سنڌي ويب سائيٽ کي سنڌي فونٽ سان سينگارڻ.. فونٽ انسٽال ڪرائڻ کان سواءِ

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جيڪڏهن اوهان کي ويب پيج ٺاهڻ اچن ٿا، ٿوري گهڻي html جي ڄاڻ رکو ٿا، سنڌي ويب سائيٽ ٺاهڻ جو شوق اٿوَ يا وري سنڌي ويب سائيٽ جا ويب ماسٽر آهيو ته پوءِ اوهان بالڪل ٺيڪ جڳهه تي آيا آهيو۔۔

    اوهان جو واسطو اڪثر اهڙين سنڌي ويب سائيٽن سان پوندو هوندو جتي ويب سائيٽ کي ٺيڪ طرح سان ڏسڻ لاءِ تي اوهان کي فونٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ پڻ هدايت مليل هوندي۔ ائين آهي نه؟ :p
    ڀلا روزاني ڪاوش ۽ روزاني عبرت جي ويبسائيٽ کي ئي ڏسو جيڪي سنڌي جي گهڻو ڏٺو ويندڙ ويبسائيٽن منجهان هڪ آهن۔۔۔ هلو ڀلا مان اوهان کي تصوير ٿو ڏيکاريان۔۔۔
    [​IMG]

    وري اوهان ماجد ڀرڳڙي جي ويب سائيٽ ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام ئي ڏسو، اوهان کي خوبصورت سنڌي فونٽ بنا انسٽال ڪرڻ جي نظر ايندو۔
    [​IMG]

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    چڱو اوهان جي صبر کي گهڻو ڪونه ٿو آزمايان، ڪوشش ٿو ڪريان ته سنڌي ويبسائيٽ تي سنڌي فونٽ بنا انسٽال ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي، لڳائڻ جي باري ۾ اوهان کي سولن لفظن ۾ سمجهايان۔

    اوهان کي ڪرڻو هيئن آهي جو HTML جي <HEAD> </HEAD> سيڪشن جي اندر CSS ذريعي پنهنجي فونٽ جي سڃاڻپ ڪرائڻي آهي۔۔ ڪيئن؟ چڱون هيئن ٿو ڪريان جو پهريان اوهان کي ڪوڊ ٿو ڏيکاريان۔
    [​IMG]

    1) هتي اوهان فونٽ کي جي خاصيتن کي بيان ڪرڻ وڃي رهيا آهيو۔
    2) هتي فونٽ فيملي يعني سولن لفظن ۾ فونٽ جو نالو لکندئو۔۔۔ ڪنهن به فونٽ جي نالي جي ڄاڻ کيئن حاصل ڪجي، هيٺ سمجهايان ٿو۔
    3) هتي اوهان ٻڌائيندائو ته فونٽ جينهن جو نالو اوهان (2) تي لکيو اهي انهي جي انٽرنيٽ تي ايڊريس ڪهڙي آهي۔ اهو فونٽ يا ته اوهان پنهجي مهيا ڪيل ويب هوسٽنگ تي محفوظ ڪيو هوندو، يا ڪنهن ٻئي جي ويب سرور تي ٿي سگهي ٿو۔

    مٿي بيان ڪيل طريقي موجب هڪ دفعو اوهان ٺيڪ سان فونٽ جو source بيان ڪري ڇڏيو ۽ فونٽ جي فيملي جو نالو به لکي ڇڏيو ته ان کان پوءِ اوهان فونٽ کي تحرير ۾ ڪٿي بي استعمال ڪري سگهو ٿا، جيئن Arial يا tahoma يا ٻيو ڪو فونٽ استعمال ڪندا آهيو۔۔

    جيئن :

