شيرين
سينيئر رڪن
سچائي جو جيڪو طلبگار ٿيندو،
اهو باغ جنت جو حقدار ٿيندو،،،،،،
آخرت جو انڪار يا اقرار انسان جي سيرات ٺاهڻ يا ڦٽائڻ تي اثر انداز هوندو آهي هڪ اهو ماڻهو آهي جنهن جي نظر هن دنيا جي نفعي يا نقصان تي هوندي آهي پر هڪ ماڻهو الله کان خوف ڪندي ڀلائي ڪري ٿو ۽ ٻئي پاسي انسان اخرت جي انجام کي وساري برائي ڪري ٿو ۽ هر وقت ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ اخرت جو فخر نٿو ڪري اهو انسان ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو ۔ اسان کي گهرجي ته هميشه سچ ڳالهايون چاهي سچ ۾ ڪيترو به نقصان ۽ ڪوڙ ۾ ڪيترو به فائدو ڇو نه هجي۔ چاهي سچ جي ڪري ڦاسي ڇو نه اچي پر سچ سان انسان هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ڪامياب ٿيندو۔سچ هميشه ماڻهن کي ڏکيو لڳندو آهي۔ انسان سچ کان جيترو پري ڇو نه وڃي پر سچ انسان سان گڏ هوندو آهي سچ جي سواري جو سفر ڪڏهن نه کٽندو آهي سچ کي اسلام ۾ به تمام اهميت حاصل آهي حضور (صه) جن به سچ ڳالهائڻ جي تاڪيد ڪندا هئا ۽ پاڻ به سچ جا پابند هئا اگر اسان سچ کي پنهنجو پابند بڻايو ته يقينن سچ اسان سان ئي گڏ هوندو اسان جي هر مشڪل آسان ٿي ويندي۔ اگر توهان سڀني کي ڪامياب ٿيڻو آهي ته هميشه سچ ڳالهايو۔۔ شيرين خاصخيلي۔