سچائي جو جيڪو طلبگار ٿيندو، اهو باغ جنت جو حقدار ٿيندو،،،،،، آخرت جو انڪار يا اقرار انسان جي سيرات ٺاهڻ يا ڦٽائڻ تي اثر انداز هوندو آهي هڪ اهو ماڻهو آهي جنهن جي نظر هن دنيا جي نفعي يا نقصان تي هوندي آهي پر هڪ ماڻهو الله کان خوف ڪندي ڀلائي ڪري ٿو ۽ ٻئي پاسي انسان اخرت جي انجام کي وساري برائي ڪري ٿو ۽ هر وقت ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ اخرت جو فخر نٿو ڪري اهو انسان ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو ۔ اسان کي گهرجي ته هميشه سچ ڳالهايون چاهي سچ ۾ ڪيترو به نقصان ۽ ڪوڙ ۾ ڪيترو به فائدو ڇو نه هجي۔ چاهي سچ جي ڪري ڦاسي ڇو نه اچي پر سچ سان انسان هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ڪامياب ٿيندو۔سچ هميشه ماڻهن کي ڏکيو لڳندو آهي۔ انسان سچ کان جيترو پري ڇو نه وڃي پر سچ انسان سان گڏ هوندو آهي سچ جي سواري جو سفر ڪڏهن نه کٽندو آهي سچ کي اسلام ۾ به تمام اهميت حاصل آهي حضور (صه) جن به سچ ڳالهائڻ جي تاڪيد ڪندا هئا ۽ پاڻ به سچ جا پابند هئا اگر اسان سچ کي پنهنجو پابند بڻايو ته يقينن سچ اسان سان ئي گڏ هوندو اسان جي هر مشڪل آسان ٿي ويندي۔ اگر توهان سڀني کي ڪامياب ٿيڻو آهي ته هميشه سچ ڳالهايو۔۔ شيرين خاصخيلي۔
اوهان جي سچ ۽ سچائي تي لکيل تحرير وڻي ۔۔۔ اميد ته لکڻ جو اهو سلسلو جاري رهندو ۽ اوهان جو قلم سچ جو ساٿ ڏيندي سنڌ جي سونهن ۽ سچائيء کي سچي نموني پيش ڪندو رهندو۔
ڀيڻ ۔ اوهان جي سچ ۽ سچائي تي لکيل تحرير وڻي ؟ ڪوڙ ڳالهائڻ جو اثر گهري زخم جهڙو آهي ، جنهن جي ڇُٽي وڃڻ بعد به نشان قائم رهندا آهن . ڪوڙا دست ،اسان جي پاڇن وانگر هوندا آهن جيڪي روشنئ ۾ ته اسان سان گڏ رهندآهن پر اونداهي اچڻ تي فورا ڇڏي ويندا آهن ؟ ( گهڻا قسم کڻڻ وارو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي )
تمام تعريفون ان پروردگار لاءِ جنهن انسان کي غلط ۽ صحيح جو علم ڏئي ڪري قائنات ۾ موڪليو نه فقط علم ڏئي ڪري پر ان تي اختيار پڻ هن انسان کي ئي ڏنو ۔ پروردگار حق جو انجام عزت ۽ باطل جو انجام رسوائي ۾ پنهان ڪري رکيو ۔ هاڻي هي انسان جي مرضي آهي ته هو عزت حاصل ڪري ٿو يا ذلت ۔ اوهان جي تحرير پسند آئي ۔