    <font
    ڪوڊ:
    <font face="MBLateefi" color="green">
     
    سنڌ سلامت ۔۔ ساٿ سلامت
     
    </font>
    >


    آخر ۾ اهو سوال ته font-family يا فونٽ جو نالو ڪيئن معلوم ڪجي۔۔ ته۔۔۔
    [​IMG] سنڌي فونٽ جو filename ڪجهه به ٿي سگهي ٿو xyz.ttf يا ڪو ٻيو نالو پر font-family اها هوندي جيڪا فونٽ کي کولڻ کان پوءِ Heading جي صورت ۾ نظر اچي۔۔ اميد ته ڪجهه نه ڪجهه اندازو ٿي ويو هوندو۔۔ جي نه ته فورم اوپن آهي۔ سوال لکي ڇڏيو۔۔ ڪوشش ڪبي ته مسئلو حل ٿي وڃي۔۔ ۽ ها۔۔۔ جيڪڏهن رجسٽر ناهيو، ته هن فورم تي رجسٽر ٿي پوءِ اوهان پنهنجو مسئلو بيان ڪري سگهو ٿا۔۔ لولز

    مون سال کن اڳ تجربو ڪيو هئو۔۔۔ اڄ فيسبوڪ جي سنڌي ڪمپيوٽنگ تي هڪ پوسٽ ڏسي هي ياد آيو۔۔
    هتي ڪلڪ ڪري ٻڌايو ته اوهان کي منهنجي ڪيل تجربي واري پيج تي فونٽ صحيح ٿا نظر اچن؟

    سنڌ سلامت ۔۔۔ ساٿ سلامت۔۔۔
    سدائين گڏ۔۔
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,834
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي شيئرنگ ۔۔۔۔ اميد ته دوستن لاء فائديمند ثابت ٿيندي

    هاڻي ڳالهه اها آهي ته پاڻ html جي معاملي ۾ ڪجهه به نه ڄاڻون۔ باقي ها اهو ساڳيو ڪم مان سمجهان ٿو ته بلاگ تي به ٿي سگهي ٿو۔ ان باري ۾ ڄاڻ ڏجو ته مهربانيون ٿينديو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ادا بلاگ تي به ٿي ويندو هو ڪم۔۔ مطلب سنڌي فونٽن سان بلاگ به سينگاري سگهجي ٿو، سو به بنا فونٽ انسٽال ڪرڻ جي ۔ پر مونکي ان معاملي ۾ ذيشان رشيد کان ٿوري مدد وٺڻي پوندي۔ بلاگ واري سلسلي ۾ اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي۔۔ اول خير۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,921
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين تمام سٺي معلومات آهي ويب سائيٽ تي فانٽ html ذريعي اڪثر ڏٺو ويو آهي بلاگ تي به ڏئي سگهجن ٿا اهڙو تجربو مون به ڪيو آهي ليڪن ان معاملي ۾ سائين ذيشان رشيد وڌيڪ تجربو رکن ٿا توهان انهن کان معلوم ڪري پوء پنهنجو تجربو به ان شامل ڪري دوستن کي سمجهائيندا ته چار چنڊ لڳي ويندا۔
    مون جيڪو فانٽ بلاگ تي اپلاء ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان جي هڪ جهلڪ هتي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا ليڪن اڃا ان ۾ ڪم جي ضرورت آهي۔
    http://sindhinaatkhwani.blogspot.com/p/blog-page.html
    سائين ٻيو عرض ته توهان جيڪو ڪوڊ مٿي ڄاڻايو آهي لڳي ٿو ان ۾ اڃا اصلاح جي ضرورت آهي۔
    اوهان اوطاق تي ڦيرو پائڻ جي دعوت ڏني اوطاق تي پهتاسين ليڪن شايد بجلي نه هئي ان ڪري ڪجهه ڏسڻ ۾ نه آيو (خوشطبعي معاف ڪندا۔)
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ

