جيڪڏهن اوهان کي ويب پيج ٺاهڻ اچن ٿا، ٿوري گهڻي html جي ڄاڻ رکو ٿا، سنڌي ويب سائيٽ ٺاهڻ جو شوق اٿوَ يا وري سنڌي ويب سائيٽ جا ويب ماسٽر آهيو ته پوءِ اوهان بالڪل ٺيڪ جڳهه تي آيا آهيو۔۔
اوهان جو واسطو اڪثر اهڙين سنڌي ويب سائيٽن سان پوندو هوندو جتي ويب سائيٽ کي ٺيڪ طرح سان ڏسڻ لاءِ تي اوهان کي فونٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ پڻ هدايت مليل هوندي۔ ائين آهي نه؟
ڀلا روزاني ڪاوش ۽ روزاني عبرت جي ويبسائيٽ کي ئي ڏسو جيڪي سنڌي جي گهڻو ڏٺو ويندڙ ويبسائيٽن منجهان هڪ آهن۔۔۔ هلو ڀلا مان اوهان کي تصوير ٿو ڏيکاريان۔۔۔
وري اوهان ماجد ڀرڳڙي جي ويب سائيٽ ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام ئي ڏسو، اوهان کي خوبصورت سنڌي فونٽ بنا انسٽال ڪرڻ جي نظر ايندو۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
چڱو اوهان جي صبر کي گهڻو ڪونه ٿو آزمايان، ڪوشش ٿو ڪريان ته سنڌي ويبسائيٽ تي سنڌي فونٽ بنا انسٽال ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي، لڳائڻ جي باري ۾ اوهان کي سولن لفظن ۾ سمجهايان۔
اوهان کي ڪرڻو هيئن آهي جو HTML جي <HEAD> </HEAD> سيڪشن جي اندر CSS ذريعي پنهنجي فونٽ جي سڃاڻپ ڪرائڻي آهي۔۔ ڪيئن؟ چڱون هيئن ٿو ڪريان جو پهريان اوهان کي ڪوڊ ٿو ڏيکاريان۔
1) هتي اوهان فونٽ کي جي خاصيتن کي بيان ڪرڻ وڃي رهيا آهيو۔
2) هتي فونٽ فيملي يعني سولن لفظن ۾ فونٽ جو نالو لکندئو۔۔۔ ڪنهن به فونٽ جي نالي جي ڄاڻ کيئن حاصل ڪجي، هيٺ سمجهايان ٿو۔
3) هتي اوهان ٻڌائيندائو ته فونٽ جينهن جو نالو اوهان (2) تي لکيو اهي انهي جي انٽرنيٽ تي ايڊريس ڪهڙي آهي۔ اهو فونٽ يا ته اوهان پنهجي مهيا ڪيل ويب هوسٽنگ تي محفوظ ڪيو هوندو، يا ڪنهن ٻئي جي ويب سرور تي ٿي سگهي ٿو۔
مٿي بيان ڪيل طريقي موجب هڪ دفعو اوهان ٺيڪ سان فونٽ جو source بيان ڪري ڇڏيو ۽ فونٽ جي فيملي جو نالو به لکي ڇڏيو ته ان کان پوءِ اوهان فونٽ کي تحرير ۾ ڪٿي بي استعمال ڪري سگهو ٿا، جيئن Arial يا tahoma يا ٻيو ڪو فونٽ استعمال ڪندا آهيو۔۔
جيئن :
<font
>
آخر ۾ اهو سوال ته font-family يا فونٽ جو نالو ڪيئن معلوم ڪجي۔۔ ته۔۔۔
سنڌي فونٽ جو filename ڪجهه به ٿي سگهي ٿو xyz.ttf يا ڪو ٻيو نالو پر font-family اها هوندي جيڪا فونٽ کي کولڻ کان پوءِ Heading جي صورت ۾ نظر اچي۔۔ اميد ته ڪجهه نه ڪجهه اندازو ٿي ويو هوندو۔۔ جي نه ته فورم اوپن آهي۔ سوال لکي ڇڏيو۔۔ ڪوشش ڪبي ته مسئلو حل ٿي وڃي۔۔ ۽ ها۔۔۔ جيڪڏهن رجسٽر ناهيو، ته هن فورم تي رجسٽر ٿي پوءِ اوهان پنهنجو مسئلو بيان ڪري سگهو ٿا۔۔ لولز
مون سال کن اڳ تجربو ڪيو هئو۔۔۔ اڄ فيسبوڪ جي سنڌي ڪمپيوٽنگ تي هڪ پوسٽ ڏسي هي ياد آيو۔۔
هتي ڪلڪ ڪري ٻڌايو ته اوهان کي منهنجي ڪيل تجربي واري پيج تي فونٽ صحيح ٿا نظر اچن؟
سنڌ سلامت ۔۔۔ ساٿ سلامت۔۔۔
سدائين گڏ۔۔
اوهان جو واسطو اڪثر اهڙين سنڌي ويب سائيٽن سان پوندو هوندو جتي ويب سائيٽ کي ٺيڪ طرح سان ڏسڻ لاءِ تي اوهان کي فونٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ پڻ هدايت مليل هوندي۔ ائين آهي نه؟

