• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماءُ جي پيرن هيٺان جنت ...ڇو ...؟؟؟؟

نثارابڙو

نائب منتظم
14289_10151264049423948_746909545_n.jpg

ماءُ جي پيرن هيٺان جنت ڇو آهي؟منهنجي هڪ نياڻي اڃان ٻن مهينن جي مس هئي تي کيس پيڇش جي بيماري ٿي پئي، ڏينهن سمورو الٽيون ۽ دست ڪندي رهي ۽ ماءُ جو ٿڃ پيئڻ به بند ڪري ڇڏيائين، رات ٿي ته ڪافي دير تائين ورتل دوا ۽ مختلف طريقن سان ڪوشش ڪئي سون ته هوءَ ٺيڪ ٿي وڃي ... پر ان ڪوشش دوران آءُ ڪيترائي ڀيرا ننڊ ڪري پئي ورتي پر جڏهن به اک کلي ته سندس ماءُ ويٺي خدمت ڪري ۽ ڪوشش ۾ لڳي پئي هئي ته هوءَ کير پيئي يا ڪجهه پاڻي پيئي .... ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هجن ... ائين سموري رات هوءَ جاڳندي رهي ۽ روئيندي رهي ... پر آءُ ڪيترائي ڀيرا ننڊ جا سوپا ڪري اٿيس !!!
 
Back
Top