    اوهان ڪوشش ڪئي۔۔ ڪم به ٿي ويندو۔۔
    سائين ٿي سگهي ٿو مٿي ڪوڊ ۾ ڪا غلطي هجي، نشاندهي ته ڪريو۔۔ باقي مون جيڪو تجربي واري پيج جي لنڪ موڪلي اهو اي اوطاق نه پر www.sajjad224.freeweb.pk آهي۔۔ هن صفحي تي مون سنڌي فونٽ هڻڻ جو تجربو ڪيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,921
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين اصل مسئلو هي ٿيو جو توهان جي لنڪ فائر فاڪس ۾ صحيح نه پئي کلي بهر حال ٻئي برائوزر ۾ فانٽ اپلاء ٿيل نظر آيا اهو تمام بهتر ليڪن بلاگ ۾ ڪيئن اپلاء ڪجن ان متعلق عرض هيو۔ باقي ڪوڊنگ جي مهارت مون کي به گهڻي ڪانه آهي ليڪن <HEAD> جو ٽيگ بند نظر نه پيو اچي html ۾ سورس کان پوء اڪثر برابر جي نشاني هوندي آهي شايد CSS جي اندر مختلف هجي بهرحال اوهان جي ڪوڊ شامل ڪرڻ سان ٻڌايل ايڪشن نظر ڪونه پيو اچي ان ڪري اگر اوهان ان تي نظر ثاني ڪرڻ فرمايو ته بهتر ٿيندو۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. احمد علي مڱريو

    احمد علي مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 مئي 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    85
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    مون ڪوشش ڪئي ته اهو فونٽ فيس وارو تجربو بلاگر تي ڪري ڏسان پر اڃان تائين ڪاميابي نصيب نه ٿي آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين احمد مون تجربو ڪيو هئو۔۔ وري ڪيو اٿم۔۔۔ هيٺئين پيج تي ايم بي لجپت راءِ فونٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ اوهان پڪ ڪري ٻڌايو ته تبديلي نظر اچي ٿي يا نه!

    http://e-otaq.blogspot.com/2012/11/blog-post.html
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين اصل مقصد رڳو CSS جي سيٽنگ سمجهائڻ هئو۔ اسڪرين شات وٺڻ مهل شايد HEAD واري ٽيگ ٺيڪ سان ظاهر نه ٿيو آهي ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,645
    ورتل پسنديدگيون:
    5,647
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    نه صرف ٽيمپليٽ ۾ پر ايڪسٽرا سي ايس ايس ۾ درست ڪوڊ لکي ۔۔ نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا۔۔
    ان سلسلي ۾ مصروفيتن مان فارغ ٿي پاڻ به تجربي آزمائي ڪري دوستن کي سمجهائبو۔۔۔ پر جي توهان وٽ ڪا اڳڀرائي ٿي هجي ته دوستن کي به ڏسجو۔۔۔ ان سلسلي ۾ توهان کي جيڪا مدد گهرجي اها به پڇا ڪري سگهو ٿا۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. احمد علي مڱريو

    احمد علي مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 مئي 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    85
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    سائين توهانجو تجربو بلڪل بهترين آهي۔ پر توهانجي ٽيمپليٽ ۾ فونٽ فيس ۾ يوآرايل سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جي ويب سائيٽ جو ڏنل آهي۔ پر اصل ۾ آئون ڪوشش ڪري رهيو هوس ته فونٽ هوسٽگ بلاگر ۾ ممڪن ڪجي يا ڪو ڳولهجي اهڙو ڪو فائل هوسٽ جيڪو وڏي مدي لا فائل جو ايڪسسبل يوآرايل ڏئي (ريپڊ شئير جون لنڪس ايڪسپائر ٿي وڃن ٿيون)۔ مون گوگل سائيٽس تي فونٽ ته اپلوڊ ڪيا پر ڊائريڪٽ يوآرايل نه ملي سگهيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ادا تجربي طور سائين ماجد ڀرڳڙي جي ويب سائيٽ تي موجود فونٽ ڳولي انهن جو حوالو ڏنم۔۔۔ ضرور آهي ته سنڌي فونٽس جو سرور هجي ۔۔ ٻي اهم ڳالهه ڏانهن اوهان جو ڌيان ڇڪائڻ گهرايان ٿو ته فونٽس اپلاءِ ڪرڻ مهل cross browser سپورٽ ضروري آهي ڪي ڪي برائوزر رڳو اوپن ٽائپ فونٽ سپورٽ ڪن ٿا ڪي وري ٽرو ٽائپ۔۔۔
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا سجاد بهترين.....
     