ڀلا روزاني ڪاوش ۽ روزاني عبرت جي ويبسائيٽ کي ئي ڏسو جيڪي سنڌي جي گهڻو ڏٺو ويندڙ ويبسائيٽن منجهان هڪ آهن۔۔۔ هلو ڀلا مان اوهان کي تصوير ٿو ڏيکاريان۔۔۔

وري اوهان ماجد ڀرڳڙي جي ويب سائيٽ ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام ئي ڏسو، اوهان کي خوبصورت سنڌي فونٽ بنا انسٽال ڪرڻ جي نظر ايندو۔

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
چڱو اوهان جي صبر کي گهڻو ڪونه ٿو آزمايان، ڪوشش ٿو ڪريان ته سنڌي ويبسائيٽ تي سنڌي فونٽ بنا انسٽال ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي، لڳائڻ جي باري ۾ اوهان کي سولن لفظن ۾ سمجهايان۔
اوهان کي ڪرڻو هيئن آهي جو HTML جي <HEAD> </HEAD> سيڪشن جي اندر CSS ذريعي پنهنجي فونٽ جي سڃاڻپ ڪرائڻي آهي۔۔ ڪيئن؟ چڱون هيئن ٿو ڪريان جو پهريان اوهان کي ڪوڊ ٿو ڏيکاريان۔

1) هتي اوهان فونٽ کي جي خاصيتن کي بيان ڪرڻ وڃي رهيا آهيو۔
2) هتي فونٽ فيملي يعني سولن لفظن ۾ فونٽ جو نالو لکندئو۔۔۔ ڪنهن به فونٽ جي نالي جي ڄاڻ کيئن حاصل ڪجي، هيٺ سمجهايان ٿو۔
3) هتي اوهان ٻڌائيندائو ته فونٽ جينهن جو نالو اوهان (2) تي لکيو اهي انهي جي انٽرنيٽ تي ايڊريس ڪهڙي آهي۔ اهو فونٽ يا ته اوهان پنهجي مهيا ڪيل ويب هوسٽنگ تي محفوظ ڪيو هوندو، يا ڪنهن ٻئي جي ويب سرور تي ٿي سگهي ٿو۔
مٿي بيان ڪيل طريقي موجب هڪ دفعو اوهان ٺيڪ سان فونٽ جو source بيان ڪري ڇڏيو ۽ فونٽ جي فيملي جو نالو به لکي ڇڏيو ته ان کان پوءِ اوهان فونٽ کي تحرير ۾ ڪٿي بي استعمال ڪري سگهو ٿا، جيئن Arial يا tahoma يا ٻيو ڪو فونٽ استعمال ڪندا آهيو۔۔
جيئن :
<font
ڪوڊ:
<font face="MBLateefi" color="green">
سنڌ سلامت ۔۔ ساٿ سلامت
</font>