دوستو منهنجو مسئلو هي آهي ته مون وٽ ٻه ونڊوز ٿيل آهن پهرين مون ونڊوز 7 ڪئي اُن بعد xp هاڻي مسئلو هي آهي ته dual boot menu نٿو اچي ۽ ونڊوز 7 اسٽارٽ ٿيو وڃي سو ڪنهن دوست وٽ حلُ هجي ته مهرباني ڪري شيئر ڪريو. مهرباني.
توهان بهتر آهي ته پهريائين سي ڊرائيو تي ايڪس پي رکو پي ونڊيو سيون ٻي ڪنهن ڊرائيو تي رکو ته ڊيوئل آپشن اچي وندو ونڊو سيون ڪرڻ مهل اپگريٽ آپشن سليڪن نه ڪندا۔
سائين رحيم بخش جن جي ڳالهه ٺيڪ آهي ته توهان کي پهريان ونڊوز ايڪس پي ڪرڻ گهربي هئي ۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان کي ونڊوز 7 ڪرڻ گهرجي ها۔۔ خير هاڻي مسئلو ته ڪنهن طرح حل ڪرڻو آهي ۔۔۔ توهان سڀ کان اسٽارٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔ هاڻي All Programs کوليو جتان Accessories کوليو هتان Run پروگرام کوليو جتي msconfig لکو ۽ OK تي ڪلڪ ڪريو توهان اڳيان System Configuration جتان Boot ٽيب تي ڪلڪ ڪريو هتي موجود ونڊوز ايڪس پي آپريٽنگ سسٽم کي چونڊيو ۽ ڊيفالٽ طور چونڊيو۔۔ گڏ ٽائيم آئوٽ سيڪشن ۾ 30 سيڪنڊ لکو ۽ اوڪي پريس ڪريو۔۔ جنهن کان پوءِ ميسيج کي ٻيهر نه ڏيکارڻ واري باڪس تي چيڪ لڳائي ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔ ٻي صورت ۾ توهان پروفيشنل بوٽنگ يوٽيليٽي EasyBCD کي آزمائي ڏسو۔۔۔
ادا مون اڳي ئي پنهنجو مسئلو BCD ذريعي حل ڪري ڇڏيو . بحرحال اوهان دوستن جون وڏيون مهربانيون لک قرب ....................