنڌ ۾ بنگالي عوام جي قاتلن بهارين کي ڪالونيون ٺهرائي مفت ۾ گھر ڏنائين—هڪ ڪالوني ڌاٻيجي ۾ ٻي ڪالوني ڪوٽڙي ۾ ٽين ڪالوني هُوسڙي ۾ چوٿين ڪالوني روهڙي ۾ ٺهرائي هزارين قاتل بهارين کي مفت ۾ گھر ڏنائين—جن مسڪين سنڌين کيس ووٽ ڏنا انهن کي ڇَپَر به ڪونه ٺاهي ڏنائين—سندس روٽي .ڪپڙا اور مڪان وارو نعرو به غير سنڌين لاءِ هيو—نوڪريون تعليم ۽ اهليت بجاءَ جاهلن کي ڏنائين—ايم اين اين ۽ ايم پي اي جي پُٽَن کي سڌو سئون آفيسر مقرر ڪيائين---پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪوبه ڪردار نه رهيو—امتحانن ۾ ڪاپي جو رواج ذوالفقار علي ڀُٽو جي حڪومت م پيو—ججن کان مرضي جا فيصلا ڪرائيندو
هيو- ڪورٽن جا اختيار محدود ڪيائين،ان لاءِ آئين ۾ ترميمون ڪيائين---
سانگھڙ جي سيشن جج کي ڪورٽ مان گرفتار ڪرايائين—مخالفن کي تنگ ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪارا قانون ٺاهيائين،اقتدار کان لهڻ کان پوءِ جنرل ضياءِ اهي سڀ ڪارا قانون ذوالفقار علي ڀُٽو خلاف استعمال ڪيا – ذوالفقار علي ڀُٽو فوج جي پنجن سينئر جنرلن کي لاهي ،جنرل ضياءِ کي آرمي چيف مقرر ڪيائين-- ذوالفقار علي ڀُٽو جنرل ضياءِ کي “ڀولڙو جرنل” چوندو هيو،ان ڀولڙي جرنل کيس ڦاهي ڏئي ڇڏي-------------