• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

dual boot جو مسئلو

محمد عامر سومرو

سينيئر رڪن
دوستو منهنجو مسئلو هي آهي ته مون وٽ ٻه ونڊوز ٿيل آهن پهرين مون ونڊوز 7 ڪئي اُن بعد xp هاڻي مسئلو هي آهي ته dual boot menu نٿو اچي ۽ ونڊوز 7 اسٽارٽ ٿيو وڃي سو ڪنهن دوست وٽ حلُ هجي ته مهرباني ڪري شيئر ڪريو.
مهرباني.
 
توهان بهتر آهي ته پهريائين سي ڊرائيو تي ايڪس پي رکو پي ونڊيو سيون ٻي ڪنهن ڊرائيو تي رکو ته ڊيوئل آپشن اچي وندو ونڊو سيون ڪرڻ مهل اپگريٽ آپشن سليڪن نه ڪندا۔
 
سائين رحيم بخش جن جي ڳالهه ٺيڪ آهي ته توهان کي پهريان ونڊوز ايڪس پي ڪرڻ گهربي هئي ۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان کي ونڊوز 7 ڪرڻ گهرجي ها۔۔ خير هاڻي مسئلو ته ڪنهن طرح حل ڪرڻو آهي ۔۔۔ :)
توهان سڀ کان اسٽارٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔​
23_1.png
هاڻي All Programs کوليو​
23_14.png
جتان Accessories کوليو​
25_3.png
هتان Run پروگرام کوليو​
25_4.png
جتي msconfig لکو​
25_5.png
۽ OK تي ڪلڪ ڪريو​
25_6.png
توهان اڳيان System Configuration جتان Boot ٽيب تي ڪلڪ ڪريو​
30_7.png
هتي موجود ونڊوز ايڪس پي آپريٽنگ سسٽم کي چونڊيو ۽ ڊيفالٽ طور چونڊيو۔۔ گڏ ٽائيم آئوٽ سيڪشن ۾ 30 سيڪنڊ لکو ۽ اوڪي پريس ڪريو۔۔​
7k21.png

جنهن کان پوءِ ميسيج کي ٻيهر نه ڏيکارڻ واري باڪس تي چيڪ لڳائي ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔​
30_13.png
اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔​
21dual.png
ٻي صورت ۾ توهان پروفيشنل بوٽنگ يوٽيليٽي EasyBCD کي آزمائي ڏسو۔۔۔​
xp_w7_bcdedit_03.jpg
 
Back
Top