اسلام عليڪم منهنجو نالو نيازڪٽپر آهي مان سنڌسلامت جي اهميت پنهنجي ڀاءُ شاهين سنڌي کان ٻڌي جڏهن رجسٽر ٿيس ته ڏاڍو افسوس ٿيو ته مان اڳ ۾ ڇونه هن ويب سائٽ تي ايس جتي ايتري معلومات گڏ ٿيل آهي ،سنڌسلامت جي سموري سٿ کي جس ڏيان ٿو
ادا نياز ڪٽپر توهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئجي ٿو۔سنڌ سلامت تي توهان کي سنڌيت جو احساس ٿيندو هتي توهان کي هر معلومات ملندي۔۔۔۔۔۔ تعارف وري سيڪشن ۾ وڃي پنهجو مڪمل تعارف ڪرائيندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وري به توهان کي ڀليڪار اميد ته ساٿ سلامت رهندو 1180 اٽيچمينٽ ڏسو
ادا دير آيا درست آيا اسان اوهان کي هن سُهڻي اوطاق تان ڀليڪار ٿا چئون اميد ته حشر کان بعد به پنهنجو ساٿ گڏ رهندو۔ وسلام
ڀلين آئيين اُجاري اڄ اڱڻ ايوان لک لائيق جئيس جاني ٺري پيئڙم جسم ۽ جان لک لائيق ھُيم آسون اچين شل تون، رکي رايو رچين شل تون ڀلي آئيين بچين شل تون، بنيا بستان لک لائيق (لاڙ پٽ جي بھترين ۽ وڏي شاعر مولوي حاجي احمد ملاح صاحب جون ھي سٽون اوھان جي نان)
محترم نياز ڪٽپر کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔خوشي ٿي جو اوهان به پنهنجي ئي فورم سنڌ سلامت جي سٿ ۾ شامل ٿيا ۽ هن اڱڻ تي پير پاتو۔ ادا شاهين سنڌي اسان جو دوست ۽ مهربان آهي، پاڻ جڏهن ڪراچي ايندو آهي ته اسان ڏانهن به پير پائيندو آهي۔ سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون ۽ نڪور خيال فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
نياز ڪٽپر صاحب توهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئجي ٿو، اميد ته ساٿ سلامت رهندو ۔ هن محبتي اڱڻ جي اهميت اڃان به ويتر وڌندي جڏهن اوهان جهڙن جو ساٿ رهندو۔ سدائين گڏ
دوست نياز ڪٽپر کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