  14. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,773
    ورتل پسنديدگيون:
    5,821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    منهنجو به سجاد علي چنه ۽ ذيشان رشيد کان اهو ئي سوال آهي ته مٿي تحرير ۾ جيۡا ڳالهه نمبر 3 ۾ نمبر 2 متعلق لکيل آهي انهي جي وضاحت ٿيڻ کپي۔ يا هنن سوالن جا جواب ملن ته ڪم آسان ٿي ويندو۔

    1۔ سجاد صاحب جن ڪٿي اهي فونٽ اپلوڊ ڪري سورس طور استعمال ڪيا آهن؟
    2۔ انهن جو سڌو سنئون لنڪ هلي ويندو يا ايڇ ٽي ايم ايل وارو لنڪ کپندو؟
    3۔ جيڪڏنهن اهي فونٽ گوگل ڊاڪس تي رکجن ته انهي جو لنڪ هلي ويندو ايڇ ٽي ايم ايل بلاگ تي؟
    4۔ سجاد صاحب جي جنهن لنڪ http://sajjad224.freeweb.pk/fonts/MBLateefi.ttf تي فونٽ آهن انهي تي فونٽ تي ڪلڪ ڪرڻ سان ته مٿي کي گهوماٽيون ڏيندڙ الاءِ ڇا کُليو وڃي اهو ڇا آهي؟
    5۔ ڇا اهو ممڪن ناهي ته اوهان ايم بي سنڌي ويب کي ڪنهن ڀروسي قابل هوسٽ تي اپلوڊ ڪري انهي جو ايمبيڊ لنڪ دوستن کي ڏيو ۽ کين ٻڌايو ته هو بلگ جي ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ڪٿي لڳائين ته ڪم پورو ٿي وڃي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. احمد علي مڱريو

    احمد علي مڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 مئي 2012
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    85
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    1۔ سجاد سائين جن اُهي فونٽ هڪ فري ويب سرور تي رکيا آهن۔
    2۔ ٻئي لنڪس هلي ويندا پرجي ڏسندڙ جي ڪمپيوٽر تي فونٽس نه آهن تهسڌو لنڪ ضروري آهي(جيئن سوال نمبر 4 ۾ ڏنلآهي)
    3۔ گوگل ڊاڪس وارو لنڪ هتي هلي نه سگهندو۔
    4۔ هي لنڪ کولڻ سان مون وٽ ته فونٽ فائل ڊائونلوڊ ٿئي ٿو۔
    5۔ اهو بلڪل ممڪن آهي پر انلا ضرورت آهي هڪ هوسٽ جي جيڪو تازه ترين ۽ سڀ فونٽس هوسٽ ڪري۔ پر ان هوسٽ سرور تي ويب سائيٽن جو تعداد وڌڻ سان اُن تي ڪم جو بار وڌندو۔ تنهنڪري ڪم(بلڪه صفا نه) خرچ ۽ بالا نشين حل اهوئي آهي ته ڪو اهڙو فونٽ سرور هجي جيڪو فونٽ فائل رکڻ به ڏئي ۽ انهنجو سڌو لنڪ به ڏئي ۽ بينڊورٿ جو مسئلو به نه ٿئي۔ جنهنجي تلاش جاري رهڻ گهرجي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,663
    ورتل پسنديدگيون:
    6,922
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    تمام سٺي ونڊ.

    توهان وارو طريقو آزمايم ڪم ڪونه ٿيو.
    جيڪڏهن فونٽ انسٽال ٿيل هوندو آهي ته صحيح ڏيکاريندو آهي نه ته ٽائمس نيو رومن (ڊفالٽ فونٽ) ڏيکاري ٿو.

    مون فونٽ جي يو.آر.ايل به ڏني ، گهڻي ئي ڪوشش ڪيم، اڃا تائين مسئلو حل نٿو ٿئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو